دنيا جا 80 سيڪڙو ٻار سستي ۽ ڪاهلي جو شڪار آهن: تحقيق

جنيوا (ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته هن وقت سڄي دنيا ۾ 11 کان 17 ورهين جي عمر جا 80 سيڪڙو ٻار تمام گھٽ جسماني سرگرمين ۾ حصو وٺي رهيا آهن جنهن سان هنن جي ذهني ۽ جسماني ٻنهي قسمن جي واڌ ويجهه متاثر ٿي رهي آهي.

واضح رهي ته واڌ ويجهه ڪندڙ  ٻارن ۾ 11 کان 17 ورهين تائين جي عمر نابالغ به چورائيندي آهي ڇو جو ان دوران اهي ننڍپڻ مان اڳتي وڌي بالغ ٿيڻ جي رخ طرف وڌندا آهن. اهو مرحلو 16 کان 17 ورهين جي عمر تائين مڪمل ٿي ويندو آهي جنهن کان پوءِ جواني جو زمانو  شروع ٿيندو آهي.

نابالغي  کي ان ڪري به اهميت ڏني ويندي آهي جو  ان دوران ٻارن ۾ جسماني، دماغي، نفسياتي ۽ جذباتي طور تي گھڻيون تبديليون اينديون آهن جيڪي بالغ ٿيڻ تائين مڪمل ٿي وينديون آهن. پر  جيڪڏهن انهن تبديلين ۾ ڪنهن به سبب جي ڪري رنڊڪ اچي وڃي يا رخ صحيح نه رهي ته پوءِ اهو سموري زندگي جو مسئلو بڻجي ويندو آهي.

صحت جي عالمي اداري جو چوڻ آهي ته نابالغي جي مرحلي تي ٻارن کي روز گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڪلاڪ تائين جسماني سرگرمين ۾ ضرور مصرورف رهڻ گھرجي،  ۽ هاڻوڪو مطالعو ان حوالي سان ڳڻتي جي صورتحال پيش ڪري رهيو آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا:ڪُميءَ جي پيٽ ۾ اينٽي بايوٽڪ دريافت…!

مشهور طبي تحقيقي رسالي ”دي لينسٽ چائلڊ ايڊوليسينٽ هيلٿ” جي تازي شماري ۾ ماهرن جي هڪ عالمي ٽيم 146 ملڪن جي 16 لک ٻارن جي انگن اکرن جو تجزيو ڪيو جيڪي 2001 ع کان 2016ع دوران گڏ ڪيا ويا هئا. ان تجزيي جي روشني ۾ ماهرن انڪشاف ڪيو آهي ته سڄي دنيا ۾ نابالغي جي مرحلي مان گذرندڙ 81 سيڪڙو ٻار هر روز ضروري جسماني سرگرمين ۾ حصو ناهن وٺي رهيا ۽ ڪنهن نه ڪنهن سبب سستي ۽ ڪاهلي ۾ مبتلا آهن.

اها صورتحال ان ڪري ڳڻجي جوڳي آهي ڇو ته 11 کان 17 ورهين جي عمر ۾ ٻارن جي درست واڌ ويجهه جو دارو مدار وڏي حد تائين انهن جي جسماني سرگرمين تي به هوندو آحي جن ۾ اهي روز حصو وٺندا آهن، ۽ جيڪڏهن عمر جي ان حصي ۾ ٻارن جي واڌ ويجهه متاثر ٿي وڃي ته ان جا ناڪاري اثر سڄي زندگي برقرار رهندا آهن.

هي به پڙهي سگھو ٿا:مڇي کان پوءِ کير پيئڻ گھرجي يا نه…ماهرن مسئلو حل ڪري…

ان مطالعي ۾ ٻيو اهم انڪشاف اهو به ٿيو آهي ته نابالغي ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ نابالغ ڇوڪرين ۾ جسماني سرگرمين (وزرش ۽ رانديون وغيره) حصو نه وٺڻ جي شرح تقريبن 10 سيڪڙو وڌيڪ هئي. اهو رجحان رڳو چئن ملڪن (ٽونگا، ساموآ، افغانستان ۽ زيمبيا) ۾ ناهي ڏٺو ويو. ان کان سواءِ 2001ع کان 2016ع تائين، جسماني سرگرمين جي حوالي سان ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن ۾ فرق به لاڳيتو وڌندو ويو، جيڪو 2016ع ۾ 90 سيڪڙو تائين پهچي ويو.

ان مطالعي ۾ ماهرن سڄي دنيا جي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته اهي نابالغ ٻارن ۾ جسماني سرگرميون وڌائڻ  ۽ صحت جي عالمي اداري جا مقرر ڪيل هدف حاصل ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏين ڇو جو سنگين مسئلو ڪنهن هڪ ملڪ جو نه پر سڄي دنيا جي نئين نسل جو آهي جن کي ايندڙ وقت ۾ واڳون سنڀالڻيون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.