پ پ سڪڙجڻ جون ڳالهيون ڪندڙ ڪشمير ۾ٿيل تقريب ڏسن: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي ( رپورٽر) پيپلز پارٽي ملڪ جي واحد سياسي جماعت آهي جيڪا وفاق جي علامت آهي وفاق پاڪستان کي مضبوط تر ڪرڻ جو عزم ڪريون ٿا.  پيپلز پارٽي جي سڪڙجڻ جي ڳالهھ ڪندڙ اهو ڏسي وٺن ته اسان جي جماعت جي يوم تاسيس جي مرڪزي تقريب آزاد ڪشمير ۾ ٿي رهي آهي، پيپلز پارٽي اڄ به پنهنجي ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن سان گڏ بيٺي آهي. پيپلز پارٽي جي ٻاونجاهين يوم تاسيس جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ بئريسٽر مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي باني شهيد ڀٽو جي فلسفي تي اڄ به عمل ڪري رهي آهي شهيد بي بي ان پيغام کي اڳتي کڻي هلي ۽ اڄ بلاول ڀٽو زرداري شهيد ڀٽو جي فلسفي جو محافظ آهي. اسان ڪڏهن به سياست کي رياست تي فوقيت ناهي ڏني، رياست آهي ته سڀ ڪجهھ آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي مظبوط پارليمنٽ جي خواهشمند آهي. جنهن لاءِ ماضي ۾ به ۽ آئنده به جهدوجهد جاري رکنداسين. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته اڄ پيپلز پارٽي جي ٻاونجاهين يوم تاسيس جي موقعي تي ان ڳالھه جو عهد ڪريون ٿا ته پنهنجي نوجوان قيادت بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ هڪ مضبوط پاڪستان جي جهدوجهد جاري رکنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.