ملير پريس ڪلب ۾ ٿيل ثقافتي تقريب:جميل چانڊيو

قومن جي سڃاڻپ ثقافت کان ٿيندي آهي، هونئن ته دنيا ۾ انيڪ قومن جون الڳ الڳ سڃاڻپ آهن جيڪي پنهنجي ثقافتي حوالي سان سڃاڻپ رکن ٿيون، پر لکين دنيا جون مختلف قومون ان ڌرتي تي موجود آهن پر سنڌ جي پنهنجي هڪ سڃاڻپ نواڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ثقافتي تاريخ ۾ سمايل آهي، جنهن کي دنيا جي شاهوڪار ترين ثقافت چئجي ته وڌاءُ نه آهي، سنڌي ثقافت جيڪا موهن جي دڙي کان ئي پنهنجي تاريخي تسلسل ۾ نسل در نسل منتقل ٿيندي اچي ٿي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي ته نه آئي آهي پر شعوري طور تي سنڌي قوم جتي ٻين قومن کي ميدان ماريو آهي اتي هڪ نئين تاريخ جوڙي آهي جيڪا هر سال سنڌ ۾ ثقافتي ڏهاڙي سان انتهائي شاندار نموني سان ملهائي وڃي ٿي، هن ڏينهن تي هر سال هڪ نئين تاريخ رقم ٿئي ٿي جيڪا سڄي دنيا جي قومن لاءِ ريس سان گڏ پنهنجا ثقافتي ڏينهن ملهائڻ شروع ڪيا آهن، گذريل ڪيترن ئي سالن کان سنڌي ماڻهو ثقافتي ڏينهن کي عيد جيان ملهائن ٿا، سنڌي اجرڪ، ٽوپي، پٽڪي سميت اجرڪ سان جڙيل مختلف رنگ برنگي پوشاڪون پائي پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکندا پيا اچن، سنڌ جي هر ننڍي وڏي عورت توڙي ٻار قومي ثقافتي ڏينهن تي مختلف شهرن، ڳوٺن، وسندين واهڙن ۾ ميڙاڪا، ريليون، مچ ڪچهريون ۽ شاگرد پنهنجي ادارن ۾ رنگا رنگ ٽيبلو وارن پروگرامن ذريعي پنهنجي ثقافت کي نروار ڪيو آهي، سڄي سنڌ جيان ڪراچي سنڌ جي دل ۾ رهندڙ سنڌين به پنهنجي ثقافتي ڏهاڙن جي حوالي سان هن ڏينهن کي ملهائڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي، سنڌي ماڻهن ۽ سنڌ جو ڪيس وڙهندڙ هڪ صحافتي اداري جنهن کي ملير پريس ڪلب جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو تنهن اداري ۾ ويٺل سنڌ دوست عهديدارن سنڌ جي ثقافت جي حوالي سان هڪ انتهائي شانائتو پروگرام 24 نومبر تي هڪ سنڌ هڪ ثقافت جي نالي سان ثقافتي تقريب ڪوٺائي، جنهن ۾ ماڻهن جي وڏي انگ سنڌ جو ثقافتي لباس اجرڪ، ٽوپي، پٽڪو پهري پروگرام ۾ عورتن توڙي ننڊن ٻارن سميت سنڌ جي معززن شرڪت ڪئي، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل ماڻهو فنڪارن جي سُرن قومي گيتن تي جهمريون هڻندا رهيا، تقريب ۾ صوبائي وزير غلام مرتضيٰ بلوچ، ايم پي اي سليم بلوچ، سينئر پ پ اڳواڻ عبدالحڪيم بلوچ، ايم اين اي آغا رفيع الله، چيئرمين ضلع ڪائونسل ڪراچي سلمان عبدالله مراد، ايم پي اي ڪريم بخش گبول، نذير ڀٽو،، پي ٽي آءِ اڳواڻ باشاني شاهه، وائس چيئرمين ڊي ايم سي ملير عبدالخالق مروت، ضلع ڪائونسل ڪراچي جي ڪائونسلر آغا طارق پٺاڻ، منظور حسين بلوچ، ڊي ايڇ او ملير احمد علي ميمڻ، ماهيگير اڳواڻ يونس خاصخيلي، جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ، فنڪشنل ليگ اڳواڻ فقير عبدالقادر شر، سميع بلوچ، اصغر باغي، گهارو پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر دائم شاهه، ٽي وي اينڪرپرسن پرهه سومرو ۽ ٻين چونڊيل نمائندن، سياسي، سماجي اڳواڻن سميت علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي،
