سنڌ جي ثقافت ۾ لطيف جو ڪردار:سھيل اڪبر

سڀ کان پهريان اسانکي اهو ڄاڻڻو پوندو ته ثقافت ڇاکي چئجي؟ ثقافت جي معنيٰ آھي ڪنھن شيءِ يا انسان جي جسماني ۽ ذھني واڌ ويجهه ۽ سڌارو. اصطلاح طور ثقافت مان مراد ”انسان جي ذاتي ۽ اجتماعي نشونما جا سمورا پھلو“ ورتا وڃن ٿا.ڪنھن معاشري جي رهاڪن جي عقيدن، علم، رھڻي ڪھڻي، ٻوليءَ ريتن رسمن، زندگيءَ جي وھنوار، ۽ حرڪت وغيره کي گڏي ثقافت ڪوٺيو وڃي ٿو . ثقافت ئي ڪنھن قوم جي سڃاڻپ ھوندي اھي. ثقافت ان قوم جو اھو مشترڪ قدر اھي، جنھن سان نه فقط ان جي پنھنجي سڃاڻپ ٿئي ٿي، بلڪ ٻين سماجن کان الڳ حيثيت جي مڃتا ٿئي ٿي.سنڌي سماج هزارين سالن کان هن ڌرتي تي پنهنجي نرالي رهڻي ڪهڻي ۽ ريتن رسمن سان رهندي پئي اچي.
ڪلچر جو هڪڙو ته مادي يا ڏسڻ ۾ ايندڙ پاسو هوندو آهي جيئن ڪنهن قوم جو لباس، رهڻي ڪهڻي، کاڌو، پيتو وغيرهه، ان جو عملي مظاهرو اسان جي سامهون ٽوپي اجرڪ جي ڏهاڙي جي نسبت سان گهڻو ئي ڪيو ويو آهي، ان کانپوءِ ڪنهن قوم جا لطيف فن آهن جن ۾ ادب، آرٽ، موسيقي وغيرهه اچي وڃي ٿي، پر جيڪو ٽيون پهلو آهي سو آهي بظاهر ڏسڻ ۾ نه ايندڙ يا غير مادي ڪلچر جنهن ۾ قوم جو وهنوار، رويا، سوچ ۽ فڪر جا طريقا ڳڻي سگهجن ٿا، انهن ۾ ئي اخلاقي قدر به اچي وڃن ٿا.سنڌ جي هزارين سالا تاريخ ۾ اهڙا هزارين ڪردار جنميا جن سنڌ ڌرتي جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو جن جي محنتن ۽ ڪاوشن سان ئي سنڌ جي ثقافت زنده رهي.جيڪڏهن گذريل ٽن صدين جي ثقافت تي غور ڪنداسين ته سنڌ جي ثقافت،وطن پرستي،امن عالم،ترقي بني آدم واري سوچ،فڪر ۽ اخلاقي قدرن کي نروار ڪرڻ ۾ سڀ کان وڏو ڪردار مرشد لطيف جو ئي نظر ايندو جنهن مشڪل حالتن ۾ صرف سنڌي ٻوليء کي لکڻ لاء چونڊيو ۽ صرف سنڌ جي امر ڪردارن سورمن،سورمين،سورهن،ڏاتارن کي پنهنجي شاعري جو محور بڻائي انهن شخصيتن سان گڏوگڏ انهن جي ماڳن، ٻولي، ڪلچر کي به نروار ڪيو.هيٺ مرشد لطيف جي رسالي جي سرن ۾ مرشد لطيف سنڌي سماج جي ثقافت، رهڻي ڪهڻي، ڪاروهنوار، سوچ ۽ فڪر، ادب . آرٽ، موسيقي،وطن پرستي،اخلاقي قدرن کي پنهنجي شاعري ذريعي اجاگر ڪيو آ.ان تي نمبر وار هر سر جي روشني ۾ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
سر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ ۾ سنڌي سماج جي ٻاجهاري ٻولي بيان ڪئي اٿس ته سنڌ جي صوفي ازم کي به اجاگر ڪيو اٿس ته سنڌ جي لوهارن کي به نه وساريو اٿس۽ سنڌ جي ثقافتي ڪردار مائي موکي ۽ متارن جي ڪردارن کي به امرتا بخشيائين.
