مڇي کان پوءِ کير پيئڻ گھرجي يا نه…ماهرن مسئلو حل ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حقيقت ۾ چيو ويندو آهي ته جڏهن مڇي جي مٿان کير پيتو وڃي ته ان سان جلد تي اڇي رنگ جا نشان يا چٽري نالي مرض جو سبب بڻجي سگھي ٿو.

ان مرض ۾ جلد کي قدرتي رنگ ڏيندڙ جيو گھرڙا مخصوص رنگدار مادو ٺاهڻ ڇڏي ڏيندا آهن.

۽ اهو نظريو هاڻي جو نه پر صديون پراڻو خيال آهي ۽ اهي ٻئي شيون گڏ کائڻ پيئڻ صحت لاءِ هاڃيڪار سمجهيو ويندو آهي.

پر ڇا اهو واقعي درست آهي؟

ان جو جواب طبي سائنس اهو ڏنو آهي ته اهڙيون ڪي به شاهديون موجود نه آهن ته مڇي کائڻ کان پوءِ کير پيئڻ يا ڊيري شين جو استعمال هاڃيڪار ثابت ٿي سگھي ٿو يا جلد تي اڇي رنگ جا داغ ٿين ٿا.

هي به پڙهي سگھو ٿا:ڪُميءَ جي پيٽ ۾ اينٽي بايوٽڪ دريافت…!

طبي ماهرن موجب مڇي جا ڪيترائي پڪوان ڏهي سان تيار ڪيا ويندا آهن ۽ اهو چوڻ جي ضرورت ناهي ته ڏهي کير مان ئي ٺهندي آهي، جنهن سان اهو خيال هونئن ئي غلط ثابت ٿئي ٿو.

پر ٿي سگھي ٿو ته انهن ٻنهي جو ميلاپ بدهاضمي جو سبب بڻجي وڃي پر اهو به تمام گھٽ ماڻهن لاءِ مسئلو بڻبو آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا:ڪي پي ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر ۾ ورتل عورتن جا خطرناڪ انگ اکر…

جيڪڏهن ڪو فرد ڪنهن قسم جي ايلرجي جو شڪار هجي ته مڇي ۽ کير جي ميلاپ کان ضرور پاسو ڪرڻ گھرجي ته جيئن ڪنهن به قسم جي ايلرجي جا نشان نه ٿين.

ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته مڇي ۽ کير گڏ استعمال ڪرڻ سان ڪنهن به قسم جو نقصان ناهي ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.