سن لڳ پورهيت جي ٻن ٻارن کي پوليو ، علاج لاءِ دربدر

سن(ن ع آ)  صحت کاتي طرفان پوليو خاتمي واريون دعوائون  دوڙ ٿي ويون آهن ، لکين روپيه پوليو ته خرچ ڪرڻ جي باوجود به پوليو تي ضابطو اچي ناهي سگھيو، سنڌ جي ٻين شهرن جيان سن ۾ به پوليو جو ڪيس ظاهر ٿيو آهن سن شهر واسي پورهيت محمد ايوب سولنگي جي ٻن ٻارن  پٽ جاويد علي ۽ نياڻي جاويدان کي پوليو هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي پوليو هجڻ سبب ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ جو هيٺيون ڌڙ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي جنهن جي ڪري ٻئي ڀاءُ ڀيڻ هلڻ ڦرڻ کان لاچار بڻيل آهن جنهن جي ڪري سندن والدين سخت پريشان آهن ٻئي معصوم ٻار هلڻ جي لاءِ وس ڪندا آهن پر  هلي نه سگھندا آهن پٽ تي ڪري پوندا آهن جنهن جي ڪري هنن کي ڪيترائي ڌڪ پڻ لڳا آهن انهن ڌڪن جي عذاب سبب دانهون ۽ رڙيون ڪندا رهندا آهن جن جون دانهون ٻڌي پاڙي وارن جو به اکيون ڀرجي اينديون آهن، معصوم ٻارن جو والد غريب مسڪين پورهيت هجڻ سبب پنهنجي وس آهر پنهنجن ٻچن جي علاج خاطر گھر جو الهه تلهه وڪڻي ڇڏيو، پر سندس ٻارن کي ڪٿا به علاج مان ڪو فائدو نه پيو جنهنجي ڪري غربت سبب پنهنجن ٻچن جا ڪيهاٽ ٻڌي ٻڌي روز جئي ۽ مري پيو پر ٻارڙن تي ڪنهن ڪو به رحم نه ٿو اچي، پنهنجي بي بسي ۽ درد جي ڪٿان بيان ڪندي محمد ايوب سولنگي ٻڌايو ته منهنجا ٻئي ٻار پيدائش وقت سهي هئا ننڊ پڻ ۾ هلندا ڦرندا هئا پر هاڻ هلي ڦري به نه ٿا سگھن ننڍي هوندي منهنجن ٻارن کي هڪ يا ٻه چڪر پوليو جا ڦڙا پيارا ويا هئا ان کان پوءِ ڪڏهن به پوليو جي ٽيم منهنجن ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پياريا جنهن جي ڪري انهن کي پوليو ٿي پيو آهي هن وقت منهنجي پٽ جي عمر 10 سال آهي ته نياڻي جي عمر 12 سال آهي جيڪي هلڻ ڦرڻ کان لاچا آهن ۽ سڄو ڏينهن هڪ هنڌ ويٺا هوندا آهن ، انهن کي علاج جي لاءِ سن اسپتال وٺي ويس ته اتي صرف ٺلهي آٿٿ ملي باقي علاج نه ڪيو ويو اتي جي ڊاڪٽرن  مشورو ڏنو ته حيدرآباد يا ڪراچي جي اسپتال ۾ کڻي ويون ، هتي هنن جو علاج ناهي ، ، هن چيو ته مان غريب مسڪين پورهيت ماڻهو آهيان روز مزدوري ڪري پنهنجن ٻچن جو پيٽ گذر ڪندا آهي ، مان هڪ ڏينهن مزدوري نه ڪيا ته اسان جي گھر ۾ چلهه ناهي ٻرندي ، اهڙي حالت مان پنهنجن بچن جو علاج نه ٿو ڪرائي سگھان ، هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته مون غريب مسڪين تي رحم کائي منهنجن بچن جو علاج ڪرايو وڃي ته جيئن اهي زندگي جون انيڪ بهارون پنهنجن پيرن تي بيهي ڏسي سگھن. ٻئي طرف ڊي ايڇ او ڄامشورو مشتاق علي سولنگي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان جي رپورٽ موجب سن ۾ ڪو به پوليو جو ڪيس ناهي ، پورهيت جي ٻارڙن کي هڏن جي يا ٻي ڪا بيماري ٿي سگھي ٿي باقي پوليو ناهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.