” جب لال لال لهرائي گا تب هوش ٺڪاني آئي گا“

زرار پيرزادو

¨ مٿي ڏنل هيءُ اهو نعرو آهي جيڪو ڪالهه سڄي ملڪ جي فضا ۾ گونجي رهيو هو. ان آواز ۾ شاگردن جو به آواز هو ته شاگردياڻين جو به يونيورسٽي جي شاگردن جو آواز هو ته ڪاليجن ۽ اسڪولن جي شاگردن جو به آواز شامل هو ۽ ان آواز ۾ پوءِ ٻين سياسي تنظيمن جو به آواز شامل ٿي ويو.

¨ اسان کي ان نعري ۾ موجود  جيڪا ”چڙ“ آهي جيڪا بغاوت آهي تنهن سان بيحد همدردي آهي.

¨ صبر جي به ظاهر آهي ته ڪا حد ٿيندي آهي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان هر دور ۾ جيڪي زيادتيون ۽ نا انصافيون ٿيون آهن تنهن تي ظاهر آهي ته هڪ اهڙي چين اڀرڻي هئي جيڪا اُڀ ڏاري ها.

¨ شاگردن کي نيٺ ته روڊن تي نڪرڻو هو، جڏهن اوهان انهن جا تعليم جا بنيادي حق کسيندئو ۽ انهن حقن ماڻڻ لاءِ جدوجهد جا پليٽ فارم ۽ وسيلا کيسندئو ته ظاهر آهي ته انهن زيادتين مان بغاوتون ڦاٽ کائڻيون هيون .

¨ نوجوان طبقو ملڪ جي آبادي جو 60 سيڪڙو آهن، اوهان سٺ سيڪڙو جي آبادي کي جيڪي ملڪ جا مستقبل آهن تن کي مستقبل جون وڳون نه ڏيندئو ۽ انهن جي مستقبل کي نوگو ايريا بڻائيندو ته نيٺ اهي رنڊڪن جا سڀ بند ڀڃيندا . انهن نوجوان هر ممڪن ڪوشش ڪئي ته اهي ڳالهين ذريعي اوهان کان پنهنجا حق وٺن پر اوهان جڏهن سندن صبر ۽ شرافت جو ناجائز فائدو وٺندئو ته صبر لبريز ئي ٿيندو .

¨ شاگرد تنظيمن تي پابندين جو نتيجو اهو نڪتو جو يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ اسڪولن جون انتظاميائون ”مافيا“ بڻجڻ لڳيون . شاگرد ۽ شاگردياڻين کي بليڪ ميل ڪيو ويو، جنسي طور هراسان ڪيو ويو ۽ شاگردياڻين جا آپگهات جا واقعا وڌڻ لڳا. مشال کي حق گھرڻ تي چٿي ماريو ويو، شاگردن جا بنيادي حق کسجڻ لڳا .

¨ شاگرد تنظيمون جيڪي اصولي ۽ نظرياتي سياست جون نرسريون هونديون هيون سي بلڊوزر ڪري ملڪ اندر غير سياسي ٽيڪنوڪريٽ ۽ ڪاروباري قسم جي سياست جو نظام متعارف ڪيو ويو .

¨ حد تڏهن ٿي جڏهن لاهور جي هڪ يونيورسٽي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي داخلا کان اڳ حلف کڻايو ته اوهان هتي سياست نه ڪندئو. اهو حلف نامو ئي موجود شاگرد تحريڪ جو ٻارڻ بڻيو .

¨ ان گدلي سينور مان اورنگزيب عروج نالي هڪ نيل ڪنول ڦٽي نڪتو . ان جوش ۽ ولولي واري نوجوان شاگردياڻي فيض احمد فيض ميلي جي دريافت آهي. جنهن فيض ميلي ۾ هڪ نظم پرهيو ۽ ان نظم، نوجوان طبقي جي ستل جذبن کي ڇرڪ ڀري جاڳائي ورتو ۽ پوءِ اهو جذبو قافلو بڻجندو ويو ۽ ڏسندي ڏسندي سڄي ملڪ اندر پکڙجي ويو.

¨  ڪڏهن ڪڏهن ڪي ننڍا واقعا وڏا واقعا بڻجي انقلاب آڻي ڇڏيندا آهن، اورنگزيب عروج به اهڙي انقلاب جي صدا بڻجي سگهي ٿي.

¨ هن شاگرد تحريڪ ۽ شاگرد ايڪتا ريلي جا جيڪي به روح روان آهن، جيڪي به لال لال يعني سُرخا آهن تن يقينن سوچي سمجهي هن جدوجهد کي ”اسٽوڊينٽس ايڪشن ڪاميٽي“ جي عارضي پليٽ فارم تان کنيو آهي پر جيڪڏهن وقت جي حاڪمن کي اڃا به ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته پوءِ هن تحريڪ جا بي ۽ سي وارا جيڪي پلان هوندا سي يقين ڄاڻو ته مولانا فضل الرحمان وارا نه پر انقلابي پلان هوندا .

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته هن هلندڙ شاگرد تحريڪ جا مطالبا نج شاگردن جي حقن تائين محدود آهن پر انهن کي اڃا به نه سمجهيو ويو ته پوءِ اُهو ئي ٿيندو جيڪو چيو وڃي ٿو ته ” جب لال لال لهرائي گا تب هوش ٺڪاني آئي گا “

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.