آءِ ٽي ملازمن سان سنڌ حڪومت جي بال راند

ڊاڪٽر عابده گهانگهرو

اها ڳالهه ڏاڍي پراڻي ٿي وئي آهي ۽ شايد سڀني کي ياد ٿي رٽجي وئي هوندي ته سنڌ حڪومت جي مخلتف ادارن ۾ آءِ ٽي ملازم گذريل 28-30 سالن کان وٺي سروس اسٽرڪچر، پروموشن ۽ سرڪاري ملازمت تحت هلندڙ ٻين سهولتن کان وانجهيل آهن ان سلسلي ۾ گذريل چند سالن کان سموريءَ سنڌ مان مختلف کاتن جي آءِ ٽي ملازمن جي ٺاهيل تنظيم آءِ ٽي اي اي  (ITEA) آءِ ٽي املپلائيز ايسوسيئيشن هڪ پر امن ۽ معتبراڻي جدوجهد ڪري رهي آهي، پر هي صابر شاڪر نوجوان شايد زندگي جي ان تلخ حقيقت کان آشنا هوندي به اڻڄاڻ آهن ته هن ديس ۾، هن رياست ۾ بنا ڪنهن احتجاجي ڌرڻي، مٿي ڦاڙائڻ، ٽنگون ڀڃرائڻ، ڳوڙها  گئس يا واٽر گن جي ذلت برداشت ڪرڻ کانسواءِ حق ملڻ ناممڪن آهن .

يا  وري کين يقين ۽ اميد آهي ته جهڙيءَ ريت آءِ ٽي ۽ ڪمپيوٽر جي فيلڊ ۾ ڪم ڪرڻ نهايت زيبائتو هوندو آهي ساڳيءَ طرح سندن ترقيون ۽ اپگريڊيشن زيبائتي نموني ٿي ويندي ۽ الله سائين ڪري ائين ئي ٿئي، پر في الحال اهڙي ڪابه صورت نظر نه ٿي اچي .

سنڌ سرڪار پاران وڏي وزير جي هدايتن ۽ قانوني تقاضائون پوريون هجڻ ۽ فنانس کاتي پاران هرفار ملٽي پوري ٿيڻ جي باوجود اپگريڊيشن واري معاملي کي ڪڏهن سنڌ ڪابينه ڪاميٽي جوڙي ٽرڪائي ٿي ڪڏهن ڪاميٽي ميٽنگن جا آسرا ڏئي ٽرڪايو وڃي ته ڪڏهن وري فنانس ڊپارٽيمينٽ جا روز روز بدلجندڙ آفيسر نامعلوم سبب ڪري معاملو هروڀرو اٽڪائڻ جي چڪر ۾ مصروف نظر اچن ٿا . جيڪڏهن مسئلو فنڊز جو آهي ته پوءِ اهو ٻين کاتن ۽ ٻين پوسٽن لاءِ ڇو نه آهي . هزارن جي تعداد ۾ استادن، داڪٽرن، ڪلارڪن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف، نرسن وغيره جون باقاعدي ترقيون ٿينديون رهن ٿيون، تازو سَون جي تعداد ۾ ڊاڪٽرن جون 18، 19 ۽ 20  هين گريڊ ۾ ترقيون ٿيون آهن، جيڪي باقاعدگيءَ سان چند سالن کانپوءِ ٿينديون رهن ٿيون اتي ڇا حڪومت تي ناڻي تي ٻوجهه نه ٿو پوي؟ استادن کي 19 ۽ 20 گريڊ به ڏنا ويا آهن اتي حڪومت جي فنڊز جو معاملو نه ٿو اٿي؟ هر پنجن کان اٺن سالن ۾ انهن ملازمن جون ترقيون ٿينديون رهن ٿيون انهن لاءِ ڇا هر چند سالن کانپوءِ فنانس ڊپارٽمينٽ ۾ نوٽن جا ٻوٽا پوکيل آهن جن جي فصل لهڻ سان فنڊ پورا ٿي وڃن ٿا ۽ آءِ ٽي ملازم 30 سالن کان وٺي ساڳئي گريڊن ۾ دفن ٿيندا پيا وڃن انهن نکي انهن جي حق ڏيڻ محل فنڊز نه هجڻ جو ناٽڪ شروع ٿو ٿي وڃي ۽ 30-28 سالن کان محروم نوجوانن کي انهن جو جائز حق ڏيڻ مهل حڪومت کي پنهنجو خزانو خالي ٿيندي نظر ٿو اچي ۽ کاتا ئي کٽي ٿا وڃن . اهڙي صورتحال ڏسي هن ڪرپشن ۽ رشوت خوريءَ واري ديس ۾ ذهنن اندر ڪيترائي سوال اڀرن ٿا ۽ شايد انهن سوالن جا جواب ملڻ لاءِ به ”فنڊز“ جي ضرورت پوي ٿي .

