ٺاروشاھه: عورت پاران تشدد جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج، پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش

وامي آواز رپورٽ
ٺاروشاھه: عورت پاران تشدد جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج، پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش
وامي آواز رپورٽ ٺاروشاھه: عورت پاران تشدد جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج، پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش

ٺاروشاھه ويجهو عورت پاران تشدد جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪري پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي.

ڳوٺ فضل محمد موٽمل سيال ۾ زخمي ٿيل عورت نسيم سيال پنھنجي جوان ڌئيرن مھرين، نوشين ۽ ٻارن سميت ٿاڻي آڏو احتجاج ڪيو.

ان موقعي عورت پاران پاڻ مٿان پيٽرول ھاري باھه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر سندن اولاد ۽ پوليس اهلڪارن کيس بچائي ورتو.

متاثر عورت جو چوڻ هو ته ٽي ڏينهن اڳ برادري سان جهيڙي دوران سخت زخمي ڪيو ويو، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪيو پر رشوت وٺي آزاد ڪيو ويو.

عورت مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري ساڻس انصاف ڪيو وڃي..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.