سکر ويجهو مبينا مقابلو، 2 مغوي بازياب، ٻه ڏوهاري زخمي حالت ۾گرفتار

سکر (رپورٽ:شفيع محمد ابڙو) سکر لڳ جهانگڙو پوليس جو ڏوهارين سان مبينا مقابلو، دادلو ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل 2 نوجوان علي گوهر ۽ لياقت ڀٽو بازياب، مقابلي ۾ 2 ڏوهاري پيراڻو تيغاڻي ۽ شعيب ڪلوڙ زخمي حالت ۾ گرفتار، سکر جي جي جهانگڙو پوليس دادلو ٿاڻي جي حد ڀيلار پل وٽان ڏوهارين پاران ٻن نوجوانن علي گوهر ڀٽو ۽ لياقت ڀٽو جي اغوا جو اطلاع بروقت دادلو پوليس پاران ڏيڻ تي ڪٽبر پل تي ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو جنهن دوران پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا فائرنگ ۽ مقابلي جي نتيجي ۾ پوليس اغوا ٿيل ٻنهي مغوين علي گوهر ڀٽو ۽ لياقت ڀٽو کي باحفاظت بازياب ڪرائي ٻن ڏوهارين پيراڻو تيغاڻي ۽ شعيب ڪلوڙ کي اسلحي سميت زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي.  پوليس بازياب ٿيل ٻنهي مغوين کي ايس ايس پي آفيس سکر منتقل ڪرڻ بعد گرفتار زخمي ڏوهارين کي سکر سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب ڏوهاري ماڻهن کي فون زخمي ذريعي عورتاڻي آواز ۾ گهرائي اغوا ڪندا آهن، گرفتار ڏوهارين ۽ سندن ساٿين خلاف اغوا ۽ پوليس مقابلي جا ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.