جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو:ڄام صنم سنڌي

”جو سنڌ سنواري اُهو جيئندو رهندو“ استاد بخاريءَ جو اهو شعر مونکي عوامي ميڊيا گروپ طرفان ملهائجيندڙ اڄوڪي ثقافتي ڏينهن تي ياد اچي رهيو آهي. عوامي آواز ميڊيا گروپ ”تاريخي ماڳ بچايو، ثقافت بچايو“ جي سري هيٺ اڄ ثقافت جو ڏينهن ملهائي رهي آهي.
جڏهن به سنڌ امڙ لاءِ لکڻ چاهيندي آهيان ته عشق ۽ عبادت واري ڪيفيت اتساهه ڀرئي انداز ۾ اجاگر ٿي لفظن جا خزانا کڻي اڳيان اچي بيهندي آهي ۽ دل بار بار ڌڙڪڻ لڳندي آهي ته ان عقيدت ۾ ڪٿي ڪا ڪمي نه رهجي وڃي سنڌ جي ذڪر تي پنهنجون ئي سٽون ذهن تي تري اينديون اٿم ته:
کڻو علم دستي، چئو بستي بستي،
جيئي سنڌ، جيئي سنڌ.
جيئي سنڌ جو جملو فقط سنڌين جي سڃاڻپ نه پر هڪ دعا پڻ آهي اهڙي آس جنهن ۾ ڌرتي ماءُ جي سلامتي جي آس سمايل آهي اهڙي آس جنهن جو ذڪر سنڌ جي سٻاجهڙي پُٽ انسانيت جي علمبردار حضرت سائين شاهه عبداللطيف ڀٽائي:
سائيم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.
مٿيون ٻه سٽون رڳو شاعري نه پر هڪ دعا، هڪ آس، هڪ هجت، هڪ پارت ۽ هڪ پيغام آهي انهيءَ سڄي دنيا لاءِ جيڪا سنڌ کي سڃاڻڻ چاهي ٿي ته هيءَ ڌرتي شاعرن ، ولين، صوفين، سنتن، ساڌن، مجذوبن، امن آشتي، ايڪتا، نياء، نياز، نوڙت، ادب وارن، عِلم وارن، عَلَمَ وارن ۽ پيار وارن مست قلندرن جي ڌرتي آهي. جتي جا درويش شاعر سنڌ لاءِ دعا گهرڻ وقت سڄي عالم جي خوشحالي، ڀلائي ۽ آباد ڪرڻ جي اُميد رکندا ۽ انسانيت کي اولين ترجيح ڏيندا آهن جتي جو مسلمان نمستي ۽ هندو يا علي مدد چوڻ جو عادي آهي ڇو ته اهو صوفياڻو سڀاءُ ۽ سلوڪ ۽ محبت هن مٽيءَ جي خمير ۾ شامل آهي جتي جنم وٺندڙ ويڇا مٽائڻ ۽ محبتون ورهائڻ جو درس پينگهي ۾ پرائيندا آهن حديث شريف ۾ آهي ته:
”حب الوطن من الايمان“
يعني وطن جي محبت ايمان جو حصو آهي ان ڪري اسين سنڌي ڌرتي جي محبت کي پنهنجو ايمان سمجهندا ۽ وطن لاءِ هر وقت جان وارڻ لاءِ آتا رهندا آهيون توڙي جو هن ڌرتي ماءُ تي وار ڪرڻ وارا واسينگ هر دور ۾ ڪَرُ کڻندا رهيا آهن پر خدا جو قسم سنڌ جي وحدت کي ورهائڻ وارا سدائين ناڪام ۽ نامراد رهيا، نامراد آهن ۽ نامراد ئي رهندا. شاعر چواڻيءَ:
هيءَ ڌرتي ناهي ڌارين جي،
هت ڌاريون بنجي رهندو جو،
هي ديس انهيءَ کي ڇڏڻو آ،
يا سنڌي بنجي رهڻو آ.