يمن ڪلياڻ ۾ سنڌ جي هزارين ساله امن عالم ۽ ترقي بني آدم واري فلسفي کي بيان ڪندي صبر جو سبق ڪجهه هن طرح ڏيئي ويا.
کَمُ! کَمَندنِ کٽيو، هارايو هوڙَنِ.
چکيو نه چُوندنِ، هو جو ساءُ صبرَ جو.
اڳتي گلي سر کنڀات ۾ سنڌي چوڻين پهاڪن کي اجاگر ڪندي پرينء کي چنڊ سان ڀيٽيندي محبوب کي چوڏهين جي چنڊ کان به وڌيڪ اهميت ڏيندي سوين سجن ۽ چنڊن اڀرڻ کي به محبوب سوا سڀ اونداهي ڀائيندي فرمائن ٿا.
سهسين سِجَنِ اڀري، چوراسِي چَنڊَنِ.
بالله ري پِرِيَنِ، سَڀَ اونداهِي ڀانئِيان.
کنڀات ۾ ئي مرشد لطيف سنڌي ٻولي جي عظيم هجڻ جو ثبوت صرف اٺن جي سندن عمر، قد، نسل ۽ رنگ جي بنياد تي ڪتب ايندڙ درجن کان مٿي نالن کي اجاگر ڪندي هيٺيين الڳ الڳ نالن سان هر عمر جي اٺ متعلق لکيو آ
جيئن: ڏاگھو، چانگو، توڏو، موڏو، روڏو، ٻُورُ، ليڙو (ڪول واھ ديس جي اُٺن جو نالو)، ڪَرَھو، پالھ (ٻن ٿوھن وارو اُٺ جو آڳاٽي زماني ۾ سنڌ ۾ به موجود ھيا)، بُودو، بوتو، مَيو، بعير، ڪَنواٽ، اُٺ، وَڳُ ۽ سنگر وغيره.سر سريراڳ ۽ سر سامونڊيء ۾ سنڌ جي وڻجارن،ملاحن،ٻيڙي سازي ۽ سنڌين جي مضبوط معيشت کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي نه صرف وڻجارن جي محنت جدوجهد ۽ پنهنجي ڌرتي ڌڻين جي ضرورت لاء سڄي دنيا مان ضرورت جون شيون آڻڻ ۽ انهن جي شين کي سڄي دنيا ۾ پهچائڻ ۽ سٺو ناڻو ڪمائڻ جو ذڪر ڪيائين پر انهن وڻجارن جي وهن (گهروارين) جي پنهنجي ڀتارن لاء محبت سڪ اڪير کي بيان ڪري سنڌي سماج جي عورت کي اجاگر ڪندي وڻجارن جي وهن جي جذباتن جي ترجماني ڪجهه هن ريت ڪيائين.
اَڱَڻُ آئِيا جان، ته سَرَتِيُون مون سُکَ ٿيا.
اَمُلَ پِرِينءَ مٿان، ٻَرڪِيو ٻين ڏيان.
ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊيُنِ سِڙهَ سَنباهِيا.
وِجھيو وَرُ ونجَھه کي، روئي وَڻجارِي.
مارِيندَءِ مارِي! پِرِهَ سُورَ پِريُنِ جا.
اگر سر سهڻي تي غور ڪنداسين ته اهو سر به نج سنڌي ڪردارن تي لکيو ويو .سهڻي جيڪا سنڌو درياھ جي پراڻي وهڪري جنهن کي ڦاٽ يا ڍورو به سڏيو وڃي ٿو ان درياھ تي برهمڻ آباد ويجهو هاڻوڪي شھر شهدادپور ويجهو سنڌو جي سيرن حوالي ٿي هئي.
