سڄي ملڪ ۾ شاگرد يونين بحال ڪرڻ جو نعرو گونجي اٿيو

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر( نمائندا) سڄي ملڪ جيان سنڌ به شاگرد يونين جي بحالي سميت شاگردن جي حقن لاءِ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي احتجاج جي سڏ ۾ پوئتي نه رهي. مختلف شهرن ۾ احتجاجي مارچ ڪري ٻڌي  جو ڀرپور اظهار ڪيو ويو.  ڪراچي ۾ شاگردن پاران ريگل چوڪ کان پريس ڪلب تائين مارچ  ڪيو ويو. سياسي ، سماجي اڳواڻن سميت عورتن جي وڏي انگ ۾ شرڪت . لال لال جي نعرن سان شهر گوجندو رهيون .  پريس ڪلب تي  مارچ کي خطاب ڪندي پروگريسو اسٽوڊنٽ فيڊريشن ، جساف ، پي ايس ايف سميت مختلف شاگرد تنظيمن جي اڳواڻن  مارچ کي خطاب ڪندي چيو   ته  اڄ ملڪ ۾ هر طرف شاگردن جي حقن جا نعرا آهن ، حڪمرانن وٽ شاگرد يونين تي لڳل پابندي فوري طور ختم ڪري تعليمي ادارن ۾ شاگرد اليڪشن جو اعلان ڪن . ٻي صورت هن تحريڪ ۾ وڌيڪ تيز ي ايندي اسان پنهنجي حقن لاءِ مستقل بنيادن تي تحريڪ هلائينداسيون. ناليوارو ليکڪ اعجاز منگي  چيو ته مان سمجهان ٿو ته جهڙي نموني فطرت جو موسمون اينديون ۽ وينديون آهن ائين اسان وٽ سامراجي ، جاگيرداري  جي خلاف واري موسمي موٽي پئي . هاڻي وڏيرا شاهي ۽ سامراجي واري سياست نه هلندي .هاڻ نوجوانن ۽ عورت جي حقن واريون تحريڪون زور وٺنديون ۽ هر طرف لال جهنڊا نظر ايندا . ايڇ آر سي پي جي اسد بٽ  چيو ته هاڻ هي نوجوان اسان جا ليڊر آهن اسان انهن جي پويان آهيون . انهن جا تمام مطالبا آئين ۽ قانون مطابق آهن جيڪي سرڪار کي هر حال ۾ پورا ڪرڻا پوندا . سماجي اڳواڻ جبران ناصر  چيو ته  مونکي خوشي آهي هن سماج ۾  جدت موجود آهي . هي جيڪي شاگرد نڪتا آهن اهي ثابت ٿا ڪن ته ملڪي سياسي پارٽيون شاگردن کي  فيصلي سازي ۾ شامل ناهي ڪري سگھيون  شاگرد يونين جي خال کي ڀري ناهين سگهيون تنهن ڪري اڄ هي شاگرد پنهنجي حقن جي لاءِ سڄِي ملڪ ۾ روڊن تي نڪتل آهن. ناري محاذ جي اڳواڻ صدف ٿلهو چيو ته   اسان سڀ جا سياسي ورڪر شادگردن سان گڏ آهيون. لاڙڪاڻي ۾ به پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪاميٽي پاران شاگرد يڪجهتي مارچ جي سلسلي ۾ شهر جي ٽئنڪ چوڪ کان پريس ڪلب تائين شاگرد مارچ ڪيو ويو .ان موقعي تي پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي اڳواڻ خان غفار خان، ڪامريڊ عتيق چانڊيو، ايس يو پي اڳواڻ محمود ڀٽو، عوامي ورڪرز پارٽي جي سينگار نوناري، جيئي سنڌ محاذ جي نور سنڌي، قمبر يوٿ فورم جي ڪامريڊ اياز علي، چانڊڪا جي شاگرد ڊاڪٽر عمران علي، باڊهه نوجوان اتحاد جي صدام جوڻيجو، سنڌي ادبي سنگت جي ستار هليو، استاد خالد چانڊيو، سجاڳ ٻار تحريڪ جي اعتزاز احمد ۽ ٻين چيو ته تعليم کي نفعي خوري جي ڪاروبار ۾ تبديل ڪري تعليمي معيار کي هيٺين سطح تي آندو ويو آهي ۽ ڳاٽي ٽوڙ فيسون ورتيون پيون وڃن اهڙي صورتحال ۾ محنت ڪش طبقو ته پري جي ڳالهه پر وچولي طبقي سان واسطو رکندڙ نوجوانن لاءِ به تعليم پرائڻ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي. قمبر يوٿ فورم شاگردن پاران تعليم جي واڌاري لاءِ پريس ڪلب  آڏو احتجاج ڪيو. ڀان سيدآباد شهر جي سرڪاري اسپتال ڀان کان بيروزگار نوجوان تحريڪ پاران وڏي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪندي پريس ڪلب ڀان اڳيان ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري چڏيو .  ان  موقعي تي ڌرڻي کي اڳواڻن شاگرد آرگنائيزر بيروزگار نوجوان تحريڪ ڪامريڊ شاه محمد پنهور  ٻين خطاب ڪيو . ڏوڪري ۾ شاگردن سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي. اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪاميٽي پليٽ فارم تان اعزاز سنڌي، شيراز سنڌي ۽ سخيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري شهر  جو گشت ڪيو ويو. مورو م پروگريسو اسٽوڊنٽ فيڊريشن طرفان "شاگرد يڪجھتي مارچ” ڪيو ويو جنھن م سياسي سماجي علمي ادبي حلقي سان تعلق رکندڙن شاگردن شاگردياڻين وڏي انگ م شرڪت ڪئي. مارچ مورو شھر جي دادو باءِ پاس کان ڪامريڊ يونس راھو، ھاشم کوسو، رضوانه  شاھ، ُجالا انيلا عادل، اڪبر، امير لغاري ۽ ٻين خطاب ڪيو. پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي طرفان گھوٽڪي ۾ به شاگرد يڪجهتي مارچ ڪڍي وئي ۽ شاگرد يونين جي بحالي جو مطالبو ڪيو ويو. پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن گھوٽڪي جي شاگردن ٻين شاگرد تنظيمن سان گڏجي پريس ڪلب کان پپل چوڪ تائين مارچ ڪيو ويو. مارچ ۾ پي آر ايس ايف، سپاف، نوجوان سنگت، نوجوان اتحاد گھوٽڪي ۽ ٻين تنظيمن سميت مختلف يونيورسٽين جي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جنهن دوران هنن انقلابي نعرن ۽ نظمن سان گڏ پنهنجا مطالبا پڻ ورجايا.مارچ کي خطاب ڪندي شاگرد اڳواڻن جو چوڻ هو ته تعليم کي نفعي خوري جي ڪاروبار ۾ تبديل ڪري تعليمي معيار کي ھيٺين سطح تي آندو ويو آهي ۽ ڳاٽي ٽوڙ فيسون ورتيون پيون وڃن. تليمي ادارن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي مداخلت فوري طور بند ڪئي وڃي ۽ سياسي قيدي شاگردن تان ڪيس واپس وٺي کين بنا دير آزاد ڪيو وڃي. شهدادپور اسٽوڊنٽس فورم پاران انجينيئر علي دوست عمراڻي . زاهد سنڌي ، سجاد ابڙو ، اشرف عمراڻي وقار لغاري ۽ جاويد ڪيريو. سول سوسائٽي سنڌ جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ غلام مصطفي سومرو جي سربراهي ۾ پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. شاگردن چيو ته يونيورسٽين مان شاگردن جي جبري گمشدگي . نياڻين سان زيادتيون ۽ فيسن ۾ اضافي جهڙيون ڪئين بي ظابطگيون ٿي رهيون آهن

