سنڌي قوم جي ثقافت عيد قومي شعور جوڏهاڙو آهي:عبدالفتاح عباسي

ٿر، بر، ڪاڇو توڙي لاڙ هجي پر هر طرف جڏهن اها ٻولي ۽ لولي هجي جيئي سنڌ جيئي، سنڌ وارا جيئن،رهي سدا سنڌين جي ٻولي ماروئڙن جي مٺڙي ٻولي، نٿو جو سنڌ لئه لڙي، نٿو جو سنڌ لئه وڙهي، اهو سنڌ کي ڇڏي وڃي اهو سنڌ مان لڏي وڃي جهڙا قومي گيت جڏهن روڊن رستن ۽ ايڪو سائونڊ ذريعي ڪنن ۾ گونجن ٿا ته پنهنجي ڌرتيءَ جي محبت اڃان به وڌيڪ جوش ۽ جذبو ڏياري ٿي.سنڌ ڌرتي جي حقيقت سمجهڻ لاءِ ڪجهه ڳالهيون پيش ڪجن ٿيون. دنيا ۾ سڀ کان وڏو شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه سنڌ جو آهي،دنيا ۾ سڀ کان وڏو قبرستان مڪلي (ٺٽو) سنڌ ۾ آهي،دنيا ۾ سڀ کان وڏو قلعو رني ڪوٽ دادو سنڌ ۾ آهي،دنيا ۾ سڀ کان پهريائين بيل گاڏي (ڏاند گاڏي) موئن جي دڙي سنڌين ايجاد ڪئي،دنيا ۾ سڀ کان پهريان ڪڻڪ سنڌ ملڪ ۾ اپائي وئي،دنيا ۾ سڀ کان پهريان وونڻن جي پوک سنڌين اپائي،دنيا ۾سڀني ايجادين جي ماءُ ڦيٿو جي ايجاد سنڌ جي سنڌين ايجاد ڪئي،دنيا ۾ سڀ کان پهريان تهذيب يافته سنڌي قوم آهي جنهن جو مثال موئن جو دڙي جا کنڊرات ڏين ٿا،دنيا ۾ سڀ کان پهريان شهر اڏڻ جو رواج موهن جو دڙو سنڌ کان پيو،اهڙي طرح ئي دنيا ۾ سڀ کان پهريائين آباديءَ جي شروعات،ڪپڙي آڻڻ جو رواج،واپار جو بنياد،دنيا ۾ سڀ کان پهريائين قرآن پاڪ جو ترجمو سنڌيءَ زبان ۾ ٿيو ۽ سڀ کان پهريان تصنيف ۽ تحرير به هتان ئي ٿي.جڏهن ته دنيا ۾ سڀ کان پهريان شيشو به سنڌ مان ئي ايجاد ٿيو.سنڌ جي ڌرتي دنيا جي اها واحد ڌرتي ۽ خطو آهي جتي جي ماڻهن جي محبت، مهمان نوازي،امن، سلامتي، صوفياڻو انداز پوري دنيا جي ماڻهن لاءِ هڪ انوکو تاريخي مثال قائم ٿيل آهي.
سنڌ جا ماڻهو اصل کان ويٺي پنهنجي ڌرتيءَ سان بي انتها محبت پيار ڪندا رهيا آهن ۽ انهن جو پنهنجي سنڌ امڙ سان لازوال عشق و محبت ڌرتيءَ جي خمير جيان مضبوط ۽ سگهارو آهي.سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ جهڙي طرح پنهنجي سنڌي ميڊيا انهيءَ پيار محبت کي اڃان وڌيڪ اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ڏيکاريو آهي.جنهن سنڌ ڌرتيءَ جي مٿان روز روز واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙهيندڙ سنڌ جا دشمن نوان نوان منصوبا ۽ سنڌ خلاف پاليسيون جوڙيون وڃن ٿيون .انهن دشمن ۾ رڳو ٻيا نه پر پنهنجا به ڪافي دلال ۽ ايجنٽ بڻجي جيڪو سنڌ جي وجود جو وڪرو ڪيو وڃي ٿو انهيءَ تي پنهنجي سنڌ، دلالن کان سوال ٿي ڪري ته اڄ قومي جاڳرتا واري ڏهاڙي تي اهو واضع ڪن ته انهن جي سنڌ دشمنيءَ سان جيڪو پنهنجي سنڌ جي وجود کي ڪاپاري نقصان ٿيندو رهيو آهي انهيءَ جو ازالو ڪير ڪندو؟ اڄ هر طرف جڏهن سنڌي ٽوپي اجرڪ، پٽڪا، ڪهاڙيون،قومي لباس،پوشاڪون،پهريل ماڻهو جاڳي نڪري پيا آهن ته انهيءَ سوال کي به سمجهڻ گهرجي ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن سنڌ جي دشمنن جا نوان نعرا، نوان رنگ ۽ نوان پتا استعمال ٿيندي ٿيندي ختم ٿي ويندا پوءِ آخر انهن بزدل ۽ ڪانير ماڻهن کي به پوئتي ورڻو آهي.انهن جي ورڻ جي انتظار ۾ ويٺل سنڌ آخر ڪيترو انتظار ڪندي رهندي ۽ ڪجهه دلال ۽ ڌرتيءَ جا غدار پنهنجي وجود جي ويرين سان هاڻي ئي منهن منهن ۾ وجهي ڳالهائڻ جي سگهه رکن ته جيڪر سنڌ مرڪي پوي، سنڌ اجري پوي ، سنڌ جون آسون ۽ اميدون ڀرپور ٿيڻ لڳن.سنڌ جي زرخيز سرزمين ته هر هڪ کي پنهنجو ڪيو آهي هتي ته ارغون، ترخان، مغل ۽ ٻيون قومون آيون جيڪي سنڌ تي هلان ڪرڻ آيا اهي ته نيست و نابود بڻجي ويا. جن هن مٺڙي امڙ سنڌ کي پنهنجو ڪيو ۽ اهي هن ڌرتيءَ جا پنهنجا ٿي ويا .انهن جن سنڌ کي پنهنجو ڪيو ۽ سنڌ جي وجود سان سلهاڙيل بڻجي ويا انهن جا نسل در نسل سنڌ جي خمير کي ياد ڪندا رهن ٿا.سنڌ کان سواءِ سڄي دنيا ۾ وڃي ڏسو ته بدامنيءَ جي باهه لٽ مار، دهشت گرديءَ جي فضا،بم ڌماڪا، طالبان ۽ داعش جي زهريلي تعليمات جا اثر ملندا رهن ٿا.ڇاڪاڻ ته انهن افغانين، برمين، بنگالين،بهارين،اسرائيلين ۽ ٻين جي تعليمات ۾ انسانيت ناهي.پر وڏي واڪي ۽ فخر سان سنڌي قوم چوندي ته سڄي دنيا ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ڪڏهن به بم ڌماڪن وارا ناهن ٿيا ۽ نه ئي وري اهي داعش توڙي طالبان ازم جي نفرت آميز تعليمات کي ڪڏهن قبول ڪندا آهن.سنڌ جيڪا صوفين درويشن، الله لوڪ مست ملنگن جي سرزمين رهي آهي انهيءَ ڌرتيءَ جا رنگ به نرالا آهن ڪٿي صوفي شاهه عنايت رح جهوڪ واري جي خوشبوءِ آهي ته ڪٿي حيدر شاهه سنائي رح ۽ ڪٿي حضرت مخدوم بلال رح جا پيروڪار پنهنجي ڌرتيءَ جي وجود جي بقاءَ لاءِ قومي ۽ ثقافتي ڏهاڙن تي عيد جهڙي خوشي ڪندا رهن ٿا. پوري سنڌ پنهنجي عيد جي ڏهاڙي تي جرڪي پئي آهي هر هڪ سنڌيءَ جي خوشين جي انتها انهيءَ حوالي سان ناهي جو هيءَ پنهنجي قومي ٻڌيءَ جو ڏهاڙو آهي.انهيءَ ثقافتي ڏهاڙي کي مثبت سوچ رکندي ملهائڻ جو وچن ڪيو وڃي ٿو. جيڪي ماڻهو هن قومي عيد کي به منفي لاڙي سبب ٻئي رخ ۾ وٺي وڃن ٿا انهن جي تعصب جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟ جيڪڏهن پنهنجي پوري سنڌي قوم کي هڪ ڏينهن ئي سهي خوشيون، مرڪون ۽ مسرتون ملن ته پوءِ انهيءَ ۾ ڪنهن کي ارهو ڇو ٿو ٿيڻ کپي؟ ميڊيا جي ڪاوشن جي ذريعي جيڪڏهن پنهنجي اڱڻ تي خوشيون اچن ٿيون ته انهيءَ کي very very wel come چوڻو پوندو. سنڌ جي ثقافت پنهنجن ميڊيا جي دوستن تي ته ضرور فخر ڪندي رهندي پر اهو به ياد رکڻ گهرجي ته انهن ثقافتي ڏهاڙن تي پنهنجي قومي تقاضائون به ڪي آهن جهڙوڪ ناچ گانن ۾ ايترو محو نه ٿيڻ گهرجي جو ڪنهن پاڙي واري، محلي دار، ڪنهن بيمار،ضعيف،پيرسن، عبادت گذار جي لاءِ مسئلا وڌڻ لڳن.ثقافتي ڏهاڙو قومي عيد ملهائيندڙن لاءِ عرض آهي ته پنهنجي هر هڪ عمل مان سنڌ ۽ سنڌ يعني رواداري، ڀائيچارو، هم آهنگي، صبر، سلامتي، امن واري فضا ظاهر ٿيڻ لڳي.ڪنهن به ٻي قوم، ٻي ٻولي تي اهڙن ڏهاڙن تي اجائي تنقيد بجاءِ صرف ۽ صرف پنهنجي وجود جي بقا لاءِ دهڙڪندڙ دل جو تصور هجي.سنڌ امڙ جا نعرا ۽ سنڌ جي خوشين شادمانن جي رهاڻيون، مچ ڪچهريون، بيت، ڪافيون ۽ سگهڙن جا پهاڪا ۽ انهن جون ٻوليون هجن پوءِ ڏسو سنڌ جي ڌرتيءَ سان محبت ڪندڙن جا متل ميلا ڪيڏا نه سونهارا ۽ خوب لڳن ٿا.سنڌ جي ڌرتيءَ جي اهڙي ته خوشبوءِ آهي جو انهيءَ کي پوري دنيا جا ماڻهو عرب هجن يا پوءِ انگريز هجن، جرمن هجن يا وري ايراني، چيني،عراقي، ڪوريائي،ملائشيائي انهن جي زبانن تي اڄ تائين هن سنڌ جي محبت ، پيار ۽ خاطر تواضع يادين ۾ رهندي پئي اچي. دنيا جي ملڪن جا ماڻهو سنڌ وطن جي ماڻهن جي امن، سلامتي ۽ رواداريءَ جا مثال ڏيندا رهن ٿا.سنڌ جي ثقافت رچ ثقافت آهي.سنڌ جي ٻوليءَ ۾ مٺاس ۽ اهڙي ته پنهنجائپ سمايل آهي جو ڪيڏو به نفرت ڪندڙ سامهون هوندو پر سنڌي پنهنجي صوفياڻي ورتاءُ سان انهيءَ جي سنگدليءَ واري عارضي ۽ بي بنياد نفرت جا سڀ ليڪا ٽوڙي عجز، انڪساري،الفت، پيار، محبت جو سرور سمجهائڻ ۾ ڪامياب ويا آهن.سنڌ جي صوفياڻي پيغام ذريعي پوري دنيا ۾ هيءُ شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه جي شعرن جي مڪمل مجموعي ” شاهه جو رسالو “ جو مطالعي ڪرڻ جي ضرورت آهي. جنهن ذريعي هيءُ لوڌل جيڪي اجرڪ پائي به سنڌ امڙ جي تقسيم ورهائڻ جو ناٽڪ ڪندا رهن ٿا ۽ انهن جا ساٿي به ياد ڪن ته هيءُ جڏهن جوڳي جاڳيا ته پوءِ …..