غوثپور ۾ ثقافتي سرگرميون جاري

وامي آواز رپورٽ
غوثپور ۾ ثقافتي سرگرميون جاري
وامي آواز رپورٽ غوثپور ۾ ثقافتي سرگرميون جاري

عوامي آواز  جي سڏ تي سموري سنڌ جيان  هڪ سنڌ هڪ ثقافت جي اھڃاڻ ۾ غوثپور شهر ۾  به ثقافتي سرگرميون چوٽ چڙھي ويون آھن.

شهر جي مين پرائمري اسڪول ۾ ھيڊ ماستر سيد ذوالفقار علي شاھ ۽ ٻين طرفان شاندار تقريب ڪوٺائي وئي.

جنھن ۾ سوين شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جتي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اسڪول جا  استاد توڙي شاگرد ثقافتي رنگ ۾ رنگيل نظر آيا.

ان موقعي تي شاگردن سنڌي گيتن تي رقص ، مختلف ٽيبلوز پيش ڪيا جڏهن ته تقريرون پڻ ڪيون.

پروگرام بابت استادن توڙي شاگردن  چيو ته اسان ھرسال وانگر ھن سال به عوامي آواز ميڊيا ۾گروپ جي سڏ تي پهرين ڊسمبر واري ڏينهن ثقافتي ڏهاڙو هڪ سنڌ هڪ ثقافت جي جھنڊي ھيٺ عيد جئيان ملهائيندا سين.

ھنن چيو ته اسان سنڌي ميڊيا جا ٿورائتا آھيون جنھن ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.