جواني ڪير موٽائيندو؟

نذير سومرو

انسان ڪيترو بالغ ٿيو آهي يا ڪڏهن اهو معراج ماڻيندو. اهو ممڪن به آهي يا اسان سڀني جي خوشفهمي. هڪ پَل ۾ ملڪن جا ملڪ رک ڪري سگهندڙ انسان ڪو اهڙو ماپو ٺاهي سگهندو جنهن سان ڪنهن جو ڏک ماپي سگهجي.

عمر جي هن حصي ۾ چوويهه ڪلاڪ ئي اهو سوال ذهن ۾ گردش ڪندو رهي ٿو . مايوس ناهيون پر اهڙيون خبرون روزانو جي بنياد تي اندر کي بلڪل ائين کائي رهيون آهن جيئن درياءَ مستي ۾ اچڻ وقت پنهنجي ماپ وڌائڻ لاءِ پنهنجي ئي پاسن کي کائيندو آهي فرق اهو آهي ته ان سان درياءَ پاڻ کي وڌائيندو آهي ۽ اسين (مون جهڙا ڪيترا) پاڻ کي کُٽائيندا آهيون.

اسان جي ملڪ جي ترقي ته اسان جي سامهون آهي ۽ ان جا عذاب روزانو اکئين ڏسون ٿا ڀوڳيون ٿا پر (هڪ خبر موجب) آمريڪا جهڙي انتهائي ترقي يافته چورائيندڙ ملڪ ۾ ٽن ماڻهن کي ڇٽيهه سال اجايو قيد ۾ رکڻ کان پوءِ آزاد ڪيو ويو آهي واري خبر اسان جهڙن جي ذهنن ۾ هلندڙ ان جنگ کي وڌائي ڇڏيو آهي ته انساني ڪردار مايوس ٿيڻ جو جواز ختم ڪونه ڪيو آهي. ڇا اهو سڀاڻي ڪري سگهندو ان تي به وري سوال جو نشان لڳائي ڇڏيو آهي ۽ مستقبل قريب ۾ نظر ڪونه ٿو اچي.

آمريڪا ۾ ئي ان کان اڳ به اهڙا وقعا ٿيندا رهيا آهن پوءِ کڻي انهن کي ان جو معاوضو ڏنو ويو پر جوانيءَ جا ڏينهن ڪير ٿو واپس ڪري سگهي. ڇا جوانيءَ جي ڪا قيمت آهي. صرف هڪ جوانيءَ جو ٻيءَ جوانيءَ ڏانهن مرڪي نهارڻ جو ڪو جوهري ملهه ڪَٿي سگهي ٿو؟ ٻيون رنگينيون ته تصور ۾ به ڪونه ٿيون اچن.

آمريڪا کان پوءِ باقي دنيا لاءِ به اها ڳالهه ڪا نئين ڪونهي اڳ ۾ به ائين ٿيندو رهيو آهي. اسان جي فلم انڊسٽري جي ليجينڊ اداڪار ڇا ته اداڪاري ڪئي هئي ان ساڳئي موضوع تي ٺهندڙ فلم ۾ جنهن جو نالو هو ”انصاف اور قانون“. محمد علي ان ئي فلم ۾ اجايو قيد ڪاٽيندڙ بيگناهه سڏي آزاد ٿيڻ کان پوءِ جج کان اهو سوال ڪيو هو ته مون کي منهنجي خوبصورت جواني موٽائي ڏيو جنهن ۽ ان جهڙن ٻين ڊائلاگن سينيما حال کي روئاري وڌو هو.

