اجرڪ : ثقافتي ڏھاڙي جي مرڪزي سونھن :ماھم سنڌي

جنھن طريقي ۽ طرز سان اسان زندگي گزاريون ،جنھن ۾ اسانجو لباس، کاڌو خوراڪ ،ٻولي، علم ، ادب ،موسيقي ،روايتون، رواج ۽ خاص مقرر ٿيل ڏھاڙا ھجن ان کي ثقافت چئبو آھي.ثقافت جيوصف ھن طرح سان به آھي ته ماڻھن جو ھڪ وڏو گروپ جيڪو ڪجھ روين ،عقيدن،اصولن  ۽ پراڻين نشانين کي ڄمڻ کان اپنائيندو اچي ۽ انکي پنھنجي آئينده نسل ۾ منتقل ڪندو وڃي انھي کي ثقافت چئجي ٿو يا ھڪ گروپ جيڪو ڪجھ تاريخي ڄاڻ ۽ علم جي آڌار تي عمل ڪري جيڪو ھن جي پنھنجي مذھب،ٻولي ،سماجي عادتن ،موسيقي ۽ فن سان ظاھر ٿئي.ثقافت يا ڪلچر انساني ذھن ۽ روح جي آسودگي ۽ تسڪين جي باعث ٿيندڙ انساني فعل جو نالو آھي.اھي فعل جڏھن جڏھن عام حيثيت اختيار ڪري وٺن ٿا ته معاشري جي ثقافت سڏجن ٿا.مصنف اي.بي ٽائلر چوي ٿو ته “ثقافت اھا پيچيده ڪل آھي جنھن جي تربيت ،علم ،عقيدو ،آرٽ ،اخلاق ، رسم ۽ رواج ۽ انھي سڀني ٻين صلاحيتن سان جيڪي انسان بحيثيت معاشري جي ھڪ فرد جي حاصل ڪيون ھجن“.اسانجي ثقافت ۾ اسان جي تاريخ ،اسان جي حال، اسانجي مذھب جو وڏو اثر ھوندو آھي.دنيا جي ھر قوم جي پنھنجي تھذيب ۽ ثقافت ھوندي آھي جنھن سبب ھو زندگي بسر ڪن ٿا.ھو پنھنجي طور طريقن ساڻ خوشي سان زندگي گزارين ٿا.ھر قوم پنھنجي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ۽ ان بابت دنيا جي ٻين قومن تائين معلومات پڄائڻ لاء تقريبون ڪري يا ڏھاڙا ملھائي اظھار خوشي ڪري ٿي.اھو ھڪ فطري عمل به آھي ته انسان کي پنھنجي جنم ڀومي ،ان بعد اپنايل لباس ،مادري ٻولي ۽ سڀ طور طريقا عزيز ھوندا آھي.
اڄ سنڌ سميت جٿي به سنڌي ۽ سنڌ سان محبت ڪندڙ موجود آھن سي اڄ سنڌي ثقافت جو ڏھاڙو پوري جوش ۽ ايڪتا سان ملھائي رھيا آھن.
ثقافت ڏھاڙي جي ملھائڻ جي اعلان ٿيڻ سان ئي سڄي سنڌ انھي خوشي ۾ ٻھڪي پئي ھئي.جٿي ڪٿي ڏسو ثقافتي رنگ نمايان ھئا.مختلف اسڪولن ،ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ تقريبون ٿيڻ شروع ٿي ويون.سُگھڙ ڪچھريون ،مچ ڪچھريون ،قومي گيتن تي رقص، ثقافت ۽ رواجن کي اجاگر ڪرڻ لاء ٽيبلوز ،انساني زنجيرون ٺاھڻ سميت ھر طريقي سان اھو ڏھاڙو ملھايو پئي ويو ۽ اڄوڪي ڏينھن لاء وڏا وڏا پروگرام رٿيا پئي ويا.بيشڪ اھي قومون ئي ترقي ڪنديون آھن جيڪي پنھنجي ثقافت ۽ تھذيب تي فخر ڪن ٿيون.سنڌين جو سنڌ جي ثقافت سان پيار ۽ لڳاءُ شديد آھي .اڄ به اوھان ھر ڏيھي توڙي پرڏيھه ۾ موجود سنڌي کي سنڌي ٽوپي ،اجرڪ ۾ ڏسندا جيڪي سنڌي ثقافت ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري ٿو.
