شرجيل ميمڻ ۽ گهر ڀاتين جي ضمانت درخواست تي ٻڌڻي

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ۽ آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ڪيس ۾ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ،سندس زال ۽ ٻين جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس عمرسيال تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت چيو ته شرجيل ميمڻ جي زال ۽ والده پرڏيهي آهي ته پوءِ ان جي تصديق پاورآف اٿارٽي جمع ڪرائي وڃي، ان کان پوءِ ضمانت واري درخواست ٻڌي ويندي. ريفرنس ۾ شرجيل سميت 12 جوابدار شامل آهن. جوابدارن تي ٻه ارب 27 ڪروڙ ۽ 9 لک رپين جا اثاثا ٺاهڻ جو الزام آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.