شاھ سائين سر سهڻي ۾ غلط ريتن رسمن کي ننديو آ ۽ سهڻي کي تمثيلي طور استعمال ڪندي انقلاب جو به چٽو سبق ڏنو آ ته سنڌ جي جاگرافي ۽ ثقافت کي به اجاگر ڪيو آ.
سر سهڻي ۾ شاھ سائين پنهنجن بيتن کي آيتون چوندي ان مان سبق ۽ رهنمائي وٺڻ جو به درس ڏنو آ.
جي تو بيت ڀانئيا سي آيتون آھن.
نيو من لائن،پريان سندي پار ڏي.
سر سهڻي کان پوء مرشد لطيف محنت ۽ جدوجهد جي علامت مرشد لطيف جي سورمي سسئيء تي سڄا سارا پنج سر.
سر سسئي آبري، سر معذوري،سر ديسي، سر ڪوهياري، سر حسيني لکي سسئي کي به زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آ ته سنڌ جي ماڳن مڪانن جبلن ،لڪن کي به اجاگر ڪيو آ، ته ڪمزور هوندي طاقتور سان سامهون ٿيڻ جو درس به ڏنو آ.
وَرَ ۾ ڪونھي ور، ڏيرَنِ وَر وَڏو ڪَيو.
نِھارِيندِيَسِ نِڪرِي، بوتَنِ ڪارَڻِ بَر.
آڏو ٽَڪَرَ ٽَر، متان روه رَتِيُون ٿِئين!
سسئي ۽ پنهون کي تمثيل بڻائيندي مرشد لطيف سسئي تي لکيل سرن ۾ سنڌ جي روح ۾ سمايل وحدت الوجودي فڪر اجاگر ڪندي فرمائن ٿا.
پيهي جان پاڻَ ۾، ڪَيَمِ رُوحَ رِهاڻِ.
ته نَڪو ڏُونگَرُ ڏيهه ۾، نَڪا ڪَيچِيُنِ ڪاڻ.
پُنهون ٿِيَسِ پاڻَ، سَسُئِي تان سُورَ هئا.
سسئي کان پوء مرشد لطيف ديول ڪوٽ جي سومري راجا چنيسر سندس زال ليلان ۽ ڪئونرو جو ذڪر ڪيو آ ۽ ليلان جو هار تي هرکجي پنهنجو مڙس وڃائي ڏھاڳڻ ٿيڻ جو ذڪر ڪندي فرمايو آ.
مَڻِئي تي موهِجِي، موڙِهِي ڪَيُءِ مَرَڪ.
چئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، وِڌو تو فَرَق.
وَرِي ويو وَرَقُ، آيُءِ ڏَنءُ ڏهاڳَ جو.
سنڌ جي لوڪ داستان مومل راڻو کي به مرشد لطيف پنهنجي لاثاني لافاني ڪلام جو حصو بڻائيندي هڪ مڪمل سر لکي انهن کي زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو آ ته سنڌ جي ماڳن متعلق به ڄاڻ ڏنائين هيٺ ڏنل بيت ۾ مرشد لطيف سنڌ جي تاريخي ماڳ لڊاڻي جو به ذڪر ڪيو آ ته سنڌ جي سڃاڻپ وحدت الوجودي فڪر کي به تمثيلي طور سمجهائيندي فرمايو آ.
ڪيڏانهُن ڪاهِيان ڪَرَهو؟ چَؤڏِسِ چِٽاڻو.
مَنجِھين ڪاڪِ ڪَڪورِي، مَنجِھين لڊاڻو.
راڻو ۽ راڻو، رِءَ راڻي ٻيو ناهِ ڪو.