هن ڌرتي ماءُ جي اها خاصيت آهي ته هتي جيڪو به وفادار ۽ سچو بڻجي رهيو آهي هن جيجل ان کي نه فقط جيءَ ۾ جايون ڏنيون پر وڏو نالو به ڏنو آهي. ساڳي خصلت سنڌي قوم ۾ به آهي ته جيڪڏهن ڪو ڌاريون هن ڌرتي کي پنهنجي ماءُ سمجهي هتي رهي ٿو ته سنڌي به ان کي پنهنجو قومي ڀاءُ هجڻ جو احساس ڏيارين ۽ اجرڪ اوڍائن ٿا. اجرڪ اهو پاڪ ۽ پويتر بوڇڻ آهي جيڪو اسان سنڌين جي قومي پوشاڪ آهي. اصل ۾ حقيقي اهميت جو حامل اجرڪ جو ڇاپو آهي ڇو ته هونئن ته اجرڪ اڇو ڪپڙو آهي پر ان جو ڇاپو ئي اصل ۾ مقدس آهي جيڪو هڪ لسي يعني ڪوري اڇي ڪپڙي کي مهانتا ۽ تقدس بخشي ٿو ڇڏي اهو ڪپڙو پوءِ اجرڪ جو روپ وٺي ڪڏهن ڪونڌرن جي ڪلهن جو سينگار، ڪڏهن ڌرتي جي پيرسن عاشقن جو پٽڪو، ڪڏهن پرائي ننگن جي لڄ جو اوڍڻ، ڪڏهن نياڻين کي عزت ۽ مانُ بخشڻ جو ذريعو، ڪڏهن مهمانن لاءِ آڌر ڀاءُ جي سوکڙي، ڪڏهن لاشن جي زينت، ڪڏهن گهوٽن جي سڃاڻ ته ڪڏهن شهيدن جي مزارن جو پَڙُ بنجي ٿو پوي. انهيءَ اجرڪ جي عظمت صرف اهو ئي ڄاڻي ٿو سگهي جيڪو سندس رنگن ۾ رچيل سنڌ ڌرتي جي خوشبوءِ محسوس ڪندو نه ته ٻين لاءِ اجرڪ صرف پرنٽيڊ ڪپڙو آهي ڇو ته جن جا ذهن ورهايل هجن اهي سنڌي ٻولي ۽ اجرڪ جي عظمت کي ڪڏهن به ڄاڻي نٿا سگهن. شاعر چواڻيءَ:
جو نه اجرڪ جي عظمت جو ڪائل هجي،
منهنجي ٻوليءَ ڏي جيڪو نه مائل هجي،
ذهن جنهن جو اڃان به ورهايل هجي،
تنهن کي چئو منهنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.
امن جي علمبردار هن ڌرتيءَ جي سڃاڻ اجرڪ ۽ ٽوپيءَ سان گڏوگڏ اهو جمالو به آهي جيڪو جڏهن به، جتي به جهونگاريو ويندو آهي ته اهو جمالو جسمن ۾ جهمريون هڻڻ ۽ روح کي رڪس ڪرڻ تي مجبور ڪري پنهنجن سان گڏ پراون تي به جهومڻ جي وجداني ڪيفيت طاري ڪري ڇڏيندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جو هي قومي لوڪ گيت دنيا جي 52 ملڪن ۾ ڳايو ويو آهي. سنڌ جي ثقافت، تهذيب، تمدن، تاريخ 7000 سالن کان فخر سان سِرُ بلند ڪيو جيئندي پئي اچي. استاد بخاريءَ چيو آهي ته:
مونکي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي،
جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو.
ته پوءِ سنڌ واسيو! اچو ته ڇو نه اسين به نواڻ آڻيندي ڌرتيءَ ماءُ جي حقيقي خدمت ڪري سندس نانءُ ۽ ڳاٽ اوچو ڪري پنهنجي سماج ۾ اصلاحي تبديليون آڻي، سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ جاکوڙي پنهنجي سڀاءُ، اخلاق،اُلفت ۽ مهمان نوازيءَ جي روايت کي وڌيڪ مضبوط ڪندي، پنهنجي تهذيب، تمدن، تاريخ ۽ ثقافت کي اُجاگر ڪري، حقيقي ۽ شعوري تعليم کي فروغ ڏئي، دنيا جي هر ميدان ۾ پاڻ ملهائي، نيون ايجادون ڪري، ٻولي ۽ قوم جي ترقيءَ لاءِ جوڳا اُپاءَ ڪري، امن، محبت ۽ ڀائيچاري کي ڦهلائي، ڌرتيءَ جي دنگن، ننگن، وسيلن ۽ وحدت جي حفاظت جو وچن ورجائي، مائرن، ڀيڻن ۽ نياڻين کي عزت، مانُ ۽ حق ڏياري، بهادر ۽ جهونجهار تيار ڪري ، ٻاري ۽ ٻاگهل نروار ڪري، مهراڻ جي موجن کي روان ڪري، طبيعتن کي تصوف سان آشنا ڪري، سنڌ امڙ جي ترقي، ڀلائي ۽ خوشحالي لاءِ پاڻ ۾ اتحاد ڪري، سنڌيت جي جذبي سان سرشار ٿي هڪ مضبوط قوم بنجي جوش ۽ جذبي سان ثقافت جا ڏهاڙا ملهائيندي وڏي مانَ سان تاريخ ۾ سدائين جيئندا رهون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.