، جهڳي اسان جي ڪکن پنن جي، تنهن ۾ به نظر آ دشمنن جي،” دشمن چاهي ڪيڏو به منهنجو ،ڊاهي نه سگهندو نقشو سنڌ جو، وهندو رهندو رت اسان جو چوندو رهندو، جيئي سنڌ، جيئي سنڌ. اها هڪ کليل ۽ اٽل حقيقت آهي ته هر هڪ کي پنهنجي ڌرتيءَ سان بي انتها محبت هوندي آهي ۽ پنهنجي وطن سان محبت کي ايمان جو حصو قرار ڏنو ويو آهي,اسان سڀني کي سنڌ جي ثقافتي رنگن سان ڀرپور عيد تي اهو پڻ عهد ڪرڻ گهرجي ته هن قومي عيد جي موقعي تي پنهنجي قومي لباس، سنڌي ٽوپي، سنڌي اجرڪ،پٽڪي پائڻ سان گڏوگڏ پنهنجن شهرن جي روڊن رستن جي ڀرسان ، اسڪولن، ڪاليجن،تعليمي ادارن ، صحت جي مرڪزن،اسپتالن ۾ هڪ هڪ وڻ جو ٻوٽو نئون لڳايو وڃي.اهڙو جذبو بيدار ڪرڻ سان پنهنجي ماحول اندر ماحولياتي گدلائپ جو خاتمو اچي سگهي ٿو ۽ نوان ٻوٽا لڳائڻ ڪنهن عبادت کان گهٽ ڪم ڪونهي.انهيءَ لاءِ به سنڌ جا ماڻهو سرها ٿيا آهن سنڌي ميڊيا کان جو انهيءَ ميڊيا ئي سنڌ جو هر ايشو پنهنجي سچائيءَ سان کنيو آهي اهو سنڌ دشمن منصوبو ڪالا باغ ڊيم جو هجي يا ڌارين جي مسلسل يلغار، سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻيءَ جو سوال هجي يا وري ڪراچيءَ جي مالڪيءَ جو اٿندڙ سوال هجي انهيءَ تي به سنڌي ميڊيا پنهنجو پاڻ ملهائي ڏيکاريو آهي.هاڻي جيڪو قومي عيد جو سنڌي قوم جو جشن جو ڏهاڙو آهي انهيءَ تي سموري قوم رڳو پنهنجي سنڌي ميڊيا جي ٽي وي چئنلز تي اهي سنڌي لوڪ گيت، ڪافيون، مچ ڪچهريون ڏسي دنگ رهجي وئي آهي ته اسان جي قوم ڪيڏي نه خوش نصيب آهي جو انهيءَ جا اهڙا قديم ماڳ، مڪان، جهرجهنگ، وستي، واهڻ، نگر نگر ۾ نعرا گونجڻ سنڌي ميڊيا جو سنڌي قوم تي وڏو احسان آهي جو مٽيءَ جا ٿانوَ، مٽُ ۽ دلو توڙي ٻيون وسري ويل پراڻيون ريتون رسمون ۽ اثاثا پنهنجي ميڊيا وري ڏيکارڻ لڳي آهي.جنهن ذريعي ڪشمور، هالا، ڀٽَ جا ڪاروباري ماڻهو اجرڪ، سنڌي ٽوپيَ جي وڌندڙ ڪاروبار تي سنڌي ميڊيا جا ٿورائتا رهن ٿا ڇاڪاڻ ته هاڻي نه رڳو اهو ڪاروبار پنهنجي ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پر سڄي دنيا ۾ انهيءَ جي گهرج وڌڻ لڳي آهي، جڏهن به سنڌ جي وجود جا ويري سنڌ جي ورهائڻ تقسيم جي ڳالهه ڪرڻ لڳن ته سمجهڻ گهرجي ته پنهنجي سنڌ ۾ جيڪي نانگ پاليا ويا آهن ۽ 70 سال گذرڻ باوجود به اهي سنڌ جي تقسيم ورهائڻ ۽ ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي ڳالهه ڪري سنڌ جي اصل وارثن کي پنهنجي ئي شهر ڪراچيءَ کان بي گهر ڪرڻ ۽ ڪراچي کي وڌيڪ بين الاقوامي يتيم خانو بنائڻ جي سازش ٿي رهي آهي، انهي لاءِ صوبائي توڙي وفاقي حڪومت کي گهرجي ته ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ سنڌ اندر پرڏيهين، ٻاهران آيل برمين، بهاري، بنگالين، افغانين ۽ ٻين جي لوڌن، ڪٽڪن ۽ يلغار کي روڪڻ لاءِ اخباري بيان ڏيڻ تائين نه پر عملي طرح انهن کي روڪڻ لاءِ سختي سان اپاءَ وٺڻ جي اشد ضرورت آهي.