ايڊيليڊ (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اوپننگ بيٽسمين امام الحق آسٽريلا خلاف ٻين ٽيسٽ ميچ ۾ شرڪت لاءِ پرجوش آهي.
هي به پڙهي سگھو ٿا:ٽيسٽ سيريز ۾ خساري کي منهن ڏيندڙ قومي ٽيم ۾ تبديليون اڻٽر
پريس ڪانفرنس ڪندي امام حق چيو آهي ته پچ سٺي نظر اچي رهي آهي، ڊي اينڊ نائيٽ ٽيسٽ ٿيڻ سبب اسٽيڊيم ۾ رونق جا به امڪان آهن، برسبين ۾ ته نه کٽي سگھياسين پر بابراعظم ۽ محمد رضوان جي مزاحمت ٻين رانديگرن جو حوصلو وڌايو، پراعمتاد آهيون ته ايڊيليڊ ۾ ڪم بيڪ ڪنداسين، ميچ کان ٻه ڏينهن اڳ نيٽ سيشنز ۾ پنڪ بال کيڏڻ جي پريڪٽس جو موقعو ملندو، اميد آهي ته ڪنڊيشنز سان هم آهنگ ٿي وينداسين.
هي به پڙهي سگھو ٿا:اسپورٽس اينڪر زينب عباس شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي
هڪ سوال جي جاوب ۾ امام الحق چيو ته ايڊيليڊ ٽيسٽ ۾ پنهنجي شرڪت بابت يقيقني طور تي ڪجهه به نٿو چئي سگھان پر هڪ پروفيشنل ڪرڪيٽر کي سدائين تيار رهڻ گھرجي. اسٽيو سمٿ بهترين بيٽسمين ۽ ياسر شاهه ذهني طور تي مضبوط آهن، ٻنهي وچ ۾ مقابلو ڏسڻ لاءِ ملندو، مصنوعي روشنين ۾ پنڪ بال سان ايڪشن ۾ نظر ايندڙ محمد عباس ڪينگروز لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪري سگھي ٿو، پيسر فٽ ۽ موقعو ملڻ تي ڀرپور فائدو وٺڻ لاءِ تيار آهي.
Katy Perry set to ‘Roar’ at the final of ICC Women’s T20 World Cup 2020 on International Women’s Day https://t.co/GKnxtd5jb8 via @ICC
— ICC Media (@ICCMediaComms) November 12, 2019