ڊيم فنڊ جا پئسا بجلي لاءِ خرچ ڪيا وڃن : خواجا آصف

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي آبي وسيلن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبر خواجا محمد آصف جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ کي لکيو وڃي ته ڊيم فنڊز جي مد ۾ جمع ٿيندڙ 12 ارب رپيا واپڊا کي ٽرانسفر ڪيا وڃن. هن چيو ته اهو به ٻڌايو وڃي ته ڊيم فنڊز جي پبلسٽي تي ڪيترو خرچو آيو ۽ اها ڊيمز جي لاءِ مشهوري هئي يا ڪنهن ٻئي جي لاءِ؟ آبي وسيلن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ڊيم فنڊ پبلسٽي جي خرچن جي ڪاٿي لاءِ پيمرا کان تفصيل گهرائڻ جي سفارش ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي آبي وسيلن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس نواب محمد يوسف ٽالپر جي صدارت هيٺ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. واٽر اينڊ پاور ڊولپمينٽ اٿارٽي (واپڊا) جي ميمبر زاهد دراني ڪميٽي کي ٻڌايو ته ڊيم فنڊ جي مد ۾ جمع ٿيندڙ 12 ارب رپيا سپريم ڪورٽ وٽ آهن، جنهن تي ڪميٽي جي ميمبر خواجا آصف چيو ته اهي پئسا واپڊا کي ڏنا وڃن. اجلاس ۾ سنڌ جي آبپاشي کاتي جي اختيارين جهلم لنڪ ڪئنال تي 25 ميگاواٽ پن بجلي جي مخالفت ڪري ڇڏي، جنهن تي ڪميٽي اهو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي موڪلڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. واپڊا اختيارين ٻڌايو ته ماسٽر پلان جي تحت 2050ع تائين ٽن مرحلن ۾ پاڻي ذخيره ڪرڻ جي سهولت 30 ملين ايڪڙ فوٽ وڌائي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.