غلطي جي گنجائش ختم، ٽريفڪ پوليس ڏنڊ جي رقم وڌائي ڇڏي

ڪراچي(رپورٽ: جي ايم کوکر )موٽر سائيڪل، ڪارن ۽ گاڏين وارا هوشيار ٿي وڃو، هاڻي ٽريفڪ پوليس پاران غلطين جي گنجائش ختم، سزا طور تي نوان سزائن جا ريٽ بابت گزٽ نوٽيفڪيشن جاري،22 نومبر 2019 تي ٽريفڪ پوليس بابت غلطي جي گنجائش ختم ڪندي سزائن طور تي نوان ريٽ لاڳو ڪندي گزٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جاري گزٽ نوٽيفڪيشن  موجب تيز رفتاري تي ڪار ۽موٽر سائيڪل مٿان جرمانو طور تي 1500 روپيا ورتا ويندا، جڏهن اوور ٽيڪينگ تي موٽر سائيڪل يا ڪار مالڪ کي 15 سئو جرمانو ادا ڪرڻو پوندو ۽ ڪمرشل تمام گاڏين کان اوورٽيڪينگ يا تيز رفتاري جي ڏوهه ۾ هزار روپيا جرمانو ورتو ويندو، جڏهن ته اڻڄاڻ ڊرائيونگ مٿان موٽر سائيڪل ۽ ڪار مٿان پنج هزار روپيا جرمانو وڌو ويندو،ڪمرشل گاڏين مٿان 10 هزار روپيا جرمانو، غلط يو ٽرن ڪرڻ تي موٽر سائيڪل ۽ ڪار کان هڪ هزار ڪمرشل گاڏين کان 3 هزار روپيا جرمانو وڌو ويندو،سيٽ بيلڊ نه ٻڌڻ تي ڪار ڊرائيور مٿان 1500 سئو روپيا ۽ ڪمرشل گاڏين مٿان 3 هزار روپيا جرمانو لاڳو هوندو.رات جي وقت بتيون نه ٻارڻ يا خراب هجڻ تي 500 روپيا، ريلوي فاٽڪ بند هجڻ باوجود ڪراس ڪرڻ  تي هڪ هزار روپيا ڏنڊ،رانگ سائيڊ روڊ تي اچڻ مٿان 2500 روپيا،اوور لوڊنگ مٿان 3 هزار روپيا،سائيڊ ڏانهن وڃڻ وقت اينڊي ڪيٽر نه ڏيڻ تي 750 روپيا،ٽريفڪ جمپنگ ڪراس ڪرڻ تي هڪ هزار روپيا،موٽر سائيڪل يا گاڏين جي ٽٽڪ بتين تي هڪ هزار ڏنڊ، ويجهي مان ڪٽ هڻي نڪرڻ مٿان هڪ هزار روپيا ڏند وڌو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.