ججن جي مقرري لاءِ پارلياماني ڪميٽي وٽ انٽرويو لازمي، غير حاضر جي نامزدگي رد هوندي

اسلام آباد (بيورو) اعليٰ عدليا ۾ ججن جي مقرري بابت جوڙيل پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي مقرري لاءِ نامزد اميدوارن کي انٽرويو لاءِ گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ قاعدن ۽ ضابطن ۾ ترميمن جي باضابطا منظوري ڏني وئي. نئين ترميم موجب جنهن به اميداور جي جج طور مقرري غور هيٺ هوندي ان جو انٽرويو ڪري سگهبو. نامزد اميدوار انٽرويو لاءِ دستياب نه هوندو ته ان جي نامزدگي رد ڪئي ويندي. پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس علي محمد خان جي سربراهي ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڪميٽي قاعدن ۽ ضابطن جي باضابطا منظوري ڏئي ڇڏي. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان موجب نئين قاعدي ۽ ضابطي رد ڪيل ڪيسن بابت طريقو ڏنو ويو آهي، جڏهن ته پارلياماني ڪميٽي کي سب ڪميٽي جڙڻ جو به اختيار هوندو. لاڳيتو 3 اجلاسن ۾ شرڪت نه ڪندڙ ميمبر جي ميمبر شپ ختم ڪئي ويندي. نئين چيئرمين جي مقرري لاءِ ڪميٽي جو اجلاس 4 ڊسمبر تي ٿيندو. نئون چونڊيل چيئرمين ايندڙ 6 مهينن تائين ڪميٽي جي صدارت ڪري سگهندو.0630

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.