اداڪار فيصل قريشي شوٽنگ دوران زخمي…!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪار فيصل قريشي هلندڙ سال آڪٽوبر ۾  اعلان ڪيو هو ته هو جلد نئين پورجيڪٽ تي ڪم ڪندي نظر ايندو ۽ هاڻ اداڪار جي سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو به وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هو ڪنهن ڊرامي جي شوٽنگ ڪري رهيو آهي.

پر فيصل قريشي جي اها ويڊيو ڏسي مداح پريشان ٿي رهيا آهن، ڇو ته اداڪار ان ويڊيو ۾ هڪ اهڙو سين جي شوٽنگ ڪري رهيو آهي جنهن هن کي ٽئي گوليون لڳيون آهن.

 

Actor got seriously injured while shooting of upcoming project.

Actor got seriously injured while shooting of upcoming project.

Gepostet von Updates am Donnerstag, 28. November 2019

 

ان سين کي شوٽ ڪرائڻ بعد اداڪار جي هڪ تصوير به شيئر ٿي جنهن ۾ نقلي لڳڻ سبب سندس پٺيءَ تي زخم جو نشان موجود آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا:هالي ووڊ اداڪار شوٽنگ دوران فوت..!

ان کان پوءِ هڪ ٻئي ويڊيو ۾ فيصل قريشي ٻڌايو ته هو ٺيڪ آهي پر هن سان گڏ موجود ٽيم ميبرن جو چوڻ هو ته اداڪار ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي ۽ هن هو سخت زخمي ٿي پيو آهي.

ان سين جي شوٽنگ کي ڏسي ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته  فيصل قريشي ڪنهن اهڙي ڊرامي جي شوٽنگ ڪري رهيو آهي جنهن ۾ هو ڪنهن ناليواري شخصيت جو ڪردار نڀائي رهيو آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا:اداڪارا صنم چوڌري شادي ڪري ڇڏي

اداڪار پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي به هڪ مداح کي ٻڌايو ته هو جلد صحت ياب ٿي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.