منهنجي سنڌ امن، سلامتيءَ جو عظيم خطو ۽ ڌرتيءَ جو هڪ خوبصورت نانءُ آهي جنهن کي وڌيڪ لوڌن ۽ ڪٽڪن کان محفوظ ڪرڻ لاءِ حڪومت وقت پنهنجي اهم ذميواري جو احساس محسوس ڪندي سنڌ ڌرتيءَ سان محبت جو اظهار هن قومي ثقافتي ڏينهن تي وچن ۽ عهد جي صورت ۾ اختيار ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته سنڌ هڪ عظيم ڌرتي تي پنهنجي پرائي کي قرب، پيار ۽ محبت جا عظيم جذبا ورهائي ڏنا آهن جيڪڏهن پوءِ به ڪو بدنصيب ڪانير پنهنجي ماتر ڀومي سنڌ جي سينڌ ۾ ميراڻ وجهڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي ۽ سنڌ جي خوبصورتيءَ بجاءِ سنڌ جي 7 ڪروڙ عوام کي بار بار سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ڪري سنڌي قوم جي جذبات سان کيڏڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته اهو ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جو سڄڻ نه پر سنڌ قوم جي ڄڻ ته زخمن تي مرهم نه پر ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جي ڳالهه ڪندو رهي ٿو. انهي ڪانير لنڊن جي لوٺي ۽ انهيءَ جي پوئلڳن تعصب پرست ٽولي کي اها خبر ئي ناهي ته سنڌ جا ماڻهو جڏهن ٽرين ۾ سفر ڪندي پنهنجي سائيڊ واري ورتل سيٽ ئي ڪنهن کي نه ڏيندا آهن ته هو سنڌ جي تقسيم ٽڪرا ٿيڻ ڪيئن برداشت ڪندا ۽ انهن سنڌ جي دشمنن بزدل ٺڳ ٽولي کي ياد ڪرڻ گهرجي ته سنڌ ڪو بمبئي بيڪريءَ جو ڪيڪ ناهي جو انهيءَ کي ٽڪرا ڪري کائي سالگره مبارڪ چئي ڊرامي جو سين ڪيو ويندو سنڌ هڪ اٽل حقيقت ۽ جاگرافي طور تي هڪ خوشحال خطي جهڙي حيثيت رکندڙ صوبو آهي جنهن جي پنهنجي تهذيب، ثقافت، ريتون، رسمون موجود آهن.جيڪڏهن ڪنهن کي هيءُ صوبو سنڌ نٿو وڻين ته هو ڀلي هندستان لڏي وڃي اسان کي ڪو به اعتراض ناهي ۽ جيڪو انهن 70 سالن کان کاڌو پيتو آهي اهو به سنڌ انهن کي معاف ٿي ڪر پر خدا انهن مان جند ڇڏائي جيڪي امن واري صوفين جي ڌرتيءَ سنڌ کي پنهنجو نٿا ڪن ويتر بار بار وري ڪروڌ ۽ ڪاوڙ ڪري ڪورٽ ۾ سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ لاءِ ڪيس ڪري نون ڊرامن جي ريهرسل ڪندا رهن ٿا. سنڌ جي اندر جيڪي به بلوچ، پنجابي، پٺاڻ، اردو ڳالهائيندڙ هجن پر اهي سنڌ جي اندر مستقل رهندڙ اسان جا سنڌي ڀائر آهن، سنڌ هڪ اهڙو گلدستو آهي جنهن ۾ سڀئي ٻوليون ڳالهائيندڙ رهن ٿا ۽ سنڌ ڌرتي سڀني محبت ڪرڻ وارن جي پنهنجي ڌرتي آهي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.