اچو ته ثقافتي ڏهاڙو ڪارونجهر تي ملهايون

غازي بجير

سنڌ جنهن جي تاريخ هزارين سال پراڻي آهي، اسان وڏا خوشنصيب آهيون، جو اسان جو جنم اهڙي ڌرتي تي ٿيو آهي، جنهن تي اسين فخر محسوس ڪندا آهيون، ڪارونجهر کان وٺي ڪشمور ۽ ڪيٽي بندر کان وٺي ڪراچي تائين سنڌڙي پنهنجي پکيڙ رکي ٿي، جنهن ۾ اسان پلجي رهيا آهيون، سنڌ جي ثقافت جيڪي اڄ جي نه پر هزارين سال پراڻي آهي، جنهن جي ثقافت تي سڄي دنيا خوشي جو اظهار ڪري ٿي، سنڌ جي ثقافت تي سڄي دنيا ۾ هڪ الڳ ۽ منفرد مقام رکي ٿي، ڪجھ سالن کان اسان جا سنڌي ميڊيا جا ادارا هر سال ڊسمبر جي پهرين آچر تي ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جا اعلان ڪندا آهن، هن سال به پهرين ڊسمبر آچر ڏينهن تي هڪ سنڌ ۽ هڪ ثقافت جي سِري هيٺ اهو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جي حوالي سان سرگرميون تيزي سان جاري آهن، عوامي آواز ميڊيا گروپ جي هڪ بهترين روايت رهي آهي ته هو ثقافتي ڏهاڙي تي تعليم، صحت سميت سنڌ جي اهم مسئلن تي جاڳرتا مهم جو سلسلو شروع ڪندي آهي، هن دفعي به اسان جو جيڪو سلوگن آهي، اُهو اچو ته پنهنجا ماڳ بچايو آهي، اُنهي سلوگن تحت سنڌ جا جيڪي قديمي ماڳ آهن، انهن کي بچائڻ ۽ محفوظ ڪرڻ لاءِ جاڳرتا مهم هلائي پئي وڃي، جيڪا هڪ بهترين عمل آهي، اسان کي ثقافتي ڏينهن ملهائڻ سان گڏ پنهنجن ماڳن جي حفاظت ڪرڻي پوندي، تڏهن ئي پنهنجي ثقافت کي بچائي سگهنداسين، اُنهيءَ سلسلي ۾ هن وقت ڪارونجهر جي ڪٽائي ڪري جنهن جو قيمتي پٿر چوري ڪري کنيو پيو وڃي، اُتي اهڙي عمل خلاف 30 آڪٽوبر تي عوامي آواز ميڊيا گروپ طرفان هڪ اسٽوري شايح ڪئي ويئي هئي، اُنهي جو سيشن جج مشتاق احمد ڪلوڙ سختي سان نوٽيس وٺندي معدنيات کاتي کان رپورٽ طلب ڪئي هئي، اُنهي رپورٽ بعد سيشن جج مشتاق احمد ڪلوڙ منرل ۽ مائينس کاتي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر کي عدالت طلب ڪري سخت ڇنڊ ڀٽيندي وارننگ ڏني هئي ته ڪارونجهر جي ڪٽائي فورن بند ڪرائي پٿر کڻندڙ ڌرين تي ڪيس داخل ڪرايو، عدالتي سختي بعد نيٺ منرل اينڊ مائينس کاتي ڪارونجهر جي ڪٽائي بند ڪرائي. انهن دوستن کي به جس هجي جيڪي ڏينهن رات ڪارونجهر کي محفوظ ڪرڻ سميت جدوجهد ۾ لڳل آهن، انهن دوستن کي ڏينهن ۽ رات ڪارونجهر جو اونو آهي، جن جي اکين رڳو ڪارونجهر جا خواب ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جيڪي پنهنجي فطري ماڳ ڪارونجهر کي بچائڻ لاءِ سرگرم آهن، جڏهن سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن جي ٽيم چيئرپرسن جسٽس رٽائرڊ ماجده رضوي جي سربراهي ۾ ڪارونجهر پهتي ته ٻيلو کاتو، منرل ڊپارٽمينٽ ۽ ايريگيشن کاتي جي آفيسرن جا پگهر نڪري ويا، فائل ۽ ڪاغذات گڏ ڪرڻ لاءِ آفيسرن جون ڍوڙون لڳي ويون. ان سلسلي ۾ ٽائون ڪاميٽي ۾ کلي ڪچهري ڪئي، جنهن ۾ شهرين ۽ صحافين سميت ايريگيشن، پوليس، فاريسٽ ۽ منرل کاتي جي آفيسرن شرڪت ڪئي. کلي ڪچهري ۾ شهرين ڪارونجهر جبل جي وڻن جي واڍي ۾ ٻيلي کاتي کي ملوث قرار ڏيندي چيو ته ٻيلي کاتي جو صرف ننگرپارڪر تعلقي ۾ هڪ عملدار مقرر ٿيل آهي ۽ ٻيلي کاتي وارا رشوت وٺي ڪارونجهر جبل جا گگرال ۽ ٻيا وڻ وڍرائن ٿا،

