تيز گام سانحو ڪيس: هاءِ ڪورٽ جو وفاق کان جواب طلب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تيز گام ريلوي حادثي جي آزاداڻي انڪوائري ۽ ريلوي واري وزير شيخ رشيد جي خلاف درخواست ۾ گهرو وزارت ۽ ريلوي واري وزارت کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

تفصيل موجب عدالت تيز گام حادثي جي انڪوائري رپورٽ به ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتي، جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته شيخ رشيد وزير طور معاوضي جو اعلان ڪري سگهي ٿو، ڪهڙو قانون آهي جنهن جي تحت وزير اِهو معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪيو، ڇا ريلوي وارو وزير پنهنجي کيسي مان اِهو معاوضو ڏيندو؟

اسلام آباد هاءِ ڪور جيورسٽ فائونڊيشن طرفان داخل درخواست تي ٻڌڻي جسٽس محسن اختر ڪياني ڪئي، ريلوي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت تيز گام حادثي جي متاثرن کي معاوضو ڏيندي، وڪيل درخواست گذار حنيف راهي چيو ته ريلوي واري وزير شيخ رشيد جي ماتحت آزاداڻي انڪوائري نٿي ٿي سگهي، عدالت ريلوي واري وزارت ۽ گهرو وزارت کان جواب گهرندي چيو ته ٻڌايو ته متاثرن جي لاءِ وفاقي حڪومت اڃان تائين ڇا ڪيو، معاوضو ڪيترو ڏنو ۽ ڪڏهن ڏنو، زخمين جي صورتحال ڇا آهي، مستقبل ۾ اهڙا واقعا روڪڻ جي لاءِ ڪهڙا بندوبست ڪيا؟ پوسٽ مارٽم رپورٽ ڇا آهي ۽ ڇا واقعي جي ايف آءِ آر داخل ٿي.

عدالت ايندڙ ٻڌڻي تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 13 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.