ٽوئيٽر جو 6 مهينن کان غير فعال ٽوئيٽر اڪائونٽ ڊليٽ ڪرڻ جو اعلان

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن اوهان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر کي گھڻو استعمال ناهيو ڪندا ته بهتر آهي ته 11 ڊسمبر تائين گھٽ ۾ گهٽ پنهنجو اڪائونٽ لاگ ان ضرور ڪيو نه ته اوهان جو اڪائونٽ ڊيلٽ ٿي سگھي ٿو.

ٽوئيٽر طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته اهڙن واهپيدارن جا اڪائونٽ ڊليٽ ڪيا ويندا جيڪي 6 مهينن يا ان کان وڌيڪ عرصي تائين سائين ان نه هوندا.

هي به پڙهي سگهو ٿا:فيسبڪ ”ميسينجر“ لاءِ نئون فيچر آزمائشي مرحلي ۾

ٽوئيٽر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان ماڻهن جي ڳالهه کي بامقصد بڻائڻ لاءِ اهڙن اڪائونٽس جي صفائي چاهيون ٿا جيڪي استعمال ناهن ٿيندا ته جيئن وڌيڪ فائديمند ۽ اعتبار جوڳي ڄاڻ ٽوئيٽر تي شيئر ٿئي جنهن تي ماڻهو اعتماد ڪري سگھن.

ڪمپني جو چوڻ هو ته ان قدم جو مقصد ماڻهن ۾ ٽوئيٽر جي استعمال جي حوصلا افزائي آهي جڏهن ته انهن کي ياد ڏيارڻ آهي ته جڏهن هنن اڪائونٽ ٺاهيا هئا ته ان حوالي سان اسان جي پاليسي ۾ اها ڳالهه واضح ڪئي وئي هئي.

ٽوئيٽر طرفان اهڙن واهپيدارن کي نوٽيفڪيشن به موڪليو پيو وڃي جن گھڻي عرصي کان پنهنجو اڪائونٽ استعمال ناهي ڪيو.

هي به پڙهي سگهو ٿا:ٽوئيٽر ۾ وڏي تبديلي اچي وئي..!

ترجمان موجب 11 ڊسمبر کان پوءِ اهڙن واهپيدارن جا اڪائونٽس ڊليٽ ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيندو جيڪو ڪجهه مهينن ۾ مڪمل ٿيندو ڇو جو هڪ ئي وقت سڀ اڪائونٽ ڊليٽ ڪرڻ کان پاسو ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.