اسلام آباد/ لاهور/ پشاور (بيورو رپورٽ/ م ڊ)  شاگرد يونين جي بحالي، شاگردن جي حقن، ادارن کي فورسز، تشدد ۽ انتهاپسندن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ سڄي  ملڪ ۾ شاگردن تاريخي مارچ ڪيا. مارچ جو سڏ ڏيندڙ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي  مطالبو ڪيو آهي ته يونيورسٽين ۾ سيڪيورٽي فورسز جي مداخلت ڪري تعليم کي مفت ڪيو وڃي ۽ هر ضلعي ۾ يونيورسٽي قائم ڪئي وڃي. لاهور ۾ ناصر باغ کان مارچ ڪيو ويو جنهن ۾ سڄاڻ  ڌريون به شريڪ ٿيون. مارچ اسيمبلي تائين پهتو. لاهور جي مارچ ۾ پ  پ ش ڀ اڳواڻ غنويٰ ڀٽو، حبيب جالب جي ڌيءُ طاهرا جالب ۽ ٻيا به شريڪ ٿيا.   اسلام آباد ۽ ٻين شهرن ۾ شاگردن سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ مارچ ڪيا ويا. پشاور ۾ شاگردن ۽ سول سوسائٽي جا اڳواڻ شريڪ ٿا.  پروگريسو ڪليڪٽو تنظيم جي بانين ۾ شامل حيدر ڪليم چيو ته هي تنظيم 2016 ع ۾ شروع ٿي.  پروگريسو اسٽوڊنٽس ڪليڪٽو نالي تنظيم جي باني ۽ مرڪزي اڳواڻن چيو ته آهي ته شاگردن کي سياست کان پاسيرو ڪري کين ورهايو ويو آهي، کين پنهنجي ڳالهه ٻڌائڻ ۽ فيصلا ڪرڻ لاءِ ڪوبه فورم مهيا نه ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري شاگرد اهڙي فورم (شاگرد يونين) جي بحالي چون ٿا ۽ سندن مطالبو بُنيادي آهي. هي مارچ ڪرڻ جو مقصد ئي اهو آهي. تنظيم جي مرڪزي اڳواڻن چيو ته سندن پيغام واضح آهي ته تعليمي ادارا اسان جي گهر جيان آهن، تنهن ڪري اُنهن کي محفوظ جاءِ بڻايو وڃي. يونيورسٽيز ۾ شاگردن ۽ اُنهن جي تعليم لاءِ ٿيندڙ فيصلن ۾ به شاگردن کي شامل نه ڪيو ويندو آهي. پي اي سي جي يڪجهتي مارچ ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته شاگرد يونين تان پابندي ختم ڪري فوري طور تي سموري ملڪن ۾ شاگرد تنظيمن جون چونڊون ڪرايون وڃن. تعليمي ادارن جي نجڪاري ختم ڪري اضافي فيسز واپس ورتيون وڃن ۽ مفت تعليم جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. تعليمي ادارن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي مداخلت ختم ڪري اسير بڻايل سمورن شاگردن کي آزاد ڪيو وڃي، سمورن شاگردن کي مفت هاسٽل ۽ ٽرانسپورٽ مهيا ڪئي وڃي. طبقاتي نظام ختم ڪري تعليم کي جديد سائنسي بُنيادن تي بڻايو وڃي. 03

شاگرد سياست تي پابندي غيرجمهوري قدم آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (م ڊ ) سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري شاگرد يونين جي بحاليءَ جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. شاگرد يونين جي بحالي  ۽ تعليمي بهتري لاءِ سموري ملڪ ۾شاگرد تنظيمن پاران ڪيل احتجاج کي جتي سول سوسائٽي ۽ سڄاڻ ڌرين طرفان حمايت ملي اتي ئي سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري به شاگرد يونين جي بحاليءَ تي پابندي کي جمهوريت جي نفي قرار ڏنو آهي. پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ ذريعي فواد چوڌري چيو آهي ته شاگرد يونين تي پابندي مستقبل جي سياست کي محدود ڪرڻ برابر آهي، شاگرد سياست کي تشدد کان پاڪ بڻائڻ لاءِ قدم کڻي سگهجن ٿا پر شاگرد سياست تي پابندي غيرجمهوري قدم آهي.

