قاضي احمد: اسڪول ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب، شاگردن جون جهمريون

وامي آواز رپورٽ
قاضي احمد: اسڪول ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب، شاگردن جون جهمريون
وامي آواز رپورٽ قاضي احمد: اسڪول ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب، شاگردن جون جهمريون

قاضي احمد جي سماجي اسڪول ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي.

عوامي آواز نيٽ ورڪ جي سڏ تي ساٿ ويلفيئر پبلڪ اسڪول ۾ شاندار ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي.

تقريب ۾ شاگردن، شاگردياڻين ۽ ۾وٽروي پوليس جي عملدارن کانسواءِ مختلف ڌرين طرفان شرڪت ڪئي وئي.

ان موقعي تي شاگردن طرفان قومي گيتن تي جهمريون پڻ هنيون ويون.

تقريب ۾ شريڪ ٿيندڙن جو چوڻ هو ته اهڙي قسم جي سرگرمين جو مقصد ماڻهن ۾ شعور بيدار ڪرڻ آهي.

هنن چيو ته سنڌ جي ثقافت هزارين سال پراڻي آهي، شاگردن ۽ شاگردياڻين ٽوپي اجرڪ اوڍي ثابت ڪيو ته اسان قديم ثقافت جا وارث آهيون.

تقريب ۾ شريڪ ماڻهن جو چوڻ هو ته هو هر سال جيان هن سال به ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائي دنيا کي قديم ثقافت ذريعي امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏيندا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.