هتي ذڪر ڪندو هلان ته ايريگيشن وارن غلط طريقي سان ڳوٺ آڌيگام سميت ٻين ڳوٺن ۾ ڊيم ٺاهيا آهن، پاڻي جا لنگهه هڪ پاسي آهن ته ڊيم وارا وري ٻئي پاسي، ڀوڏيسر جي ڊيم ۾ بجري اڇلائي اچ وڃ جا رستا بند ڪيا ويا آهن، ڀوڏيسر ۾ اڳ ۾ آسائشي تلاءِ موجود هو، ان تي پٿر اڇلائي ايريگيشن وارن ڊيم جو نالو ڏئي ڇڏيو، شهر جي واٽرسپلاءِ جي کوهن جي پاسي ۾ چائنا ڪلي جون فيڪٽريون هجڻ ڪري فيڪٽرين جو گندو پاڻي کوهن ۾ شامل ٿئي ٿو، اهو انساني حقن جي خلاف ورزي آهي، جنهن سان شهري مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن، ايريگيشن کاتي وارن جيڪي ڊيم ٺاهيا آهن، اهي ناڪاره آهن. انهن ڊيمن جو انسانن توڙي جانورن کي ڪوبه فائدو آهي. ايريگيشن وارن 20 ڊيم ٺاهيا آهن، جڏهن تہ ايريگيشن وارا مقامي ماڻهن کان به ڊيم ٺاهڻ بابت راءِ نٿا وٺن ۽ هيل برسات ننگرپارڪر ۾ وڌيڪ پوڻ باوجود صرف 3 کان 4 ڊيمن ۾ پاڻي جمع ٿي سگهيو آهي، جيڪو ايريگيشن کاتي جي نااهلي جو چٽو ثبوت آهي.

چائناڪلي فيڪٽرين وارا جتان کڏا کوٽي ڪڍن ٿا، انهن کڏن کي نٿا پورين، جنهن جي ڪري ماڻهو ۽ مال کڏن ۾ ڪري پون ٿا، جيڪا انساني حقن جي خلاف ورزي آهي، 1980 ۾ جڏهن ڪارونجهر جي ڪٽائي شروع ٿي هئي ته منرل کاتو ئي موجود نہ هو سازدا کاتو هو، جيڪو ختم ٿي چڪو آهي، ڪارونجهر جي ڪٽائي جي اجازت خبر ناهي ڪنهن ڏني هئي. ڪارونجهر جو پٿر کڻڻ لاءِ اين او سي جاري ٿيل ناهي،

ڪارونجهر جبل هتان جي ماڻھن جي جياپي جو ذريعو ھجڻ سان گڏوگڏ هتان جو تھذيبي ۽ تاريخي اهڃاڻ آھي، انڪري ان جو ھر قيمت تي تحفظ ڪرڻ هتان جي هر ماڻهو جو فرض آهي، علائقي واسين جو مطالبو آهي ته ڪارونجهر کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏياريو وڃي. ان سلسلي ۾ ننگرپارڪر جي رهواسين سڄي سنڌ کي دعوت ڏني آهي ته اچو ته پهرين ڊسمبر تي ثقافتي ڏهاڙو ڪارونجهر تي گڏجي ملهايون ته جيئن ڪارونجهر کي بچائي سگهجي، اهو جاڳرتا مهم تيز ٿي ويئي آهي، ڪارونجهر سنڌ جو اثاثو آهي، پهرين ڊسمبر تي سنڌين جي قومي عيد جو ڏينهن آهي، اچو ته اُنهي ڏهاڙي ڪارونجهر تي گڏ ٿي ڪارونجهر جي وارثي جو پيغام ڏيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.