پ پ به شاگرد يونين بحالي جي حامي، يونيورسٽين کي غير عسڪري بڻايو وڃي: بلاول

ڪراچي( م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به شاگرد يونين جي بحالي جي حمايت ڪري ڇڏي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي شاگرد يونين جي بحالي جي حامي آهي، بينظير ڀٽو به شاگرد يونين بحال ڪري ڇڏي هئي پر معاشري کي غير سياسي بڻائڻ جي لاءِ شاگرد يونين تي بندش هنئي وئي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري پيغام ۾ بلاول وڌيڪ چيو ته سرڪاري يونيورسٽين کي خانگائڻ ۽ تعليمي ادارن ۾ جنسي هراساني روڪڻ جي لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي. بلاول ڀٽو يونيوسٽي ڪيمپسز کي غير عسڪري ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو ۽ لکيو ته شاگردن جي نئين نسل جي پر پرامن جمهوري عمل جي بحالي لاءِ جوش ۽ خروش متاثر ڪندڙ آهي. 03

آئون پروگريسو آهيان پر والد جمعيت ۾آهي: محبا اجمل

لاهور (م ڊ ) رائيونڊ جي ڳوٺ لانگو سان تعلق رکندڙ محبا اجمل گورنمينٽ ڊگري ڪاليج يونيوسٽي لاهور مان انگريزي ادب جي تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ هاڻ اتي پڙهائي رهي آهي. هو پروگريسو اسٽوڊنٽ ڪليڪٽيو جي وومن ونگ جي باني آهي پر سندس والد اسلامي جمعيت طلبه جو ناظم رهي چڪو آهي. محبا اجمل جو چوڻ آهي ته اها تمام عجيب ڳالهه آهي ته آئون پروگريسو ۾آهيان ۽ منهنجو والد جمعيت ۾آهي. آئون يونيورسٽي ۾ڏٺو ته صحيح ۽ غلط ۾فرق ڪرڻ ڪيترو ضروري آهي، تڏهن آئون سوچيو ته سياست بنا زندگي جا معاملا نٿا هلي سگهن، مونکي پنهنجي گهرڀاتين خاص ڪري منهنجي والد ۽ ڀاءُ طرفان سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي پر ان جي باوجود منهنجي والده ۽ ڀيڻ منهنجو ساٿ ڏئي رهيون آهن. هو سمجهي ٿي ته سوشل ورڪ کان توهان ماڻهن جي فلاح لاءِ ڪم ته ڪيو ٿا پر سسٽم تي ڪڏهن به سوال نٿا اٿاريو ۽ سياست توهان کي سسٽم تي سوال اٿارڻ جو موقعي ڏئي ٿي.

تعليمي ادارن ۾سوچ کي محدود ڪري صنفي روين کي هٿي ڏني پئي وڃي: منيبا حفيظ

اسلام آباد  (م ڊ ) سنڌ واسڻ منيبا حفيظ اسلام آباد جي  نمل يونيورسٽي جي شاگردياڻي آهي، هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان شاگرد تنظيمن ۾حصو وٺڻ شروع ڪيو، منيبا شروعاتي طور تي انساني حقن جي ڪارڪن طور ڪم ڪيو ۽ پوءِ پروگريسو اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي عورت باني ميمبرن مان هڪ آهي. منيبا حفيظ جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾هراسمينٽ جا واقعا وڌندا پيا وڃن، جڏهن ته تعليم مهانگي ٿي وئي آهي، اسان جي تعليمي ادارن ۾سوچ کي محدود ڪيو ويندو آهي ۽ اڳواٽ مڙهيل صنفي روين کي هٿي ڏني ويندي آهي. اهڙي صورتحال ۾شاگرد غير منظم آهن، اسان چاهيو ٿا ته ان تعليمي نظام ۾بهتري آڻيون ته جيئن شاگردن کي هڪ اهم اسٽيڪ هولڊر طور ڏسي سگهجي. منيبا حفيظ موجب هاسٽل ۾رهائش به شاگردن جي اهم مسئلن ۾شامل آهي، ڏورانهن علائقن کان ايندڙ شاگردن لاءِ اسلام آباد سميت مختلف شهرن ۾هاسٽل جي سهولت موجود ناهي جنهن سبب کين سيڪيورٽي سميت مختلف پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. منيبا حفيظ سياست سان گڏ شاعري جو شوق به رکي ٿي، سندس هڪ شعر آهي ته ” اڄ تائين تون ڪالهه جي عورت سان منهن ڏنو آهي، ٿورو اڄ جي عورت سان ته منهن ڏئي“.

