نوابشاهه: معذور نوجوان طرفان سرڪاري نوڪري ڏيڻ جي اپيل

وامي آواز رپورٽ
نوابشاهه: معذور نوجوان طرفان سرڪاري نوڪري ڏيڻ جي اپيل
وامي آواز رپورٽ نوابشاهه: معذور نوجوان طرفان سرڪاري نوڪري ڏيڻ جي اپيل

 

 

نوابشاهه جي معذور نوجوان سرڪاري نوڪري ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي.

حافظ عبدالڪريم چانڊيي روئيندي ٻڌايو ته هو معذور ۽ ست ٻارن جو پيءُ آهي، بجلي جي مرمت جو ڪم ڪري ٻارن جو پيٽ پاليندو آهي.

هن چيو ته محنت باوجود هو اولاد کي ٻه وقت جي ماني به نٿو کارائي سگهي، معصوم ٻار رات جو بکيا سُمهي پون ٿا.

حافظ عبدالڪريم چانڊيي ٻڌايو ته هو چونڊيل نمائندن وٽ به چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيو آهي، پر ڪو سندس مدد لاءِ تيار ناهي.

معذور حافظ عبدالڪريم چانڊيي اپيل ڪئي ته سندس مدد ڪئي وڃي جئين ٻارن جو پيٽ پالي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.