پاڪستان هاڻ ڪنهن به ٻئي ملڪ ۾ سيريز نه کيڏندو…!

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ هڪ ڀيرو  وري هوم سيريز ملڪ ۾ کيڏڻ عهد ڪندي واضح ڪيو آهي ته بنگلاديش خلاف سيريز سوڌو پاڪستان ڪا به سيريز نيوٽرل جاءِ  تي نه کيڏندو.

پي سي بي ترجمان موجب بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ خلاف ٻن  ٽيسٽ ۽ ٽن  ٽي ٽوئنٽي ميچز  لاءِ شروعاتي شيڊول بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ کي موڪليو ويو آهي. سيريز جي شروعات ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا:ڏکڻ آفريقا کي ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ پاڪستان اچڻ جي دعوت

ٻين مرحلي ۾ ٽي ٽوئنٽي ميچ ٿينديون. ان حوالي سان ٻنهي بورڊز وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جاري آهي. ڪجهه ڏينهن ۾ ان شيڊول تي وڌيڪ اڳڀرائي ٿيندي. بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جو سيڪيورٽي وفد لاهور ۽ ڪراچي جي وينيو جو جائزو وٺي چڪو آهي، بنگلاديش جي وومين ۽ انڊر 16 بوائز ٽيم پاڪستان ۾ کيڏي چڪي آهي.

ذريعن موجب هاڻ سريز کي ٻن حصن ۾ ڌار ڌار هنڌن تي ڪرائڻ ممڪن ناهي. پي سي بي پاڪستان سپر ليگ سوڌو پنهنجون سموريون هوم سيريز ملڪ ۾ کيڏڻ جي پاليسي بڻائي چڪو آهي، جنهن کي تبديل ڪرڻ هاڻ ممڪن ناهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا:امام الحق  ايڊيليڊ ٽيسٽ ۾ شرڪت لاءِ پرجوش…!

بنگلاديش خلاف ٽيسٽ ميچون آءِ سي سي ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو حصو آهن ۽ جيڪڏهن بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ ٽيسٽ ميچز کيڏڻ نٿو اچي ته پوءِ ان کي پوائٽس کان محروم ٿيڻو پوندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.