ڏکڻ آفريقا کي ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ پاڪستان اچڻ جي دعوت

لاهور (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پاڪستان ۾ ميزباني لاءِ پي سي بي ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽ بورڊ سان رابطو ڪري ورتو.

ذريعن موجب پروٽيزکي ايندڙ سال 3 ون ڊي ميچ کيڏڻ لاءِ ڀارت اچڻو آهي، پي سي بي کين دعوت ڏني آهي ته ٽيم واپسي تي پاڪستان ۾ به ٽئي ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏي.

ذريعن موجب ڏکڻ آفريقا جي بورڊ طرفان هاڪاري اشارا مليا آهن، ان ڏس ۾ وڌيڪ ڳالهه ٻولهه جو سلسلو جاري رهندو، معاملا طئي ٿي ويا ته امڪاني طور تي پروٽيز جو دورو پي ايس ايل کان پوءِ ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.