فروغ نسيم هڪ ڀيرو ٻيهر قانون جو وزير بڻجي ويو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ واري درخواست تي فيصلو اچڻ بعد فروغ نسيم هڪ ڀيرو ٻيهر قانون ۽ انصاف واري وزارت  جو قلمدان سنڀالي ورتو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئريسٽر فروغ نسيم کان وفاقي وزير طور حلف کڻايو. اها تقريب ايوانِ صدر ۾ ٿي، جنهن ۾ وڪيل ۽ سياسي سماجي شخصيتن به شرڪت ڪئي. واضح رهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ خلاف سُپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ٿيڻ بعد فروغ نسيم کان قانون واري وزارت واپس ورتي وئي، جنهن بعد هُن آرمي چيف جي وڪيل طور سُپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيو. گذريل ڏينهن سُپريم ڪورٽ طرفان آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ 6 مهينن تائين مشروط واڌ جي اجازت ڏيڻ بعد فروغ نسيم کي ٻيهر قانون واري وزارت جو قلمدان ڏنو ويو.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.