زرعي جنسن جا اگهه ۽ آبادگارن جو احتجاج

امتياز چانڊيو

سنڌ ۾ هونئن ته هر سال معمول مطابق ملهائيندڙ رسمون ته تمام گهڻيون آهن، پر هاڻي 2 سالن کان وٺي هڪ نئين رسم به پيدا ڪئي وئي آهي، هڪ اهڙي رسم جيڪا ڪنهن خوشي ۾ نه پر انتهائي مجبوري ڪري ٻن سالن کان ملهائجي رهي آهي، اها رسم سنڌ جا آبادگار پنهنجو حق نه ملڻ ڪري آڪٽوبر کان نومبر جي سڄي مهيني ۾ ملهائيندا رهن ٿا، حڪومت جي بي حسي خلاف ملهائجندڙ ان رسم کي ڪمند جو اگهه مقرر نه ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ شگرملون وقت سر نه هلائڻ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪري روڊ بلاڪ ڪري، ڌرڻا هڻي ملهائجندي ڏٺي ويندي آهي، منهنجي نظر ۾ معمول بڻيل ان رسم جو وقت جي حڪمرانن مٿان ڪو به اثر نه ٿيندو آهي ۽ حڪمران ان احتجاج کي نظرانداز ڪندا رهن ٿا.

هي به پڙهي سگھو ٿا:شاگردن کي سياست کان پري رکڻ واري سازش

هن وقت به شگرملن جي نه هلڻ ۽ ڪمند جو اگهه مقرر نه ڪرڻ خلاف سنڌ جي ڪمند جا آبادگار سراپا احتجاج بڻيل آهن، پر ايوانن ۾ ويٺلن حاڪمن مٿان ان جو شايد ڪو به اثر نٿو پوي، زراعت وارو صوبائي وزير توڙي ڪين ڪمشنر سنڌ به خاموش ويهي آبادگارن جي تباهيءَ جو تماشو ڏسي رهيا آهن، توڙي جو ڪمند جي سيزن ۾ آڪٽوبر کان اڳ پاسما ۽ آبادگارن سان گڏجاڻي ڪري ڪمند جو قانون مطابق اگهه مقرر ڪرڻو هوندو آهي، پر شگرمل مالڪن جي بااثر هجڻ ڪري ڪمند جي اگهه جو فيصلو حڪومت جا لاڳاپيل ادارا نه ڪري سگهيا آهن.

هونئن ته سڄي سنڌ جا آبادگار شگرملن جي انتظاميا خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن، پر تازو ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ آبادگار اتحاد جي سڏ تي ڪين ڪمشنر سنڌ جي آفيس شهباز بلڊنگ حيدرآباد سامهون سوين مجبور بڻيل آبادگارن ڪمند جون سڪل ڇڙيون کڻي احتجاج ڪيو ۽ ٿڌي سڙڪ واري روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، آبادگارن جي ساڳئي رڙ ۽ دانهن ته ڪمند جو اگهه مقرر ڪيو ۽ شگرملون هلايو. حيدرآباد جي ڪمشنر به پنهنجي رسم نڀائيندي آبادگارن جي هڪ وفد کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ هڪ بيان جاري ڪيو ته جلد ڪمند جي ملهه وارو مسئلو حل ڪيو ويندو، پر حل نه نڪتو، منهنجي خيال ۾ ڪمند جي اگهه مقرر ڪري سگهڻ وارو ڪم ڪمشنر جي هڪڙي جي وس جي ڳالهه ئي ناهي، ڇو ته جنهن معاملي تي صوبائي وزير بيوس بڻيل هجي ۽ ڪين ڪمشنر رڳو سيٽ ڀرڻ لاءِ ويهاريل ثابت ٿيو هجي، اهي به مسئلو حل نه ڪري سگهن ته پوءِ ڪمشنر ته هڪ ننڍڙو آفيسر آهي، اهو ڪيئن ٿو پاسما جهڙي طاقتور هاٿي سان منهنجي ڏئي سگهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا:صحت کاتي ڏانهن توجه جي ضرورت…!