سنڌي ثقافت ۾ سنڌي اجرڪ جي تمام گھڻي اھميت آھي.اجرڪ سنڌي ثقافت جي مرڪزي سونھن آھي.اجرڪ لفظ ارزڪ مان ورتل آھي جنھن کي عربي ۽ فارسي ۾ نيرو چون ٿا.قران ڪريم ۾ وري ال جرڪ جي نالي سان آيل آھي.مصر جا قديم بادشاھ جيڪي مري وڃڻ بعد پنھنجي لاشن جي باقيات رکڻ لاء ممي (سانڍي رکيل لاشو)ٺاھيندا ھئا ان جي ڍڪڻ لاءِ مٿان سوٽي ڪپڙو وجھندا ھئا جيڪو ھو سنڌ مان گھرائيندا ھئا ۽ ان کي “سنڌھن“ ڪري سڏيندا ھئا.تاريخي ورقن ۾ درج ٿيل آھي ته اسانجي پاڙيسري ملڪ ايران جي پھرين بادشاھ “دارا“ جي تاج پوشي جي وقت ان کي سنڌي اجرڪ ۽ سنڌي لباس پيش ڪيو ويو ھيو.سنڌي ماڻھو اجرڪ سان ڏاڍو چاھ رکن ٿا ۽ اھو استمعال ۾ ھر وقت آڻين ٿا.اڍائي کان ٽي ميٽر ڊگھو ڪپڙو  اجرڪ جو ھوندو آھي جنھن جا بنيادي چار رنگ ٿين ٿا.ڳاڙھو نيلو اڇو ۽ ڪارو.اجرڪ جو وچون حصو ڳاڙھو يا نيرو ھوندو آھي ڪنارن کان ڪارو رنگ ۽ چٽ گل اڇي رنگ جا چٽيل ھوندا آھن جيڪي سڀئي سنڌي شان سان اوڍين ٿا.اجرڪ سردي ۾ سيءُ کان بچڻ لاء پڻ استمعال ٿئي ٿو.مرد ھن کي شال جيان سردي ۾ استمعال ڪن ٿا.ھو چادر وانگي پنھنجي مٿان وجھي پڻ سُمھن ٿا.عورتون ان کي رئي ۽ چادر جيان پائي استمعال ڪن ٿيون.اڪثر عورتون جڏھن ٻاھر نڪرن ٿيون ته وڏا جرڪ اوڍي پوءِ ٻاھر نڪرن ٿيون.اجرڪ شادين ۾ پڻ وڏي خوشي سان استمعال ٿين ٿا.گھوٽ به شادي جي دوران اجرڪ ضرور پائيندو ان کانسواء ڄڻ اھو اڌورو ھجي.مٽ مائٽ به خوشي وچان ان کي ھارن سان گڏ اجرڪ ضرور پارائيندا آھن.جڏھن گھوٽ پنھنجي ڪنوار وٺي رخصت ٿيندو آھي ته ان جي اجرڪ جي پلو سان ڪنوار جي ڳاڙھي پوتي کي ڳنڍ ڏني ويندي آھي جنھن جو تت اھو ھوندو آھي ته سدائين پاڻ ۾ خوش ۽ ڳنڍيل ھجن.ڪا دوري ۽ وڇوٽي انھن جي رشتي جي پاسي مان به نه گذري.جئين ته سنڌ مھمان نوازي ۾ ھميشه کان مشھور آھي تئين جٿي ڪو به مھمان ايندو ته ان کي اجرڪ اوڍائي آجيان ڪئي ويندي.ھي پنھنجي مھمان جي آجيان ڪرڻ ۽ ان کي مانُ ڏيڻ جو شاندار طريقو سمجھيو وڃي ٿو.