سڄي دنيا ۾ فيس بڪ، واٽس ايپ ۽ انسٽاگرام جي سروس اوچتو متاثر

سان فرانسسڪو (ويب ڊيسڪ) سماجي رابطن جي سڀ کان وڏي ويب سائيٽ فيس بڪ ۽ انسٽاگرام جون سروسز اوچتو معطل ٿي ويون.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب سڄي دنيا ۾ فيس بڪ ۽ انسٽاگرام جي سروس متاثر ٿيڻ جا اطلاع موصول ٿيا آهن پر انتظاميا پاران ان ڏس ۾ ڪا به تصديق يا ترديد ناهي ڪئي وئي.

هي به پڙهي سگھو ٿا:ٽوئيٽر جو 6 مهينن کان غير فعال ٽوئيٽر اڪائونٽ ڊليٽ ڪرڻ جو اعلان

اطلاع موجب واهپيدارن کي تصويرون ۽ ويڊيوز شيئر ڪرڻ ۾ سخت ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، آمريڪا، ويت نام، ڪئنيڊا، جنيوا، سئٽزرلينڊ، ڊينمارڪ سوڌو ڪيترن ئي ٻين ملڪن ۾ به سوشل ميڊيا سروس متاثر ٿي آهي.

واهپيدارن موجب فيس بڪ ميسينجر تي پيغام موڪلڻ ۽ موصول ٿيڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي اهڙي طرح تصوير اپ لوڊ ناهي ٿي رهي جڏهن ته انسٽاگرام جو فيڊ به ڪم ناهي ڪري رهيو.

هي به پڙهي سگھو ٿا:فيسبڪ ”ميسينجر“ لاءِ نئون فيچر آزمائشي مرحلي ۾

اهڙي طرح واٽس ايپ جي ڪجهه ملڪن جا واهپيدار به سروس جي حوالي سان شڪايتون  ڪري رهيا آهن.

پاڪستاني واهيپدارن کي انسٽاگرام جي سروس استعمال ڪرڻ ۾ ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ٽيڪنالوجي تي نظر رکندڙ ماهرن سروس جي بندش جي حوالي سان رپورٽ به جاري ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.