مومل راڻي کان پوء شاھ سائين جو جيڪو سر آھي اهو وطن پرستي
جي علامت ”سر مارئي“ آھي.جنهن سر ۾ سنڌ خاص ڪري ٿر جي مارو ماڻھن جي رهڻي ڪهڻي رسم و رواج گذر معاش جي ذريعن جهنگن،وڻن گاهن، جانورن ۽ مارو ماڻھن جي ملڪ ملير جو تفصيلي ذڪر ڪيو آ .وطن سان محبت جو ناتو ازل کان ھجڻ جو ذڪر ڪندي فرمايائين.
اَلَستُ بِرَبِّڪُم،جَڏهِن ڪَنِ پِيومِ.
قَالوا بَليٰ قَلبَ سِين، تَڏَهِن تِتِ چَيومِ.
تَنهِين ويرَ ڪَيومِ، وَچَن ويڙيچَن سِين.
شاھ سائين پنهنجي وطن کي ڍلن،محصولن،ٽيڪسن کان آزاد ۽ خوشحال ملڪ ڏسڻ جي خواهش ڪندي فرمائن ٿا.
نڪا جهل نه پل،نڪو رائر ڏيھه ۾.
آڻيو وجهن آھرين، روڙيو رتا گل.
مارو پاڻ امل،مليرون مرڪڻو.

هڪ ٻئي بيت ۾ ماروئڙن جا سڳا سون کان وڌيڪ مقدس هجڻ ۽ مارن جي ڏنل لوئي کي نعمت هجڻ جو ذڪر ڪندي مارئيء واتان چورائن ٿا.
سونَ بَرابَر سَڳِڙا،ماروء سَندا مون.
پَٽولا پَنوَهارِ کي عمَرَ! آڇِ مَ تون.
وَر لوئي جي لون، ڏاڏاڻَنِ ڏِنيامِ جا.
سر ڪاموڏ ۾ سنڌ جي لوڪ قصي نوري ۽ ڄام تماچي جي محبت ڪينجهر ۽ ڪينجهر ڪنڌيء تي آباد مهاڻن جو عڪس چٽيو ويو آ.ڪينجهر ۾ نوري جو ڄام تماچي سان گڏ سير ڪرڻ ۽ اتر جي واء سان ڪينجهر تي ايندڙ خوبصورتي جو ذڪر شاھ سائين هنن سٽن سان ڪيو آ.
هيٺِ جر مَٿي مَڃَرُ، پاسي ۾ وَڻَراهَ.
اَچي وَڃي وِچَ ۾، تَماچِيءَ جي ساءَ.
لَڳي اُتَرُ واءَ، ڪِنجُهرُ هِندورو ٿِئي.
هيٺِ جر مَٿي مَڃَر، ڪنڌِيءَ ڪونر تَرَن.
وَرِئي واهُوندَنِ،ڪِنجُهر کَٿورِي ٿِئي.
اڳتي هڪ ننڍي پر تمام بهترين جدوجهد جي علامت سر گهاتو ۾ ڪلاچي جي مهاڻن سنڌي سمنڊ ۽ مورڙي ميربحر جي بهادري کي بهترين انداز سان پيش ڪري شاھ سائين سنڌ جي ثقافت کي بهترين طريقي سان اجاگر ڪيو آ.
سنڌي سمنڊ ۾ مهاڻن جي گذر معاش تي لڳل ڌاڙي جو ذڪر ڪندي فرمائن ٿا.
ڪو جو قَهَرُ ڪلاچ ۾، گِهڙي سو نِئي.
خَبَرَ ڪونه ڏِئي، رَڇَّ ڪُڄاڙي رَنڊِيا؟
جڏھن مورڙي پنهنجي گذر معاش تي قبضو ڪندڙ ۽ ان جا ڀائر ڳڙڪائي ويندڙ ماگر مڇ سان جنگ جوٽي ان ۾ سرخرو ٿئي ٿو .
