جيل کاتي ۾ قانون جي ابتڙ 6 جيل سپرنٽينڊنٽس کي 19 هين گريڊ ۾ ترقيون

ڪراچي(رپورٽ: خدا ڏنوشاھ)جيل کاتي سنڌ گريڊ ارڙھين جي ڪيترن ئي جيل سپرنٽنڊنٽس کي قاعدن ۽ ضابطن جي لتاڙ ڪندي گريڊ اوڻويھين ۾ غيرقانوني ترقي ڏياري ڇڏي آھي ,جڏهن ته سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي پُڻ انڌيري ۾ رکڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، دستاويزي ثُبوتن موجب جيل کاتي سنڌ جي جيل سپرنٽنڊنٽ کي ترقيون وٺرائڻ لاءِ چور دروازي جو استعمال ڪيو ويو آهي,جيل کاتي سنڌ جي آءِ جي نصرت  حُسين مڱڻ  قاعدن ۽ ضابطن جون ڌڄيون اُڏائيندي ورڪنگ پيپر تيار ڪيا ۽ گريڊ ارڙھين جي ڇهن جيل سپرنٽنڊنٽس جا ورڪنگ پيپر گهرو کاتي سنڌ کان فارورڊ ڪرائي ايس اينڊ جي اي ڊي ۾ جمع ڪرايا ويا، سرڪاري ذريعن موجب ورڪنگ پيپرن ۾ گهرو کاتي سنڌ ايس اينڊ جي اي ڊي ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ کي پڻ گُمراھ ڪيو ويو، دستاويزي ثُبوتن موجب اوڻويهين گريڊ ۾ ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ گريڊ سترهين ۽ ارڙھين جي مجموعي سروس لينٿ 12 سال ھُجڻ ضروري آھي، پر آءِ جي سنڌ جيڪي ورڪنگ پيپر تيار ڪيا ان ۾ فقط گريڊ ارڙھين جي سروس لينٿ چار سال مڪمل ڏيکاري ويئي مجموعي سروس لينٿ کي نظر انداز ڪيو ويو، جڏھن ته سنڌ سروسز ايڪٽ 1975ع موجب گرڊ سترهين ۽ ارڙھين ۾ گڏيل طور تي گهٽ ۾ گهٽ سروس 12 سال ھُجڻ ضروري آھي، جيل کاتي جي آءِ جي پنهنجي ويجهن آفيسرن کي ترقي ڏيارڻ لاءِ سمورا قانون ۽ قاعدا اورانگهي ڇڏيا ۽ گريڊ سترهين ۽ ارڙھين جي مجموعي ٻارنهن بجاءِ  نئون سال سروس لينٿ رکندڙ جيل سپرنٽنڊنٽس محمد ممتاز اعواڻ، ممتاز احمد راجا، منصور احمد صديقي,ضياءُالرحمان، انور مصطفيٰ ۽ سيد منور علي شاھ کي ترقي ڏيارڻ لاءِ قاعدن ۽ ضابطن جي ابتڙ ورڪنگ پيپر تيار ڪيا، ڄاڻايل سمورا آفيسر پهرين جنوري 2010 تي گريڊ سترهين ۾ پروموٽ ٿيا ۽ وري کين 2014ع ۾ گريڊ ارڙھين ۾ ترقي ڏني ويئي ۽ تازو 25 نومبر 2019ع سومر ڏينهن تي بورڊ ٽو جي ميٽنگ ۾ سندن ورڪنگ پيپر پيش ڪيا ويا ۽سروس لينٿ 12 بجاءِ فقط نئون سال ھُجڻ باوجود چيف سيڪريٽري سنڌ کي انڌيري ۾ رکندي اڻپوري سروس لينٿ رکندڙ  جيل عملدارن کي  گريڊ 19۾ ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني ويئي آھي, جيل کاتي جي آءِ جي پاران تيار ڪيل ورڪنگ پيپر گهرو کاتي سنڌ به بنا اعتراض لڳائڻ جي مڪمل ڄاڻائي چيف سيڪريٽري سنڌ کي اُماڻيا ھُئا.0430

آءِ جي جيل اڳوڻي صدر جو ويجهو هئڻ سبب اڇي ڪاري جو مالڪ بڻيل

ڪراچي: جيل کاتي جي آءِ جي  جا اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ويجها لاڳاپا ھُجڻ ڪري  جيل کاتي ۾ اڇي ۽ ڪاري جو مالڪ بڻيل آھي سرڪاري ذريعن موجب گهرو کاتي جو هر ايندڙ نئون سيڪريٽري جيل کاتي جي آءِ جي نصرت حُسين مڱڻ جا حُڪم مڃڻ لاءِ مجبور هوندو آھي. ذريعن  موجب جيل کاتي وارو آءِ جي گهرو کاتي ۾ به مڪمل پنهنجو اثر رکي ٿو.0430

غلام مرتضيٰ شيخ خلاف انڪوائري هجڻ سبب ترقي کان محروم

ڪراچي:جيل کاتي جي سينيئر آفيسر غُلام مرتضيٰ شيخ کي ڪجهھ سال اڳ اڻويهين گريڊ ۾ ترقي ڏني ويئي ھُئي پر سندس گريڊ سترهين ۽  ارڙھين ۾ گهربل سروس لينٿ ٻارنهن سال نه ھُجڻ ڪري سندس پروموشن ڊفر ڪيو ويو. هن وقت ڄاڻايل آفيسر سينارٽي لسٽ ۾ پهرين نمبر تي آھي پر سندس خلاف انڪوائريز ھُجڻ ڪري ترقي نه ڏني ويئي، جڏهن ته هو هڪ ڀيرو اڳ قاعدن ۽ ضابطن جي ابتڙ ترقي حاصل ڪري چُڪو پر نشاندهي ٿيڻ تي سندس ترقي واپس ورتي ويئي.0430

19هين گريڊ ۾ ترقيون ماڻيندڙن کي 3 سال اڳ به پروموٽ ڪيو ويو

ڪراچي:قاعدن ۽ ضابطن جي ابتڙ گريڊ اڻويهون حاصل ڪندڙ جيل کاتي جا آفيسر غير قانوني طور تي  وقت کان ٽي سال اڳ پروموٽ ڪيا ويا آھن جنهن ڪري سنڌ ناڻي کاتي مان وڏي رقم حاصل ڪري سگهندا,دستاويزي ثُبوتن موجب اگر قاعدن ۽ ضابطن جي پاسداري ڪري سندن ترقي بابت ورڪنگ پيپر تيار ڪيا وڃن ته ڪيترائي آفيسر گريڊ اڻويهون حاصل ڪرڻ کان اڳ ئي رٽائرڊ ٿي ويندا، قاعدن موجب ترقيون ماڻيندڙ آفيسرن جي قانوني ترقي جنوري 2022ع کان پوءِ ٿيندي، جڏهن ته محمد ممتاز اعواڻ پنج جولاءِ 2020ع، منصور احمد صديقي 14 آگسٽ 2020ع،  ضياءُ الرحمان ٽيهھ اپريل ٻه هزار ٻاويھه، ممتاز راجا ايڪٽيهھ جون ٻه هزار ٻاويهه، انور مصطفيٰ ستاويھه سيپٽمبر ٻه هزار ٽيويھه ۽ سيد منور علي شاھ پهرين جون 2043ع تي رٽائرڊ ٿيندا.0430

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.