ته پوءِ آخر جهول ڪٿي آهي؟ انصاف کي سستو ۽ سولو بڻائڻ ۾ انسان اڃان تائين ڪامياب ڇو ڪونه ٿيو آهي؟

اهڙي قسم جا سوال مون ڪجهه دوستن (فيصلو ڪندڙ چڱن مڙسن ۽ ججن) کان ڪيا جن جو جواب هو ته جڏهن ڪو جج اهو عهدي تي هجي يا عام فيصلو ڪندڙ ٻهراڙيءَ جو ڪو چڱو مڙس، تنهن اڳيان صرف ڳالهيون هونديون آهن نه ڪي ڪو فلم جنهن کي ڏسي هو فيصلو ڪري سگهي. ٻيو ته فيصلا شاهديءَ جي بنياد تي ٿيندا آهن نه ڪي جذبات جي بنياد تي.

هڪ فلم جيڪا راج ڪپور(شومين آف دي ملينيم) 1952 ۾ ٺاهي هئي ان ۾ هڪ ڪيس ۾ نرگس (وڪيل) پنهنجي محبوب راجڪپور (ملزم) جي حق ۾ دليل ڏيندي دل جو ذڪر ڪيو جنهن تي جج صاحب چيو ته قانون دل کي ڪونه مڃيندو آهي جنهن تي نرگس چيو ته دل به قانون کي ڪونه مڃيندي آهي. سو دل جي بنياد تي، جذبات جي بنياد تي فيصلا ڪونه ٿيندا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ ملڪي ڪورٽ جي هڪ وڏي جج صاحب به اها ڳالهه  دهرائي (جيڪا گهڻا ڪندا رهيا آهن) ته جيڪڏهن اوهان شاهدي ڏيڻ جي همت نه ٿا رکو ته پوءِ ڪورٽن مان به انصاف جي اميد نه رکو.

هنن جو چوڻ هو ته ڪا به ڌر جيڪڏهن سچ چڱيءَ ريت ڳالهائي ڪونه سگهندي آهي ۽ ان جي مقابلي ۾ ڪا ڌر ڪوڙ اثرائتي نموني ڳالهائي ٿي جنهن کي ٻڌي سچ جو گمان ٿئي ٿو ته فيصلو ان جي حق ۾ ٿي ويندو. يعني ڳالهه وڃي اها ٿي بيهي ته اوهان پنهنجو سچ يا ڪوڙ ڪهڙي اثرائتي نموني ڳالهائي سگهو ٿا؟

ته ڇا ان سموري ڳالهه کي ڳالهائڻ جي انداز سان ڳنڍي نظرانداز ڪري ڇڏجي؟ ڇا سماج ۾ رهندڙ ماڻهن جو گڏيل ڪم اهو ڪونهي ته اهڙو سماج جوڙين جتي سستو انصاف ملندڙ هجي.

يورپ ۽ ٻيا ڪجهه ملڪ توڙي جو اهڙو نظام ٺاهڻ ۾ ڪامياب ويا آهن پر پوءِ اتي ڪي جهول رهجي ويل آهن ۽ هي واقعو به ته اهڙي ئي ترقي يافته ملڪ جو آهي جنهن وٽ دنيا جي سموري دولت جو اڌ موجود آهي. ته پوءِ اهي حڪمران جيڪي ايتري دولت پاڻ وٽ گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن جنهن لاءِ بيشڪ انهن کي ڪيتريون ئي ٻه نمبريون ڪرڻيون پيون هونديون. ڇا انهن جو ڪم رڳو دنيا ۾ جنگ جو ماحول جوڙي انهن کي هٿيار وڪڻي پيسا ڪمائڻ ئي آهي؟ ته پوءِ ڇا ان کي ترقي چئجي ۽ ترقي يافته قوم؟ نه ڪڏهن به نه.

انساني ترقي ته اها آهي ۽ چئبي ته ڪنهن مظلوم کي انصاف ڪيترو جلد ۽ سستو ملي سگهي ٿو. اهو ئي سماج ڀلو سڏبو جيڪو اسان جي ملڪ ۾ ناممڪن ۽ يورپ جهڙي ملڪ ۾ ممڪن پر ٿيو ڏکيو آهي. يقين ڪامل آهي ته انسان هڪ ڏينهن اهڙو نظام جوڙي وٺندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.