تڏھن مهاڻن جي منهنن تي اطمينان ۽ خوشيء جي آثارن جو ذڪر ڪندي مرشد لطيف فرمائن ٿا.
گھورِيندي گھورِ پِيا، اَگھورَ گھورِيائُون
مَيڪَرُ مارِيائُون، مَلاحَنِ مُنهَن سَنَرا.
سر سورٺ ۾ مرشد لطيف سنڌ جي پرڳڻي جهونا ڳڙھ کي به جياريو آ ته انجي حاڪم راء ڏياچ جو به ذڪر ڪيو آ۽ سڀ کان اهم ڳالهه سنڌ جي ثقافت جي اهڃاڻ ساز سرندو“ڪينرو“ جي اهميت کي اجاگر ڪيو آ.ڪينري جي سحر،اهميت ۽ سرور جو ذڪر شاھ سائين هن ريت ڪيو آ
جاجِڪ جھوناڳَڙهه ۾، ڪو عَطائِي آيو.
تَنهِن ڪامِلَ ڪَڍِي ڪِينَرو، ويهِي وَڄايو.
شَهِر سَڄو ئِي سرَ سين، تندن تَپايو.
دايون دَرِماندِيون، ٿيون، ٻايُنِ ٻاڏايو.
چارَڻَ ٿي چايو، ته مارِي آهي مَڱڻو.
سر ڪيڏاري ۾ ڪربلا جي شهيدن جي مقصد کي اجاگر ڪيائين ته ان مان محنت جدوجهد ۽ انقلاب جو درس ڏيندي ميدان ۾ سامهون ٿي وڙھڻ جو درس ڏيندي فرمايون.
سُورِهَ! مَرِين سوڀَ کي، ته دِلِ جا وَھمَ وِسارِ.
ھَڻ ڀالا، وِڙِهُ ڀاڪُرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ.
مَٿان تيغَ تَرارِ، مارِ ته مَتارو ٿِئين.
سارنگ ۾ پلر جي پالوٽن بعد مارن جي منهن تي ايندڙ سرهائين،خوشحالين جو نقشو چٽيو اٿن.۽ وسڪاري بعد ساوڪ سونهن گاهن ۽ فصلن جي ٿيڻ ۽ خوشحالي تي به لکيو اٿن.
شاھ سائين وسڪارن جي اهميت کي نظر ۾ رکندي سڄي عالم سميت سنڌ تي به ڪڪر وسڻ لاء دعا گهرندي فرمايو آھي.
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار،عالم سڀ آباد ڪرين.
سر آسا ۽ رپ ۾ عشق حقيقي ۽ وحدت الوجودي فڪر کي سمجهائڻ بعد سر کاهوڙيء ۾ محنت ۽ جدوجهد جو عظيم سبق سمجهايائون. هن سر ۾ گنجي ٽڪر،پٻ جبل ۽ لاهوت سميت ڪئي ماڳ مڪانن بابت ڄاڻ ڏيڻ سميت ڏٿ ميڙيندڙ ڏوٿين فقيرن کاهوڙين جو تفصيلي ذڪر ڪيو آ.
کاهوڙين جي منزلن ڏورڻ بعد واپس ورڻ جو ذڪر ڪندي مرشد لطيف فرمايو آ.
ڏوري ڏوري ڏيه،ماءِ! کاهوڙِي آئِيا.
مَيَنِ پيرين کيھه، ڪهه ڄاڻان ڪَنهن پارَ جِي.
سر بروو سنڌي ۾ به ڌڻيء ”مالڪ حقيقي“ سان نينهن لائڻ ۽ ٻين درن تي جهڪڻ کان روڪيندي ڌڻي در جهڪڻ کي اولين عبادت جو درس ڏين ٿا ۽ ڌڻي در جهڪندڙن کي سکيو ستابو ڀائيندي،ڏکئي وقت ۾ دوستن جي سچائي جي پروڙ پوڻ جي ڳالهه ڪندي فرمائن ٿا.
