وومين سيريز: ڀارت خلاف پاڪستان جو آءِ سي سي سان رابطو…!

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ دپاڪ-ڀارت وومين سيريز جي معاملي تي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل سان رابطو ڪري ورتو.

پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ آءِ سي سي چيمپيئن شپ جون ميچون جولاءِ کان آڪٽوبر جي وچ ۾ ٿيڻيون هيون پر ڀارتي رويي سبب اها سيريز نه ٿي سگھي.

پي سي بي ترجمان صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته پي سي بي ان معاملي تي هاڻ آءِ سي سي سان رابطو ڪيو آهي ته جيئن سيريز جو ڪو  فيصلو ٿي سگھي ڇو ته سيريز آءِ سي سي چيمپيئن شپ سائيڪل جو حصو آهي جنهن جون ٽاپ 4 ٽيمون 2021ع جي ورلڊ ڪپ لاءِ سڌيءَ ريت ڪواليفاءِ ڪنديون.

ترجمان چيو ته پاڪستان بورڊ سيريز ونڊو دوران ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي ڪيترائي ڀيرا لکيو پر ڀارت طرفان ڪو به جواب نه مليو ۽ هاڻ معاملو آءِ سي سي جي حوالي ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته گذريل سائيڪل ۾ جڏهن ڀارت پاڪستان سان سيريز کيڏڻ کان پاسو ڪيو هو ته آءِ سي سي ان جا پوائنٽس پاڪستان جي وومين ٽيم کي ڏنا هئا.

2017ع کان 2020ع جي موجوده چيمپيئن شپ سائيڪل جو آخري رائونڊ ڊسمبر ۾ شروع ٿي رهيو آهي جنهن ۾ پاڪستان انگلينڊ سان ملائشيا ۾ مقابلو ڪندو.

هي به پڙهي سگھو ٿا:پاڪستان هاڻ ڪنهن به ٻئي ملڪ ۾ سيريز نه کيڏندو…!

ڀارتي ٽيم سائيڪل جي ٻيون سموريون سيريز کيڏي چڪي آهي جنهن ۾ 18 ميچز ۾ ان  20 پوائنٽس حاصل ڪيو هيون جڏهن ته پاڪستان ٽيم جون 15 ميچن ۾ 15 پوائنٽس آهن.

جيڪڏهن ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان سان کيڏڻ کان انڪار ڪري ٿو ته هو ٽاپ فور ٽيمن مان آئوٽ ٿي سگھي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.