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٻين پوسٽن جا باقاعدي سروس اسٽرڪچر ٺهيل آهي ملازمن کي خبر هوندي آهي ته هو ڪهڙي سال ۾ ڪهڙي گريڊ ۾ اچي ويندا ۽ اهو سروس اسٽرڪچر به حڪومت جي ادارن پاران ئي ٺاهيو ويندو آهي . ڪنهن به ملازم جي ڀرتيءَ کان اڳ ۾ باقاعدي پلاننگ ڪئي ويندي آهي ۽ SNE کانپوءِ ئي ملازم ڀرتي ٿيندو آهي، چاهي اهو هڪ گريڊ جو هجي يا 20 گريڊ جو ، جڏهن ته آءِ ٽي يا ڪمپيوٽر جا ماهر ملازم رڳو ڪم ڪڍڻ لاءِ رکڻ جي عجلت ۾ حڪومتي ادارن هميشه انهن سان ويساهه گھاتي ڪري کين ڀرتي ڪيو آهي . بنا ڪنهن سروس اسٽرڪچر ٺاهڻ هي هزارن جي تعداد ۾ ڀرتيون ڪري انهن مان سرڪار گذريل ڪيترن ئي سالن کان جانورن وانگر ڪم ڪڍندي رهي آهي پر کين ترقي ۽ جائز حق ڏيڻ مهل کين ئي قصوروار ڄاڻايو ٿو وڃِي ته توهان جو ته سروس اسٽرڪچر ئي ناهي ، هت سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهو ڪم ادارن جو آهي يا هر هڪ ملازم کي پنهنجو سروس اسٽرڪچر گھران ٺاهي کڻي اچي پوءِ ڀرتي ٿيڻو هو؟

اها سراسر حڪومتي ادارن جي ڪوتاهي آهي جنهن جي سزا معصوم نوجوان سالن کان ڀوڳي رهيا آهن . اڄ به حڪومت پنهنجي ان ڪوتاهيءَ جو ازالو ڪري نوجوانن کي اپگريڊ ڪرڻ بدران کين رلائي رهي آهي . هڪڙو آفيسر ٻئي تي، ٻيون ٽئين تي، ٽيون چوٿين تي ڳالهه مڙهي هنن نوجوانن جي احساس ۽ عزت سان کيڏي رهيا آهن اهو انتهائي مزمت جوڳو عمل آهي . هن رياست ۾ حق تڏهن ٿو ملي جڏهن ماڻهو تڙپي تڙپي  ساڻو ٿو ٿئي، هينئر سنڌ ۾ 4000 کان مٿي آءِ ٽي ملازم ڪم ڪري رهيا آهن. انهن مان سواءِ هڪ ٻن کاتن جي باقي سڀن ملازمتن ۾ پروموشن، اپگريڊيشن ، سروس اسٽرڪچر کان محروم آهن . انهن هڪ ٻن کاتن ۾ فنانس ڊپارٽمينٽ به شامل آهي . فنانس ڊپارٽمينٽ وارا پنهنجي کاتي جي ماڻهن کي پروموشن ڏئي سندن وات بند ڪيون ويٺا آهن ۽ انهن جي خاموش رهڻ ڪري سندن کاتي جي ڪم ۾ ڪابه رڪاوٽ پيش نه ٿي اچي ، باقي سموريءَ سنڌ جي ملازمن کي هنن رولي ڇڏيو آهي . نوجوان 10-10-15-15 ڏينهن اچي کين اپگريڊيشن جو معاملو اڪلائڻ لاءِ منٿون ايلاز ڪن ٿا پر آفيسرن جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري ۽ جيئن ته ان سان سندن ڪم متاثر نه ٿو ٿئي . ان ڪري ٻيا وڃن کڏ جي تري ۾ . ان رويي جي سخت مذمت ڪجي ٿي ۽ سنڌ حڪومت کي  گھرجي ته انهن نوجوانن جي آواز کي لازمي طور کليل ڪنن سان ٻڌي ۽ پهرين مرحلي ۾ سندن اپگريڊيشن  ڪري پوءِ ٻين مرحلن ۾ سروس اسٽرڪچر وغيره لاءِ جوڳا اپاءَ وٺي .

