جج دليل ٻڌي فيصلو نه ڪري ته ان ۾۽ قاصد ۾ڪهڙو فرق: چيف جسٽس

ملتان (م ڊ ) چيف جسٽس آصف سعيد کوسا ججن جي بروقت فيصلي ۽ وڪلين جي تربيت تي زور ڏيندي چيو آهي ته  جج دليل ٻڌڻ بعد فيصلو نه ڪري ته  ان ۾۽ قاصد ۾ڪو به فرق ناهي، ججن کي معاشري ۾عزت فيصلا ڪرڻ سبب ملندي آهي، ملتان جي وڪيلن کان گهڻو ڪجهه سکيو آهي، ان وقت ماحول اهڙو هو ته عدالت ۾بدمزگي نه ٿيندي هئي پر هاڻ حاليون اهڙيون ناهن. چيف جسٽس آف پاڪستان آصف سعيد کوسا ملتان ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته منهنجو تعلق به ملتان سان آهي ۽ هتي ڪيترائي سال گذاريا آهن ۽ ملتان سپريم ڪورٽ کي گهيري رکيو آهي ڇو ته چيف جسٽس ۽ جونيئر جج به هتان سان تعلق ٿا رکن. چيف جسٽس چيو ته ملتان بينچ سان منهنجو سلهاڙيل آهن، پهرين ڪيس وڙهندا هئاسين پوءِ بار رومز ۾ ايندا هئاسين ۽ هتي ٽيبل ٽينس جي ٽيبل هوندي هئي صدر بار ضيا الدين قمر صاحب هڪ مقابلو ڪرايو. چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته اتفاق سان آئون ملتان بينچ جو ٽيبل ٽينس چيمپئن بڻجي ويو هئس. چيف جسٽس چيو ته آئون توهان کي اِهو ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته ان وقت ماحول ڏاڍو سٺو هو، سينيئر ۽ جونيئر جي وچ ۾ پيار، شفقت، استاد ۽ شاگرد ۽ سٺو احترام هو ۽ جن ججن جي سامهون اسان پيش ٿيندا هئاسين اُهي وڏا مخلص ۽ پڙهيل لکيل هوندا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.