اليڪشنن جي دوران جنھن به سياسي پارٽي جا يا آزاد اميدور چونڊ مھم لاء  ڳوٺن توڙي شھرن ۾ ويندا ته سامھون وارا ان کي اجرڪ ضرور پارائيندا ۽ پوء جيڪو کٽبو ان کي به مبارڪن ۽ مٺائين سان گڏ اجرڪ ضرور ملندو.شاھ عبدالطيف جو ميلو ھجي، سچل سرمست جو يا قلندر لال جو جٿي به جنھن صوفي جو ميلو ھوندو ته اتي به مانائتي ثقافت کي اڳيان اڳيان رکيو ويندو آھي.ڳائڻ وڄائڻ جي تقريبن جي اختتام تي ايوارڊ ۽ ڪيش چيڪ سان گڏ اجرڪ ضرور پارايا ويندا آھن.ملھ مقابلي توڙي ٻين راندين ۾ کٽيندڙ رانديگرن کي اجرڪ ته ضرور ملندو.ھتي ڪنھن سرڪاري فنڪشن يا گڏجاڻين ۾ جيڪو خصوصي مھمان طور شرڪت ڪندو ان جي زينت اجرڪ سان وڌائي وڃي ٿي.سنڌ ۾ ٿيندڙ ھر فنڪشن پارٽي ۽ خوشي جي گڏجاڻين ۾ اجرڪ ضرور شامل ھوندو آھي.نه صرف خوشين ۾ پر ڏکن ۾ به اجرڪ گڏوگڏ ڀائيوار ھوندو آھي.ڪنھن به فرد جي حادثاتي يا رضا الاھي سان ٿيل فوتگي ۾ ان جي جنازي جي مٿان لازمي طور اجرڪ رکيو ويندو آھي.ڀلي گھر ۾ کوڙ مھانگيون چادرون ۽ شالون ھجن پر اجرڪ کي سڀني مٿان فوقيت ھوندي آھي.جنازي جي دوران چڻ وارا سڀ ماڻھو لازمي طور اجرڪ پاڻ سان گڏ کڻيو ايندا آھن ۽ اھي جنازي جي مٿان وجھندا آھن.ماڻھو ته قبرن مٿان به گل جي ڇٽڻ سان گڏ اجرڪ پڻ مٿان وڇائي رکيو ايندا آھن.اھو رواج اھا تھذيب ايڏي ته پراڻي ۽ اھميت واري آھي جو ان جي مخالفت ڪو ورلي به نه ٿو ڪري.سياسي ،ذاتي دشمنيون وغيره پنھنجي جاء تي پر اجرڪ جي مخالفت ڪو ھڪ سنڌي به نٿو ڪري.پو۽ ڀلي ڪھڙي به مذھب جو ڇو نه ھجي.ٻاھرين ملڪن جا ماڻھو جڏھن ڏسندا ماڻھو سنڌي آيو ته ھجت طور اجرڪ جي گُھر ڪندا آھن.جيڪي سنڌي پرڏيھ ۾ رھن ٿا اھي ته خاص ڪري اجرڪ جا ڪيترائي تاڪا گُھرائن ٿا ۽ پنھنجي پرڏيھي دوستن کي سنڌ جي سوکڙي طور گفٽ ڏين ٿا.جيڪا وصولي ھو ڏاڍا خوش ٿين ٿا.اوھان جي ڪلھن تي اجرڪ اھو پري کان پتو ڏئي ٿو ته ڀلي اوھان ڪھڙي به مذھب ۽ ذات جا ڇو نه ھجو پر آھيو سنڌي.اجرڪ سنڌين جي ترقي يافته تھذيب جو اھم پھلو آھي.اجرڪ کانسواء سنڌي ثقافت جي وصف ۽ سُڃاڻ اڻپوري ئي نه بلڪه اڌوري ئي آھي.