بهرحال ڪمند جا آبادگار حق حاصل ڪرڻ لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهن، ڪڏهن اولڊ ڪيمپس کان پريس ڪلب تائين ريلي ٿا ڪڍن ته ڪڏهن لاڳاپيل اختيارين سامهون احتجاج ڪري پيا ٻاڪارين، جيستائين مون کي ياد ٿو اچي ته 2 سال اڳ جڏهن ڪمند جو ملهه مقرر ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرائڻ واري معاملي تي آبادگارن احتجاج ڪيو هو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ان آبادگارن جي احتجاج جو نوٽيس ورتو هو ۽ 182 روپيا في مڻ ڪمند جو ملهه مقرر ڪيو هو، مون کي حيرانگي اها به آهي ته شگرملن جا مالڪ ايترا ته بااثر آهن جو انهن سپريم ڪورٽ جي اگهه مقرري واري اعلان تي به عمل نه ڪيو ۽ پنهنجي مرضيءَ سان مجبور آبادگارن کي ملهه ڏيندا رهيا، تنهن ڪري مان سمجهان ٿو ته آبادگارن جو احتجاج هاڻي هڪ رسم ٿي وئي آهي، جيڪو هو نڀائيندا پيا اچن، پر سندن مسئلو حل ناهي ٿيڻو. شگرمل وارن کي به خبر آهي ته آبادگار پهريان احتجاج ڪندا، پوءِ کين سندن سامهون مجبور ٿي خاموش ٿيڻو پوندو.

اسان وٽ سنڌ ۾ زراعت لاءِ ڪا به پاليسي ناهي جوڙي وئي، هن شعبي ۾ “جيڪو ڏاڍو سو گابو” وارو قانون سدائين هلندو رهيو آهي، نه رڳو ڪمند پر سارين، ڪڻڪ، سورج مکي، ڦٽي ۽ ڀاڄين جي فصل سان به وڏا ويڌن ڪيا وڃن ٿا، جڏهن فصل تيار ٿئي ٿو ته ان جي ٽڪي ڌڙي لڳي ٿي، نتيجي ۾ آبادگارن کي مزدوري جيترا به پيسا نٿا ملن، هاري، زميندارن جا قرضي ٿي بک ۽ بدحالي ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور ٿين ٿا، انتظامي ظالماڻي پاليسي جي نتيجي ۾ سنڌ جي هارين ۽ ننڍن آبادگارن جي حالت تمام گهڻي خراب آهي.

ڪڻڪ ۽ سارين جو به ملهه صحيح مقرر نٿو ڪيو وڃي، ڪارخانيدار هارين کي لٽيندو رهي ٿو، هاري جي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي ۽ زميندار جي جوڙيل بٽائي واري بيرحماڻي هٿرادو قانون به هارين کي ايترو نقصان ڏنو آهي جو هارين ۾ هاڻي پنهنجا ٻچا پالڻ ۽ انهن کي پڙهائڻ جي سگهه به ناهي رهي، تنهن ڪري حڪومت کي گهرجي ته ڪنهن دٻاءَ کان ٻاهر اچي ڪمند جي آبادگارن سان انصاف ڪرائي فوري طور تي ڪمند جو اگهه مقرر ڪري شگرملن خلاف بي رحماڻو ڏنڊو ڦيرايو وڃي ته جيئن اهي وقت سر شگرملون هلائين. سنڌ ۾ نئين سر هاري ۽ مزدور دوست زرعي پاليسي جوڙي، فصل تيار ٿيڻ کان اڳ جنسن جا صحيح اگهه مقرر ڪيا وڃن، ڳوٺاڻي سطح تي ٽيمون موڪلي بٽائي بابت تفصيل حاصل ڪري هارين کي پنهنجو صحيح اجورو ڏياريو وڃي ته جيئن هاري به انسانن جيان سکي زندگي گذاري سگهي. آبادگارن جي احتجاج کي رسم بنائڻ بجاءِ ان جو سختي سان نوٽيس ورتو وڃي ۽ آبادگارن جا مسئلا ترجيحي بنيادي تي حل ڪيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.