شاگرد مارچ ملڪ اندر جبر ۽ فاشزم کي للڪاري رهيو آهي: جامي چانڊيو

لاهور (رپورٽ: دوست حفيظ چنا)  ملڪ جي شاگردن، دانشورن ۽ سماج سڌارڪن چيو آهي ته شاگردن جي جدوجهد حق حاصل ڪرڻ تائين جاري رهندي، ملڪ ۾ 51 سالن بعد شاگرد تحريڪ شروع ٿي آهي، ان ذريعي هاڻي سماجي، معاشي ۽ سياسي قيادت پيدا ٿيندي، اهڙو اظهار هنن ڪالهه عوامي آواز سان ڳالهائيندي ڪيو، سنڌ جي ناليواري دانشور جامي چانڊيو عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته شاگرد مارچ عوام جي درست ترجماني ڪندي  ملڪ اندر جبر ۽ فاشزم کي للڪاري رهيو آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ عوامي راڄ نه آهي، جتي انصاف ۽ مظلوم قومن جو مستقبل نه آهي. کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ ليکڪ فرخ سهيل گوئيندي  چيو ته ملڪ جي 60 کان وڌيڪ شهرن ۾ شاگردن جو هي احتجاج شروعات آهي، ان جو مقصد شاگرد يونين جي بحالي، هراسمينٽ ۽ تعليمي بجيٽ آهي،  هن چيو ته 51 سالن بعد شاگردن جي هن تحريڪ جو بنياد ترقي پسندن رکيو آهي،  نيشنل پارٽي جي اڳواڻ طالب حسين  چيو ته جنرل ايوب ۽ ضياءَ جي دورن ۾ شاگرد سياست تي پابندي لڳائڻ سان دهشتگرد پيدا ٿيا. شاگرد يونين جو استحصال ڪيو ويو، نالي واري  مزاحمتي شاعر حبيب جالب جي نياڻي طاهره حبيب جالب  چيو ته هي مارچ شاگردن جي ترجماني ڪري پيو، مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ مارچ ۾ شاگرد، والدين ۽ ٻار به شريڪ آهن، هن چيو ته حبيب جالب هميشه پورهيتن لاءِ آواز اٿاريو ۽ سختيون سٺيون آئون به ان جي نقش قدم تي هلندي حقن لاءِ مارچ ۾ آئي آهيان.شاگرد ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ آمنا وحيد چيو ته شاگردن طئه ڪري ڇڏيو آهي ته حق حاصل ڪرڻ تائين جنگ جاري رکي ويندي. اسان لاءِ چيو وڃي ٿو ته رياست ۽ ملڪ خلاف آهيون، پر ائين نه آهي. اسان سنڌ جي شاگردن جي مسئلن کان واقف آهيون، انهن کي حق نه ملندا ته اسان خاموش نه وينداسين، سنڌ ۾ به مارچ ٿئي پيو، امن سان جدوجهد جاري رکنداسين ٿڪجڻ وارا نه آهيون. 03

لاهور ۾ مارچ دوران هر طرف ڳاڙها جهنڊا، نمرتا ۽ مشال سان انصاف لاءِ نعرا

لاهور: لاهور ۾ شاگرد  يڪجهتي مارچ دوران هر طرف ڳاڙهن جهنڊا ئي جهنڊا هئي، شاگردن ۽ مزدورن جي هٿن ۾ کنيل بينرن تي شاگرد يونين جي بحالي ۽  حق ڏيڻ جا نعرا لکيل هئا، مارچ ۾ شاگردن وچ ۾ نعريبازي جا مقابلا به ٿيندا رهيا، مشال خان ۽ نمرتا سان انصاف جا نعرا به هنيا ويا.