وڏڙا ڪنهن به ڳالهه لاءِ چوندا هئا ته پٽ اهو زماني جو دستور آهي جيستائين ڪم ڇڏ هڙتال نه ٿيندي تيستائين  ڪم نه ٿيندو . ڪلارڪ آفيسون بند ڪري ويهن ٿا، ڊاڪٽر ۽ نرسون او پي ڊي ۽ مريض ڏسڻ ڇڏي ويهن ٿا ، تڏهن انهن کي حق ملي ٿو ، استاد چون ٿا ته انهن پڙهائڻ ڇڏي روڊن تي ڌرڻا هنيا ان ڪر ي هنن کي ان جدوجهد کانپوءِ ترقيون مليون . هاڻي سرڪار کان هڪ نماڻو سوال آهي ته ڇا آءِ ٽي ملازم ساڳئي ئي گس تي هلن ؟

هت ڪيترائي ادارا ڪمپيوٽرائيزڊ سسٽم تي هلن ٿا، آءِ ٽي سرشتو تقريبن هر جاءِ تي ادارن ۾ ڪرنگهي واري حيثيت رکي ٿو ۽ اهو پاڻهي نه ٿو هلي . ان کي هلائڻ وارا مزدور هٿ آهن ۽ سهولتن کان وانجهيل اهي هٿ اهو سوال ڪن ٿا ته ڇا انهن سمورن سسٽمز کي بند ڪرڻ جي صورت ۾ حق ملندو؟ روڊن تي نڪري ڌرڻا هڻڻ کانپوءِ  سندن آواز ٻڌو ويندو؟  ۽ آخر ڪيستائين سندن صبر جو امتحان ورتو ويندو ؟

ڪاميٽيون، ڪاميٽين جا منٽس سمرين جي هيڏانهن کان هوڏي، هوڏانهن کان هيڏي بال وانگر کيڏ، صلاحون، مشورا، اهي سڀ هٿ ٺوڪيون رڪاوٽون آهن نه ته اپگريڊيشن جو معاملو سنئون سڌو، اصولي اهليت ۽ قانون مطابق  آهي . جيئن ٻين صوبن ۾ ٿيو آهي ائين ئي هن صوبي ۾ به ٿيڻ گھرجي ۽ جلد از جلد بنا ڪنهن رڪاوٽ جي ٿيڻ گهرجي . ياد رهي ته انکانپوءِ پنجاب به ملازمن کي اپگريڊ ڪيو آهي پوءِ سنڌ وارن کي ڪهڙي تڪليف ٿي پهچي؟ ڪاغذي ڪارروايون ۽ رڪاوٽون سکڻين ڪنين وانگر آهن جن جي اندر ۾ ڪجهه به ناهي پر چاهن گھڻو ٿيون . جنهن به آفيسر کي چئو، وزير، مشير پارليامينٽرين کي چئو ته دلاسا وڏا ٿا ڏين پر ڪاغذي ڪاررواين  ۾ ايڏو ته منجهايو ٿا ڇڏين جو ڪم نبرڻ جو نالي  ئي نٿو وٺي .

ان سموريءَ صورتحال  مان محسوس ائين ٿو ٿئي ته سنڌ سرڪار ٺلها دلاسا ڏئي آءِ ٽي ملازمن جي حق گھرڻ واري مطالبي سان بال جيان کيڏي وقت ٽاري رهي آهي يا وري ڪو ٻيو اندروني ڳجهو معاملو ٿي سگهي ٿو جيڪو عوام جي سمجهه کان مٿي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.