تقريب جي شروعات سنڌ جي ڪلاسيڪل راڳي واحد لاشاريءَ لطيف جي وائي سان ڪئي، جڏهن ته محفل موسيقي ۾ سنڌ جي سُريلي راڳين نجف علي، وقار ملاح، فرحا لاشاري، گلشير چانڊيو پنهنجا سُر وکيري محفل کي جهومائي ڇڏيو، تقريب رات ديرتائين جاري رهي، ان موقعي تي صوبائي وزير غلام مرتضيٰ بلوچ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هڪ سنڌ هڪ ثقافت وارو ڏهاڙو ملهائڻ واري اعلان کانپوءِ سنڌ جي ماڻهن ۾ تمام گهڻي خوشي آهي، ان ڏهاڙي کي سنڌ جو عوام شايان شان سان ملهائيندو آهي، اجرڪ ٽوپي جا خوبصورت رنگ ان ڏهاڙي تي وکري سنڌي ماڻهن جي منهن تي مُرڪون آڻيندا آهن، هن چيو ته ڪراچي کان ڪارونجهر تائين سنڌ هڪ آهي ۽ هڪ رهندي ۽ ڪوبه ماڻهو سنڌ ڏانهن ميري اک کڻي ڏسڻ جي جُرت ڪندو ته سنڌي عوام ان کي جواب ڏيڻ چاڻي ٿي، سنڌ جي شاهوڪار سڀيتا کي ڪير به ختم ڪري نٿو سگهي، ايم پي اي سليم بلوچ چيو ته سنڌ هڪ آهي هڪ ئي رهندي، سنڌ سدائين امن ۽ محبت جو درس ڏنو آهي، سنڌ صوفين جي سرزمين آهي، انهي جي صدين کان خوبصورت ثقافت قائم ۽ دائم رهندي، ان موقعي تي پ پ اڳواڻ نذير ڀٽو چيو ته ملير پريس ڪلب ڪراچي جي دوستن کي جس ٿو ڏيان جن هن گهٽ ٻوسٽ واري دور ۾ هي عاليشان ثقافتي پروگرام ڪري سنڌي ثقافت جا رنگ اجاگر ڪيا آهن، جيستائين سنڌ اتي رهندي ايسيتائين ٽوپي نروار پٽڪي وارن جو سنڌ تي راڄ رهندو، ڊي ايڇ او ملير ڊاڪٽر احمد علي ميمڻ چيو ته سنڌ جي ثقافت جا خوبصورت رنگ آهن اهي جڏهن به وکرندا آهن ته روح کي راحت ملندي آهي، پوري دنيا ۾ سنڌ جي ثقافت کي بهتر ثقافت سمجهيو وڃي ٿو، سنڌ واحد ڌرتي آهي جنهن جي 5 هزار سالا پراڻي ثقافت آهي، اينڪرپرسن پرهه سومرو چيو ته روايتن کي برقرار رکندي هن ڀيري به هڪ ثقافت هڪ سنڌ جي شاندار تقريب ڪوٺائي آهي، جنهن ۾ ملير جي فيمليز کي سٺي تفريح مهيا ڪئي آهي ۽ آءُ ملير پريس ڪلب جي سٿ کي اهڙا ثقافتي ڏينهن ملهائڻ تي مبارڪباد پيش ڪيان ٿي، تقريب کي ضلع ڪائونسل جي چيئرمين سلمان عبدالله مراد، آغا طارق پٺاڻ، پي ٽي آءِ اڳواڻ باشاني شاهه پڻ خطاب ڪيو. ملير پريس ڪلب ڪراچي جي خاص طور تي شهرن سان گڏ ٻهراڙيون جيڪي ڪراچي اولهه، اوڀر سان تعلق رکند ٿيون انهن جي روز مرا واري اهنجن کي نروار ڪرڻ سان گڏوگڏ اعليٰ ايوانن تائين پهچائي ٿي، ڪلب جي ٽيم مختلف وقتن ۾ سنڌ جي اشوز تي مذاڪرا، ورڪشاپ، قومي هيرن جا ڏينهن ملهائڻ سان گڏوگڏ پنهنجي سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اول دستي وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، هي ادارو سماجي جاگرتا سان گڏوگڏ سنڌ ۾ آدم شماري وارو مرحلو هجي يا ڌارين جي آبادڪاري يا سنڌ جي زمينن تي والار هجي يا وري قومي توڙي نجي ادارن ۾ روزگار جو مسئلو هجي، پورهيتن سان گڏ شاگردن توڙي قومپرست لڏي جي جدوجهد کي عوام تائين جيئن جو تئين پهچائڻ ۾ پنهنجو مک ڪردار اداڪيو آهي، هي ادارو هن ثقافت جي ڏهاڙي تي به پاڻ ملهايو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.