مارچ ۾شاگرد يونين تان پابندي هٽائڻ ۽ فيس گهٽائڻ سميت تعليمي بهتري جا مطالبا

ڪراچي (رپورٽ: اسد ممتاز رڏ) شاگرد يونين جي بحاليءَ لاءِ ڪراچي ۾ٿيل احتجاج ۾شاگردن  مطالبا ڪيا ته طبقاتي نظام تعليم کي ختم ڪيو وڃي. شاگرد يونين تي لڳل پابندي ختم ڪري تعليمي ادارن ۾يونين جي چونڊن جو اعلان ڪيو وڃي. فيسن ۾ ڪيل اضافو واپس وٺي ايندڙ پنجن سالن تائين فيسن ۾ڪو به اضافو نه ڪيو وڃي. تعليمي ادارن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي مداخلت تي پابند هڻي سياسي شاگر قيدين جا ڪيس واپس وٺي انهن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. تمام تعليمي ادارن ۾ جنسي هراسان  ڪرڻ جي خلاف قانون تحت  ڪميٽي جوڙي وڃي  جنهن ۾ شاگردن ۽ عورتن جي نمائيندگي يقيني بڻائي وڃي . بلوچستان يونيورسٽي جي واقعي تي جوڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي. نمرتا جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري انهنکي سزا ڏني وڃي . تعليم ۽ تعليمي ادارن جي نجڪاري بند ڪئي وڃي. تمام تعليمي ادارن ۾هاسٽل، پاڻي اور شٽل سروس جي  شاگردن کي سهولت ڏني وڃي. تمام قومي زبانن ۾ گهٽ ۾ گهٽ پرائمري تائين لازمي بڻائي وڃي.

لاهور ۾شاگرد مارچ ڏهاڙي رڪشي ۾ڌماڪو، ڊرائيور سميت 7 ڄڻا زخمي

لاهور (م ڊ) چوبرجي جي ويجهو رڪشه ۾ ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. ڌماڪي سبب رڪشا مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو. زخمين کي طبي امداد جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جتي انهن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي. پوليس ڌماڪي ۾ ريموٽ ڪنٽرول ڊوائس جي استعمال جو شڪ ظاهر ڪيو آهي.قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي واقعي واري هنڌان ڊيوائس ملي آهي ۽ رڪشي تي چهري جا نشان آهن. ايس پي سول لائنز دوست محمد، ڊي ايس پي، ايس ايڇ او ۽ لاڳاپيل پوليس آفيسر موقعي تي پهچي ويا آهن. پنجاب سائنس فرانزڪ ليب، سي ٽي ڊي، بم ڊسپوزل اسڪواڊ سميت سمورن لاڳاپيل ادارن جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن. پوليس جي ترجمان موجب ڌماڪي جي نوعيت ۽ سبب  معلوم ڪيا پيا وڃن. ٻڌايو پيو وڃي ته ڌماڪي سبب ويجهو بيٺل موٽر سائيڪل به مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي آهي. زخمي ٿيندڙن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي 2 جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. بم ڊسپوزل اسڪواڊ موجب رڪشي ۾ بارودي مواد جو ڌماڪو ٿيو آهي جنهن ۾ ڏيڍ کان 2 ڪلو بارودي مواد استعمال ڪيو ويو جڏهن ته ڌماڪي جي جڳهه تان بال بيرنگ به مليا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.