سنڌي ثقافت جي تاريخ پنج ھزار سالن کان به وڌيڪ پراڻي آھي.1500 کان 2500 قبل مسيح کان اجرڪ جو وجود ڳولڻ سان ملي ٿو يا ائين چئجي ته ان کان به اڳواٽ جي آھي پر تاريخي صفحن تي درج ھئڻ لاء ان وقت قلم ئي ميسر نه ھجي.موئن جي دڙي مان مليل ھڪ بادشاھ پادري جو مجسمو جيڪو ھئينر پاڪستان جي نيشنل ميوزيم  جي زينت بڻيل آھي ۽ قومي ورثي ۾ شامل آھي ان ۾ به ان مجسمي ۾ اھو ماڻھو اجرڪ جي ڊزائين جھڙو ڪپڙو اوڍي بيٺل آھي جيڪو ان جي ٻنھي ڪلھن کان ٿيندو ھيٺ سيني تائين ويڙھيل آھي.ان ۾ به اجرڪ وارا ئي چٽ آھن.
اجرڪ جي تياري بابت ڄاڻڻ سان پتو پوي ٿو ته اجرڪ پنج کان پندرھن مرحلن مان گزري مڪمل ٿئي ٿو.پھرين پنج مرحلن ۾ ان تي گل چٽائي جو ڪم ٿيندو آھي.باقي رھيل مرحلن جي پورائي بعد ئي اجرڪ پنھنجي اصلي حالت ۾ اچي ٿو جيڪا اسان بازار ۾ ڏسون ٿا.اعلي معيار جي ٺاھيل اجرڪ ۾ خاص قسم جو ڪپڙو گھربل ھوندو آھي.جنھن کي کار ۾ ٻوڙي ٽھڪائي پوء ان کي ڪڍي نپوڙي اُس ۾ سڪايو ويندو آھي.ان بعد ڇھه ڏينھن تائين لاڳيتو تيل ۾ پسائي رکبو آھي.انھي سڀني مرحلن کي ڪاريگر چُڙئي ڪري سڏيندا آھن.ھلڪي معيار جا اجرڪ  وري صابڻ سان پڻ ڌوتا وڃن ٿا.انھي سڀني مرحلن کي مڪمل ٿيندي 20 کان پنجويھه ڏينھن لڳي وڃن ٿا.
نورجھان بل گرامي جيڪا ھڪ آرٽسٽ آھي ۽ ڪپڙن جي ڊزائينر  ۽  ان تي تحقيق ڪندڙ عورت آھي ان جي ڪتاب سنڌ جو اجرڪ  (Ajrak of Sindh)  ۾ اجرڪ جي بناوٽ ۽ ان جي طور طريقن بابت تفصيل سان لکيل آھي.جيڪو ثقافت ۽ سياحت واري کاتي طرفان ڇپايو ويو آھي جنھن ۾  ايندڙ سياحن کي معلومات ڏيڻ لاء ڪم آندو وڃي ٿو.جنھن جي تصويري ڊاڪيومينٽري پڻ بعد ۾ ٺاھي وئي آھي.انھي ڪتاب مطابق ھڪڙي اجرڪ ٺاھڻ ۾ 20 ماڻھو مصروف ھجن ٿا ھر ڪنھن جو پنھنجو ڪم ۽ ٽاسڪ ھوندو آھي.ننڍن ننڍن ڪاٺ جي چوڪنڊي ٽڪرن تي ھڪ ڊزائين ٺھيل ھوندي آھي جنھن کي ٺپا به چئبو آھي.انھي ٺپي کي آلو ڪري انھي ڪپڙي مٿان ھڻڻ سان ٺپي جو سڄو ڇاپو ڪپڙي تي لڳي وڃي ٿو.اھڙي طرح سان انھي سڄي ڪپڙي تي ترتيب سان ٺپا ھڻبا آھن.ڪجھ ڪيميڪل به استمعال ۾ آڻبا آھن جئين ته عام ڪپڙن جي فئڪٽرين ۾ ڪتب آندا  ويندا آھن.اجرڪ جا اگھ به سائيز ،ڊزائين ،ڪپڙي جي  معيار مطابق ھوندا آھن.جن تي سٺو ڪپڙو استعمال آندل ھوندو ۽ چڱي چوکي ۽ وڌيڪ محنت واري ڊزائين ھوندي ان جا اگھ مھانگا ھوندا آھن باقي ڪپڙي جي معيار نارمل ۽ سائيز ننڍي ھجي ته اھي اگھه ۾ سھانگا پون ٿا.
