حڪومت طرفان عوام کي وڏو ريليف، پيٽرول 25 پيسا سستو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي ڊسمبر مهيني جي لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 2 رپيا 90 پيسا في ليٽر تائين گهٽتائي جي تجويز پيش ڪري ڇڏي.

اوگرا طرفان پيٽروليم ڊويزن ڏانهن موڪليل سمري موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل (ايڇ ايس ڊي) جي قيمت ۾ 1.9 سيڪڙو يعني 2 رپيا 40 پيسا گهٽتائي جي تجويز ڏني وئي.

اهڙي ريت پيٽرول جي قيمت ۾ 0.2 سيڪڙو يعني 25 پيسا جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت ۾ 83 پيسن جي گهٽتائي جي سفارش ڪئي وئي.

ريگوليٽر طرفان پهرين ڊسمبر کان لائٽ ڊيزل آئل (ايل ڊي او) ۾ 2 رپيا 90 پيسا في ليٽر گهٽتائي جو چيو ويو.

جيڪڏهن اوگرا طرفان پيش ڪيل سمري منظور ٿي وڃي ٿي ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 127 رپيا 41 پين کان گهٽ ٿي 125 رپيا هڪ پيسا، پيٽرول جي قيمت 114 رپيا 24 پيسن کان گهٽ ٿي 113 رپيا 99 پيسا في ليٽر ٿي ويندي.

اهڙي ريت گاسليٽ جي قيمت ان منظوري سان 97 رپيا 18 پيسا گهٽ ٿي 96 رپيا 35 پيسا ٿي ويندي جڏهن ته ايل ڊي او 85 رپيا 33 پيسن سان گهٽ ٿي 82 رپيا 43 پيسا في ليٽر ٿي ويندو.

پر اوگرا طرفان پيٽروليم ڊويزن ڏانهن موڪليل سمري ناڻي واري وزارت کان پوءِ وزير اعظم جي منظوري لاءِ ويندي.

جنهن کان پوءِ ناڻي واري وزارت ان جي نون اگهن جو اعلان ڪندي، جيڪي پهرين ڊسمبر تي لاڳو ٿيندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.