آبپاشي کاتي خيرپور ۾ڪرپشن، انجنيئر سوڌو8 جوابدار جيل حوالي

سکر (رپورٽر) نيب سکر پاران ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار آبپاشي کاتي جي 8 آفيسرن کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ڄاڻايل  آفيسرن کي 2 ڏينهن اڳ اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو هو، خبر موجب: نيب سکر جي ٽيم پاران ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ۾ ملوث آبپاشي کاتي جي ڪامورن ۽ ٺيڪيدارن کي اسلام آباد مان گرفتار ڪرڻ بعد احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، آبپاشي کاتي خيرپور جي اڳوڻي ۽ موجودا انجنيئر ويسٽ ڊويزن ۽ ايس ڊي او سميت 8 جوابدارن کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ڄاڻايل جوابدارن ۾ انجنيئر شير وسير، ايس ڊي او علي گل ۽ ٺيڪيدار غلام سرور شامل آهن. گرفتار جوابدارن مٿان خيرپور ضلعي ۾ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن جو ريفرنس داخل آهي. جوابدارن جي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان مان ضمانت رد ٿيڻ بعد نيب کين حراست ۾ ورتو هو، جن کي ڪالهه ريمانڊ لاءِ احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتان ريمانڊ تي کين جيل حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.