مٺي: ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان گهوڙن ۽ اٺن جي ڊوڙ جا مقابلا

وامي آواز رپورٽ
مٺي: ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان گهوڙن ۽ اٺن جي ڊوڙ جا مقابلا
وامي آواز رپورٽ مٺي: ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان گهوڙن ۽ اٺن جي ڊوڙ جا مقابلا

مٺي ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان گهوڙن ۽ اٺن جي ڊوڙ جا مقابلا ڪرايا ويا.

اسپورٽس گرائونڊ تي اڳوڻي يوسي ناظم ماتورام ڀڳت پاران ڪرايل گهوڙن جي ڊوڙ جي مقابلن ۾ ماتو رام، مهراج سنيل، صابر فقير، چڱو جوڻيجو ڪاميابي حاصل ڪري خوب داد ورتو.

اٺن جي ڊوڙ واري مقابلي ۾ خميسو ڀيل جي سدا بهار اٺ، راڻو نهڙيو جي ڪبوتر، لطيف جوڻيجو جي مور، ڀڳت سنيل جي ناچو ڪاميابي ماڻي واهه واهه ڪرائي ڇڏي.

گهوڙن ۽ اٺن جي ڊوڙ مقابلن ۾ حصو وٺندڙن کي شوقينن طرفان روڪ انعام ۽ داد پڻ ڏنو.

ان موقعي تي ڪامياب ٿيندڙ اٺن ناچ پڻ ڏيکاري شوقينن کي خوش ڪري ڇڏيو……….

ان موقعي تي ڊوڙ مقابلن ۾ حصو وٺندڙن ثقافتي ڏھاڙي کي وڏي جوش سان ملهائڻ جو وچن ورجايو..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.