نيب چيئرمين جو ڪراچي فضائيه هائوسنگ اسڪيم خلاف جاچ جو حڪم

ڪراچي(رپورٽر )نيب چيئرمين ڪراچي جي فضائيه هائوسنگ اسڪيم خلاف جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، نيب ڪراچي کي 13 ارب روپين جو عوام سان ڪيل فراڊ ۾ ملوث ماڻهن کي وائکو ڪرڻ جي هدايت. ان ڏس ۾ چيئرمين نيب پاران نيب ڪراچي کي هڪ ليٽر لکي ڪراچي ۾ قائم فضائيه هائوسنگ اسڪيم خلاف شڪايتن جي آڌار تي  جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، نيب ذريعن موجب فضائيه هائوسنگ اسڪيم ۾ فراڊ ذريعي 6 هزار کان وڌيڪ شهرين کان پلاٽن جي الاٽمنٽ جي مد ۾ 13 ارب روپيا ورتا ويا،جڏهن ته متاثرن پاران جڏهن پلاٽ ڏيکارڻ لاءِ اسڪيم انتظاميا کي چوندا رهيا ته انهن سرڪاري توڙي ٻين مالڪن جي زمين ڏيکاري وئي، جنهن  بعد ڪيترن ئي ماڻهن پاران فضائيه هائوسنگ اسڪيم خلاف ڊائريڪٽر نيب ڪراچي کي کلي ڪچهرين ۾ اچي شڪايتون جمع ڪرايون هيون، جنهن تحت ماڻهن جي شڪايتن جي منظوري لاءَ نيب ڪراچي پاران نيب چئرمين کي اسلام آباد اماڻيون ويون هيون، جن کي چيئرمين نيب منظوري ڏيندي نيب ڪراچي کي فراڊ ۾ ملوث ماڻهن کي واکو ڪرڻ ۽ انهن خلاف جاچ جو حڪم ڏنو آهي.0430

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.