سنڌ ۾سيڙپڪاري لاءِ ماحول سازگار آهي: چيف سيڪريٽري

ڪراچي(رپورٽر) چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاھ چيو آهي ته سنڌ صوبو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي صوبي ۾ سيڙپڪاري لاءِ ماحول سازگار آهي. اها ڳالهھ هن فارن سروس اڪيڊمي ۾تربيت هيٺ 14 ملڪن جي 19 ميمبرن جي جونيئر سفيرن جي وفد سان وزير اعليٰ هائوس ۾ ملاقات جي دوران ڪئي. وفد ۾ ايران، نيپال، مالديپ، مالي، فلسطين، موريشس، نائجيريا، موريتانيا، تيونس، مدغا سکر، گيانا، گھانا، ايڪواٽوريل گيانا، ۽ ڪوموريس جا جونيئر سفير شامل هئا. چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ سنڌ جي گھرو کاتي واري سيڪريٽري پاران تربيت هيٺ جونيئر سفيرن جي وفد کي مختلف منصوبن ۽ سڪيورٽي جي مجموعي صورتحال بابت آگاهي ڏني. چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاھ چيو ته سنڌ صوبي ۾ سيڙپڪاري لاءِ حالتون سازگار آهن سنڌ  ٿرڪول، ونڊ اينرجي، گيس ۽ پيٽرول جي قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي. هن چيو ته ملڪ جو سڀ کان وڏو شهر به سنڌ صوبي ۾ آهي ۽ ملڪي معيشت ۾ به سنڌ صوبي جو نمايا حصو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.