يار سَڏائي سَڀڪو، جانِي زِبانِي.
آهي آسانِي، ڪَمَ پئي ٿِي ڪَلَ پَوي.
سر رامڪلي ۾ سنڌ جي اهم تاريخي ماڳن دوارڪا، گنجي ٽڪر،هنگلاج سميت ڪيئي ماڳن جي ذڪر سميت جوڳين سنياسين،ڪاپڙين جو ذڪر ڪندي رامڪلي جي ڪردارن کي جوڳين، سامين، سنياسين، لاهوتين، ويراڳين، آديسين سميت نانگا، ڪنوٽيا، سامي، ڪن ڪٽ، گودڙيا، ڀڀوت، ڪڙايا، گونگا، ٻوڙا، جبروتي، راول، صابري سميت ٻين به مختلف نالن سان سڏيندي سنڌ جي کاهوڙي ڪردارن کي پنهنجي لافاني ڪلام سان اجاگر ڪيائين ۽ انهن لافاني ڪردارن کي تمثيل طور استعمال ڪري محنت جدوجهد جو عظيم سبق سمجهايائين.
شاھ سائين رامڪلي ۾ ئي سنڌين جي مذھبي رواداري ۽ ترقي بني آدم واري سوچ جي نمائندگي ڪندي فرمائن ٿا.
ڪيهي ڪامَ ڪاپَڙِي، ٿا اَهِڙي رَوَشِ رَوَنِ؟
نڪا دِلِ دوزَخَ ڏي، نڪِي بِهِشت گھرنِ.
نَڪو ڪَم ڪفارَ سين، نَڪا مسلمانِي مَنِ.
اڀا اِئين چَوَنِ، ته پِرين ڪَجو پانهِنجو.
سر ڪاپائتي ۾ مرشد لطيف سنڌ جي هنر ائٽ،چرخي ۽ ڪتيندڙن کي تمثيل طور بيان ڪندي سنڌين جي هنر کي به اجاگر ڪيائين ته مثالن وسيلي سچائي سان محنت جو درس به ڏنائين . سچائي سان ڪيل ڪم جي ساراهه ڪندي فرمائن ٿا.
محبت پائي مَنَ ۾، رَنڍا روڙِيا جَنِ.
تِنِ جو صَرافَنِ، اَڻَ تورِيو ئِي اَگھائِيو.
سر پورب ۾ پورب جا پنڌ ڪندڙن جو ذڪر ڪندي سنڌي ماڻھن جي محنتي هجڻ جي شاهدي ڏين ٿا ۽ انهن جوڳين جي فراق ۾ رهندڙن کي ياد ڪندي انهن جي خبر آڻڻ لاء ڪانگ کان پڇائون ڪندي نج سنڌي ماڻھن جي جذبن جي ترجماني ڪندي فرمائن ٿا.
ِرِين جي پَرديسَ ۾، تِنِ جي ڪانگا! ڪَجِ خَبَرَ؛.
ته سَڀِ مَڙهايان سونَ سين، پکِي! تنهنجا پَرَ.
گُھمِي مَٿان گَھرَ، ڏِجِ پارانڀا پِرِينءَ کي.
سر ڪارايل ۾ هنج، ٻگهه، ڪانير، ڪانگ، چٻ، واسينگن، گارپڙين، هاٿين وغيره کي تمثيلي طور استعمال ڪندي روحاني راز به سمجهايا آھن ته محنت جدوجهد ۽ انقلاب جو به عظيم سبق ڏنو آ.وطن جي اڏول انسانن جي گذري وڃڻ کان پوء واري صورتحال جو عڪس ڪجهه هيئن چٽن ٿا.
وِيا مورَ مَرِي، هَنجُ نه رَهِيو هيڪِڙو.
وَطَنُ ٿِيو وَرِي، ڪُوڙَنِ ڪانِيَرَنِ جو.