اجرڪ جي تياري ۾ مختلف شيون ۽ رنگ گھربل ھوندا آھن.جئين ته ٻٻر جو کنئور ،اُٺ جو ڇيڻو ،ڦٽڪي ،تيل ،چانورن جو اٽو ،واڱڻائي رنگ ۽ سج جي تيز روشني ڪو تلاءُ يا کليل پاڻي جي جڳھ اجرڪ کي ٻوڙڻ لاء لازمي ھوندو آھي.پھرين اھي ڪيميڪل ۽ سامان پاڻمرادو ٺاھي ڪتب آندا ويندا ھئا پر ھاڻي اھي انڊيا جرمني ۽ فرانس مان گھرايا وڃن ٿا.انڊيگو جو واڱڻائي رنگ خاص ڪري جرمني مان گھرايو وڃي ٿو.جنھن جو ڪنھن دور ۾ سيوھڻ ۾ وڏو مرڪز ھوندو ھو.
سنڌ صوبي ۾ اجرڪ ٺاھڻ جا پنجاھ کان پنجونجاھ مرڪز آھن جن ۾ وڏا مرڪز ضلعي ٽنڊي محمد خان ،اتر ۾ ضلعي  سکر ،ضلعي مٽياري ۽  ان جي شھر ڀٽ شاھ بدين جي شھر ماتلي وٽ آھن.جئين ته اجرڪن جو تمام گھڻو وڪرو ٿئي ٿو تنھن ڪري ماڻھن پنھنجا ڪاروباري مرڪز پڻ ٺاھي ڇڏيا آھن.جنھن مان اھي نفعو ڪمائين ٿا.انھي سانگي ڪيترائي ماڻھو روزگار سان پڻ لڳل آھن.اجرڪ ٺاھڻ جي فن ۾ حصو وٺندڙ مزدور خوشي جو اظھار ڪن ٿا ته اسان کي فخر آھي ته اسان پنھنجي ھٿن سان محنت ڪري تتي ٿڌي ڪاٽي پگھر وھائي ھڪ اھڙو ڪم ڪيون ٿا جنھن جي ڪرڻ سان اسانکي ذھني سڪون ملي ٿو.جيترا اجرڪ وڌيڪ ٺھن ٿا اوترو ئي خوشي وڌي ٿي ته اسان کي الله اھڙي سگھ ڏني جو پنھنجي ثقافتي ورثي کي پنھنجي ھٿن سان ٺاھي سنڌ واسين تائين پھچايون ٿا.جيڪي ھو خريدي وڏي مان سان اوڍين ٿا ۽ ڪم آڻين ٿا.اجرڪ اسانجي سنڌي قوم جي سڃاڻپ آھي جيتري اسان انکي اھميت ڏينداسين اوتري ئي اسان جي عزت افزائي ٿيندي.
اجرڪ کي سنڌي شاعرن به خوب ساراھيو آھي.ھڪ شعر ۾ شاعر اجرڪ جو  ان جي سھڻي ڊزائين جو ذڪر ڪندي پنھنجي پرين سان محبت جو اظھار ڪري ٿو.
اجرڪ جي ڦلڙي ۾ جيڏي هوندي آ اڇاڻ
منهنجي من ۾ ڀي آ ايڏو پيار اوهان جي ڪاڻ
(ادل سومرو)

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.