کپرو: صوفي شاعر منٺار فقير راڄڙ جو ساليانو عرس شروع

وامي آواز رپورٽ
کپرو: صوفي شاعر منٺار فقير راڄڙ جو ساليانو عرس شروع
وامي آواز رپورٽ کپرو: صوفي شاعر منٺار فقير راڄڙ جو ساليانو عرس شروع

 

 

کپرو ويجهو صوفي شاعر منٺار فقير راڄڙ جو ساليانو عرس شروع ٿي ويو.

صوفي شاعر منٺار فقير راڄڙ جي 84 هين ورسي جي موقعي تي سالياني ميلي جو افتتاح درگاھ جي گادي نشين صوفي شاعر فقير محمد بخش ضامن ۽ ٻين گلن جي چادر چاڙهي ڪيو.

ان موقعي تي مچ ٻاري صوفي راڳين صوفياڻا ڪلام سنگھه جي انداز ۾ ڳائيندا رهيا.

صوفياڻي محفل ۾ شريڪ ماڻهو ڪلامن تي جهومندا رهيا.

عوامي آواز سان ڳالهائيندي گادي نشين فقير محمد بخش ضامن ٻڌايو ته عرس جي موقعي تي پري پري کان عقيدت مند ايندا آهن، جنهن دوران ڪيترائي راڳي فن جو مظاهرو ڪندا آهن.

هن چيو ته شاعر منٺار فقير جو پيغام ئي امن ۽ ڀائچاري جو هو، تنهن ڪري سڀني کي امن ۽ پيار سان رهڻ گهرجي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.