اڳتي بظاهر ننڍا نظر ايندڙ دشمنن کي ڪمزور سمجهندڙن کي خبردار ڪندي فرمائن ٿا.
سَنها ڀانءِ مَ سَپَ، وياءَ واسِينگَنِ جا.
جَنِين جي جَھڙَپَ، هاٿِي هَنڌان ئِي نه چُري.
سر پرڀاتي ۾ لس ٻيلي جي سنڌي حاڪم سپڙ ڄام جي سخاوت بيان ڪري ٿو جيڪو ساز وڄائيندڙ منڱڻھارن منگتن کي نوازي ٿو ۽ سنڌ جي سازن ۽ ساز وڄائيندڙن جي ڪرت کي به اجاگر ڪري ٿو. ۽ انهن ڪردارن کي تمثيل بڻائيندي پالڻھار جيڪو سخي آھي ان وٽ سچائي سان قبول پوڻ جو درس به ڏئي ٿو.
موڙهو ڀڻين مَڱَڻا! ڪيڏانهن ھئين ڪالَ؟
لَنگھا! ڇَڏِ، لَطِيف چئي، اجَھڻ جا اَفعالَ.
سَپَڙَ دَرِ سُوالَ، ڪَرِ ته قيمَتَ آڻِئين.
سر ڏھر ۾ مرشد لطيف ڪڇ جي حاڪمن ڏاتارن تي لکي سنڌ جيتاريخ ثقافت کي اجاگر ڪيو آ.جن ۾ نمايان ڪردار ڄام ڏاهر، جسوڌڻ،لاکو ڦلاڻي آھن.
هن سر ۾ ڪڇ ۾ وهندڙ هاڪڙي پٽيهل ۽ ٻين درياهن جي سڪي وڃڻ سبب ٿيندڙ تباهي جو به مرشد لطيف اکين ڏٺو احوال قلمبند ڪندي لکن ٿا.
سڪِي ڍور ڍَيون ٿِيو، ڪنڌِيءَ ڏِنو ڪائو.
سو پاڻي پَٽِيهَلَ ۾، اَڳِيون نه آيو.
ماڙھن ميڙائو، ڪَنهِين ڪَنهِين ڀيڻئِين.
لاکو ڦلاڻي جي غريب پروري جو اعتراف ڪندي فرمائن ٿا
لاکا لَکَ سُڄَنِ، ڦلاڻِيءَ ڀير ٻِيو؛
جَنهن ڀَرِ راڻا، راڄِيا، ڪوٽَنِ مَنجھه ڪنبَن.
جَنهِن جو جاڙيجَنِ، سُتي سَنچو نه لَهي.
شاھ جي رسالي جي آخري سر ۾ به سنڌين جي حاڪميت، ثقافت، ۽ سخا جون ڳالهيون اجاگر ڪندي جادم جکري جي سخاوت، ابڙي جي ارڏائي، دودي جي سورهيائي کي بيان ڪرڻ بعد پنهنجي هڪ خاص فقير وڳنڌ جي لڇڻن عادتن ۽ مرشد لطيف سان محبت کي به بيان ڪندي سنڌ جي عظيم ثقافت کي بيان ڪري سنڌ جي تاريخ،ثقافت،اخلاقي قدرن جي بيانن سان پنهنجو رسالو ڀري مرشد لطيف سنڌ جو اهڃاڻ بڻجي ويو.تڏھن ته سنڌ واسي لطيف کي سنڌ ۽ سنڌ کي لطيف چون ٿا.لطيف ۽ سنڌ لازم و ملزوم آھن.جتي سنڌ جو ذڪر ٿيندو اتي مرشد لطيف جو ذڪر به ضرور ٿيندو.
ڇو جو سنڌ جي موجوده شعور ثقافت، قوميت، وطن پرستي جو باني ، راهرو ۽ رهبر مرشد لطيف ئي آھي.ڌ

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.