اليڪشن ڪميشن وجود وڃائڻ کان پهرين عوام کي مطمئن ڪري…!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پنهنجو وجود وڃائڻ کان پهرين عوام کي مطمئن ڪري ۽ فارن فنڊنگ ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچائي.

ڪراچي ۾ احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته معيشت سمنڊ ۾ غرق ٿي رهي آهي ۽ حڪمران عياشيون ڪري رهيا آهن، هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيندڙ 400 ادارا بند ڪرڻ پيا وڃن، لکين ماڻهن کي بيرزوگار ڪيو ويو آهي.

مولانا چيو ته پاڪستان جي فوج جي قيادت کي عدالتن ۾ گهليو ويو ۽ تذليل ڪئي وئي، انهن وٽ قانون آهي نه قانوني ڪارروائي جي اهليت آهي، هي ڪوڙي پارليامينٽ حساس قانون سازي نٿي ڪري سگهي، ووٽ کي چوري ڪري اقتدار تي قبضي جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، حڪمران پارٽي پنهنجي احتساب کان فرار ٿي رهي آهي، اليڪشن ڪميشن پنهنجو وجود وڃائڻ کان پهرين عوام کي مطمئن ڪري ۽ فارن فنڊنگ ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچائي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.