خانپور مهر ويجهو گهرواڻبڻت تان مڙس هٿان ننڊ پيل زال قتل

خانپور مهر(رپورٽ : ميهر مهر) خانپور مهر لڳ گهرواڻبڻت تان مڙس هٿان ننڊ پيل زال قتل،خبر موجب خانپورمهر ٿاڻي جي حد ڳوٺ بچل گبول  ۾جوابدار بچل گبول گهرواڻبڻت تان پنهنجي 22 ورهين جي ننڊ پيل زال فرزانا گبول کي گهر اندر پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويو. واقعي جو اطلاع ملڻ تي خانپور مهر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولا عورت جو لاش کڻائي خانپور مهر جي تعلقي اسپتال شيخ همدان بن محمد مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي نه وري ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آهي، پوليس موجب واقعو گهر اڻبڻت تان پيش آيو، فريادي اچڻ بعد واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.