هالي ووڊ اداڪار شوٽنگ دوران فوت..!

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) تائيوان ڄاول ڪئنيڊين اداڪار  ۽ ماڊل 35 ورهين جو گوڊفري گائو هڪ ريئلٽي شو جي شوٽنگ دوران ڪرڻ سبب فوت ٿي ويو.

گوڊفري گائو ڪيريئر جي شروعات ماڊل طور ڪئي هئي.

گوڊفري گائو هالي ووڊ فلمن ۾ ڊيبيو ڪيو هو ۽ اداڪارهن وقت تائين هڪ ئي فلم ۾ ڪم ڪيو هو.

گوڊفري گائو کي چين، گانگ ڪانگ ۽ تائيوان ۾ گھڻي شهرت حاصل هئي، کيس اها شهرت هڪ چيني ڊرامي ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکارڻ بعد ملي.

گوڊفري گائو جي ابن ڏاڏن جو واسطو تائيوان سان آهي، پر هو ڪئنيڊا ۾ پليو ۽ وڏو ٿيو ۽ اتي ئي پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪيائين.

هي به پڙهي سگھو ٿا:اداڪارا صنم چوڌري شادي ڪري ڇڏي

پرڏيهي خابرو اداري موجب گوڊفري گو چين جي مشهور ريس چيمپيئن ريئلٽي شو ۾ شرڪت لاءِ ويل هو ۽ ان جي شوٽنگ دوران اوچتو ڪري پيو.

رپورٽن موجب اداڪار ريئلٽي شو جي ڊوڙ جي سيگمينٽ لاءِ رڪارڊنگ ڪرائڻ دوران ڪريو.

ريئلٽي شو انتظاميا طرفان جاري ڪيل بيان موجب ڊوڙ شروع ڪرڻ کان اڳ گوڊفري گائو بلڪل خوش هيو ۽ مطمئن نظر اچي رهيو هو، پر ڊوڙ شروع ڪرڻ کان ڪجهه دير بعد اوچتو ڪري پيو.

هي به پڙهي سگھو ٿا:دبئي پهرين ڀيرو پاڪستان انٽرنيشنل اسڪرين ايوارڊز جي ميزباني ڪندو

رپورٽن موجب اداڪار جي ڪرڻ کان پوءِ طبي امداد ڏيندڙ رضاڪارن فوري طور تي پهچي کيس طبي امداد فراهم ڪئي ۽ ان کان پوءِ هن کي هنگامي بنيادن تي اسپتال منقل ڪيو ويو پر هو بچي نه سگھيو.

 

 

 

View this post on Instagram

 

👽上海堡垒 Shanghai Fortress 08/09/2019 🛸 #shanghaifortress #上海堡垒

A post shared by Godfrey Gao (@godfreygao) on

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.