قديم آثارن جي علم جي اهميت ۽ ضرورت:صراط گوهر

توهان کي مُهين جي دڙي، سسئي جي ڀنڀور، مومل جي ماڙي يا ليلا جي دڙن جي خبر آهي؟ يا ڪڏهن عجائب گهر ويا آهيو؟ جي ها ته توهان آرڪيالاجي بابت اڳم ئي گھڻو ڪجھه ڄاڻو ٿا. آرڪيالاجي هڪ علم آهي، انسان جي ماضيءَ جو علم، ماضيءَ جي نشانن جو علم، جنهن جو سڄو دارومدار ثقافتي مواد تي آهي. عام طور تي پاڪستان ۾ آرڪيالاجي کي ”قديم آثارن جو علم“ سڏيو ويندو آهي. جڏهن ته 1947ع ۾ هندستان جي ورهاڱي کا اڳ سنڌ ۾ ان کي ”پراچين وستو وگيان“ لکيو ويندو هو.
پاڪستان ۾ آرڪيالاجي جا استاد ۽ ماهر ان کي صرف ”قديم دور جي مادي شين جو علم“ سمجھندا آهن، جيڪي به غلط ناهين، پر ان کي قديم دور تائين محدود ڪرڻ به بلڪل درست ناهي. آرڪيالاجي ماضيءَ جي ڪنهن مخصوص وقت جو علم نه آهي بلڪه آرڪيالاجي ”مڪمل يا سڄي“ ماضيءَ جو علم آهي. لک سال پراڻا پٿر جا اوزار، هزارين سال پراڻين وسندين جا آثار، سوين سال پراڻا شهر، ڪوٽ ۽ قلعا، ٿانءَ، سڪا ۽ ٻيون شيون ۽ توهان ڪلهه جيڪو ڪجھه به ڪچري جي ڍير تي اڇلايو سڀ آرڪيالاجي جو حصو آهن.
جيڪي ماڻهو قديم دور جي شين بابت علم حاصل ڪندا آهن انهن کي آرڪيالاجسٽ سڏبو آهي. آرڪيالاجسٽ ماضيءَ جي نشانن (ثقافتي مواد) جي مدد سان پراڻي وقت جي موسم، ماحوليات ۽ قديم زماني ۾ انسان جي زندگي، رهڻي ڪهڻي، ثقافت ۽ معاشري بابت ڄاڻ حاصل ڪندا آهن. گهڻو ڪري آرڪيالاجسٽ گھڻي پراڻي (هزارين، سوين سال) شين کي ڳولهيندا ڪندا آهن ۽ انهن جو جائزو وٺندا آهن. پر، شين جو هزار سال پراڻو هجڻ ضروري ناهين. مثال جي طور تي ڪراچيءَ ۾ چاليهه سال پراڻي گند جي ڍير جي کوٽائي مان ظاهر ڪري سگھجي ٿو ته ان وقت ماڻهو ڇا واپرايندا هئا وغيره وغيره.
چيو وڃي ٿو ته انسان زمين تي لکين سالن کان آباد آهي يا رهي ٿو. جيئن جيئن وقت گذرندو ويو ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي به بدلجندي رهي. ماڻهن رهڻ لاءِ گهر ٺاهيا، فصل پوکڻ شروع ڪيو ۽ جانور پالڻ شروع ڪيا، ڳوٺ ٻڌيا ۽ شهر اڏيا ۽ تهذيب ڏانهن وڌندا رهيا. زمين تي انسان جي زندگي جي تاريخ هڪ اهم ۽ دلچسپ موضوع آهي.
پاڪستان ۾ تاريخ جو دور (جنهن ۾ لکت ملي ٿي) پنجين ڇهين صدي قبل مسيح کان شروع ٿئي ٿو. ۽ ڪتاب ڪجھه سو سال اڳ لکجڻ شروع ٿيا. سوال آهي ته اسان کي ڪيئن خبر پوندي ته تاريخ (لکت) کان اڳ واري دور ۾ انسان ڪيئن رهندا هئا؟ آرڪيالاجي، ماضيءَ جي نشانن (جھڙوڪ اوزار، ٿانءَ، ماڳ مڪان، هڏا پڃرا، بت ۽ سڪا وغيره) ذريعي ان بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگھجي ٿي.
ماضيءَ جا ڪجھ آثار مٽيءَ جي تهن هيٺان لڪيل ته ڪي وري سمنڊ ۽ دريائن ۾ ٻڏيل هوندا آهن. آرڪيالاجسٽ ماڳن مڪانن کي گولهيندا آهن ۽ پوءِ نشانن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ جاين جي کوٽائي ڪندا آهن، زمين تي ۽ سمنڊ ۾.
آرڪيالاجي سائنس آهي يا نه؟ جي هي سوال ڪنهن اهڙي آرڪيالاجسٽ يا آرڪيالاجي جي شاگرد کان پڇندا جنهن جي ٽريننگ سائنس ڊپارٽمينٽ ۾ ٿي هجي ان جو جواب هوندو ”آرڪيالاجي سائنس آهي“. جڏهن ته آرٽ ۽ هيومينٽيز جا شاگرد آرڪيالاجي کي سائنس نه پر هيومينٽيز جو موضوع ڪري وٺندا آهن. پاڪستاني يونيورسٽين ۾ سوشل سائنسز، هيومينٽيز ۽ فزيڪل سائنسز جي فيڪلٽي ۾ آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ آهي. مثال جي طور تي شاه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ فزيڪل سائنسز فيڪلٽي ۾، قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ سوشل سائنسز فيڪلٽي ۾، سنڌ يونيورسٽي ۽ پشاور يونيورسٽي ۾ آرٽس ۽ هيومينٽيز فيڪلٽي ۾.
بحرحال، گهٽ لفظن ۾ چئبو ته آرڪيالاجي هڪ سماجي سائنس (علم) آهي ڇو جو ان جو تعلق انسان ۽ ان جي ماضيءَ سان آهي.
نوٽ (هي مضمون هڪ گمنام ليکڪ جي تحرير کان متاثر ٿي(خاص طور تي آرڪيالاجي جي شاگردن لاءِ) لکيو ويو آهي.)

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.