خيرپور: جوڳي برادري پاران وياجي جي زيادتي خلاف احتجاج

وامي آواز رپورٽ
خيرپور: جوڳي برادري پاران وياجي جي زيادتي خلاف احتجاج
وامي آواز رپورٽ خيرپور: جوڳي برادري پاران وياجي جي زيادتي خلاف احتجاج

خيرپور ۾ جوڳي برادري پاران وياج خور جي زيادتي خلاف احتجاج ڪيو ويو.

اختيار جوڳي، عمران علي، عامر ، پٺاڻي، صدوري ۽ ٻين ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاج مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته 5 سال اڳ نوجوان اختيار جوڳي حميد ڦلپوٽو کان هڪ لک وياج تي ورتو، جنهن تي 6 لک رپيا ڏيڻ باوجود اڃا وياج گهري پيو.

هنن چيو ته جوابدار هٿياربند ساڻ ڪري اختيار جوڳي جي گهر تي حملو ڪرائي مردن، عورتن ۽ ٻارڙن مٿان سخت تشدد ڪيو.

هنن چيو ته پوليس کي دانهن ڏيڻ باوجود سندن واهر نه پئي ڪئي وڃي.

هوڏانهن اعليٰ پوليس آفيسر نوٽيس وٺندي معاملي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي…………..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.