قائم علي شاهه جي گرفتاري کان بچڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻو وڏو وزير نيب جي طلب ڪرڻ کانپوءِ گرفتاري کان بچڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي. نيب طرفان روشن سنڌ پروجيڪٽ ۽ ٻين اسڪينڊلز جي جاچ جي سلسلي ۾ طلب پنڊي طلب ڪرڻ کانپوءِ اڳوڻو وڏو وزير اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي ويو. سيد قائم علي شاهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست داخل ڪري ورتي آهي. جنهن ۾ هُن موقف رکيو آهي ته نيب 3 ڊسمبر تي کيس طلب ڪيو آهي، خدشو آهي ته گرفتار ڪيو ويندو. وڪيل معرفت داخل درخواست ۾ اڳوڻي وڏي وزير استدعا ڪئي آهي ته هو نيب سان جاچ ۾ سهڪار ڪري رهيو آهي، تنهن ڪري گرفتاري کان اڳ ضمانت منظور ڪئي وڃي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.