سپريم ڪورٽ جو فيصلو وفاق، پارليامينٽ ۽ جمهوريت جي ڪاميابي آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ ) وزيراعظم عمران خان سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي وفاق، پارليامينٽ ۽ جمهوريت جي فتح قرار ڏنو آهي. حڪومتي ترجمانن جي اجلاس ۾ آرمي چيف جي نوڪري جي مدي ۾ واڌ واري سپريم ڪورٽ جي فيصلي بابت وزيراعظم جي فتح آهي. عدالت مستقبل لاءِ رهنمائي ڪئي آهي. هن چيو ته پهرين اهڙا سوال ڪڏهن سامهون نه آيا، ان لاءِ عدالت ۽ قانون جي رهنمائي ۾ ايندڙ وقت لاءِ قانونسازي ٿيندي. عمران خان جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان مافيا کي مايوسي ٿي آهي. ادارن جو ٽڪراءُ چاهيندڙ مافيا کي مستقبل ۾ به مايوسي نصيب ٿيندي. اجلاس ۾ قانوني ٽيم تي اعتراض واريا ويا، جنهن تي وزيراعظم قانوني ٽيم عدالت کي مطمئن ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ عدالتي فيصلو قانوني ٽيم جي ڪاميابي آهي.0630

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.