وفاق سي جي ڪئنال وارو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ کڻڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي جي پاڻي وسيلن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس نواب يوسف ٽالپر جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چشمه جهلم لنڪ ڪئنال تي پن بجلي منصوبي وارو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل موڪلڻ سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي پاڻي وسيلن بابت وفاقي سيڪريٽري اجلاس کي ٻڌايو ته ان ڳالهه جي حق ۾ ناهيون ته چشمه جهلم لنڪ ڪنال منصوبو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ نيو وڃي، جڏهن ته سنڌ جي آبپاشي واري سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته اسان ان معاملي کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ کڻي وينداسين.ان موقعي تي نواب يوسف ٽالپر چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جو ان تي اعتراض آهي، جڏهن ته مسلم ليگ جي مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته اهو منصوبو تڪراري بڻجي چڪو آهي، جنهن ڪري اهو گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي موڪليو وڃي. پنجاب جي آبپاشي سيڪريٽري چيو ته ڪنهن کي پاڻي چوري جو خدشو آهي ته پاڻي ذخيرن تي ٽيلي ميٽر سسٽم لڳايو وڃي، ارسا ٽيلي ميٽري سسٽم ڇو نه ٿو لڳائي. ٽيلي ميٽر سسٽم چشما، تربيلا ۽ ٻين هنڌن تي لڳايو، واپڊا عملدارن اجلاس  ۾ بريفنگ ڏيندي چيو ته ديامير ڀاشا ڊيم 4500 ميگاواٽ جو منصوبو آهي، جيڪو ساڍن 8 سالن ۾ مڪمل ٿيندو.0430

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.