دارالامان لاهور مان يتيم نينگريون وزيرن کي سپلاءِ پيون ٿين:عورت جو وڊيو پيغام

لاهور (م ڊ ) دارالامان ڪاشانا لاهور مان يتيم نينگريون صوبائي حڪومت جي وزيرن کي سپلاءِ ڪيون وينديون آهن ۽ اهو ڪريل ڪم دارالامان جي سپرنٽينڊنٽ افشان جي نگراني ۾ڪيو ويندو آهي، رات جو بي سهارا ۽ بي آسرا ڇوڪريون دارالامان ڪاشانا مان ڪڍيون وينديون آهن ۽ طاقتور ماڻهن کي فراهم ڪيون وينديون آهن. اهڙو انڪشاف دارالامان ڪاشان لاهور سان لاڳاپيل هڪ عورت ڪيو آهي، هڪ ڊنل ڇوڪري پنهنجي وڊيو پيغام ۾چيو آهي ته منهنجي احتجاج ۽ شڪايت تي طاقتور ماڻهن مونکي رستي تان هٽائڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڇڏي آهي. دارالامان ۾پوليس پهچي چڪي آهي ته جيئن مونکي گرفتار ڪري منهنجي زبان بند ڪئي وڃي جيئن آئون انهن جا ڪرتوت نه ٻڌائي سگهان. ڇوڪري جو چوڻ هو ته دارالامان ڪاشانا جو مرڪزي دروازو ٽوڙيو ويو آهي ۽ مونکي خبر ناهي ته هاڻ مونسان ڇا ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.